ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ تعليم جي تباهيءَ جا ڪارڻ

Editorial-Article- Gulsher Sangi

اسين وڏي وقت کان ٻڌندا پيا اچون ته سنڌين جي تباهيءَ ۾ ٻاهريون قوتون ملوث آهن پر تعليم کاتي جي تباهيءَ کي جڏهن ويجهڙائيءَ کان پرکي ڏسندا ته اوهين چڱي ريت واقف ٿي ويندا ته سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ ۾ ٻاهرين قوتن جا هٿ نه پر سنڌ واسي ملوث نظر ايندا. تعليم کاتو اهو يتيم کاتو آهي جنهن جي ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون آهن. مختلف وقتن تي تعليم جي سڌاري جي نالي تي مختلف تجربا پڻ تعليم کاتي تي ٿيندا رهيا آهن. تعليم کاتو ايمرجنسي شعبي جي وينٽيليٽر تي پهتل آهي پر پوءِ به تعليم کاتي ۾ سڌارا آڻڻ بدران تعليم کاتي کي تباهي ڪناري پهچايو پيو وڃي. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اٽڪل 139 تعلقا آهن ۽ هر تعلقي ۾ تعلقا ايجوڪيشن آفيسر جون چار پوسٽون آهن ٻه پرائمري (ميل ۽ فيميل) ٻه سيڪنڊري (ميل ۽ فيميل) پر انهن مان گهڻيون پوسٽون خالي پيل آهن يا وري ايڊيشنل چارجز تي پيون هلن، جنهنڪري تعلقا ايڊمنسٽريشن اسڪولس جو انتظام ۽ استادن جي حاضري ۽ ڪارڪردگيءَ تي اثر پون پيا. ان سان گڏوگڏ شاگردن جي سرٽيفڪيٽ صحيح ڪرائڻ کان رٽائرمينٽ ڪرائڻ تائين جيڪا جُٺ ٿئي ٿي، اهو ته هڪ استاد ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
جڏهن ته تعلقا ايجوڪيشن آفيسر 17ھين گريڊ جي پوسٽ آهي پر اهي سيٽون خالي هجڻ ڪري ڪو ايڇ ايس ٽي استاد ان پوسٽ تي مڙهيل آهي، جنهن کي نه ته سروس بابت ضابطن جي خبر آهي نه ئي تعليم کاتي سان لاڳاپيل پاليسين جي خبر آهي.
ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ ڪيترائي ھاءِ ۽ هائير سيڪنڊري اسڪول آهن، جن ۾ 17، 18، 19 ۽ 20ھين گريڊ جون گزيٽيڊ هيڊ ماسٽرس جون پوسٽون آهن پر انهن اسڪولن ۾ ڪٿي ايڇ ايس ٽي يا او ٽي استاد انچارج ھيڊماستر مقرر ڪيا ويندا آهن. ائين ڪرڻ سان اتان جي استادن، استاد يونين، آفيس کي جيترو فائدو ٿئي ٿو، ان کان ڏهوڻو قوم جو نقصان ٿئي ٿو ڇو ته انهن اسڪولن جي نالي ڪانٽيجنسي جي مد ۾ لکين رپيا فنڊ ايندو آهي ۽ ڪانٽيجنسيءَ جي مد ۾ لکين رپين جو فنڊ جيڪو نان گزيٽيڊ هيڊماستر هجڻ جي ڪري يا ته فنڊ ليپس ٿي وڃي ٿو يا ان جا ڊي ڊي او اختيار ڪنهن من پسند گزيٽيڊ آفيسر کي ڏئي بجيٽ کي ڦٻايو ويندو آهي. اسڪولن جا ٻار نتيجي طور صفائي سٿرائي، پاڻي، بجلي، فرنيچر جهڙن بنيادي سهولتن کان محروم رهن ٿا.
جڏهن ته ڊويزن سطح تي پرنسپل اڪائونٽس آفيسر عام طور تي ڊائريڪٽر اسڪولس ٿئي ٿو، جيڪو اهڙن 10 کان 15 اسڪولن جا ڊي ڊي او اختيار ڪنهن هڪ استاد کي ڏئي پنهنجو حصو پتي وٺي ٿو. ڇا اهڙن ڊائريڪٽرن کان ڪو پُڇڻ وارو آهي.
تازو تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ وٺي استادن جي ڀرتي جو عمل نئين پاليسي 2021ع تحت شروع ڪيو ويو ڀرتي جي عمل کي شفاف نموني انجام ڏيڻ لاءِ موجوده تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ۽ سيڪريٽري ايجوڪيشن اڪبر لغاري جون ڪاوشون ڪافي حد تائين قابل تعريف آهن. 2021ع جي پاليسي تحت ٿيندڙ ڀرتين جي طريقيڪار موجب ڊسٽرڪٽ سليڪشن ڪميٽي جوڙي وئي، جنهن جو چيئرمين ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري ٿيو ۽ ڪميٽيءَ جي ٽي او آرز موجب جيڪڏھن ڪو به ميمبر کُٽل هوندو ته ڪميٽيءَ جو چيئرمين ڊائريڪٽر اسڪولس جي معرفت نئون ميمبر چونڊرائيندو پر هتي ڪنهن به ضلعي ۾ ائين نه ٿيو ۽ نه ئي ڪميٽيءَ جا کُٽل ميمبر پورا ٿيا نه ئي سليڪٽ ٿيل ميمبرن کي اعتماد ۾ ورتو ويو. انهن جي صحيح بنا ڀرتيون ڪيون ويون. ڪميٽي ميمبرن کي اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ پڙتال کان به بي خبر رکيو ويو.
سنڌ جي تعليم کاتي سان ٻي ويساهه گهاتي به سنڌ جا آفيسر ۽ ماستر پاڻ ئي ڪندا آيا آهن. سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان گوسڙو استاد گهر ويٺي پگهار کڻندا رهيا آهن ۽ انهن کي وائکو ڪرڻ لاءِ 2016 ع کان مانيٽرنگ ۽ ايويليوئشن جو بنياد رکيو ويو ۽ ان اداري هر سال DEOs کي اهڙن استادن جا نالا ڏنا ويا پر ڪجھه ڪونه ٿيو. آخرڪار مانيٽرنگ ۽ ايويليوئشن جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل 2021ع ۾ هڪ جامع رپورٽ شايع ڪرائي.
رپورٽ موجب اهي ملازم ڪيترن ئي سالن کان اسڪولن ۾ موجود ناهن. نتيجي طور سنڌ جا ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن. مٿان وري ٻيو ظلم اهو ٿيو ته نئين ٿيل ڀرتين ۾ سياسي سفارش تي استاد شهري اسڪولن ۾ رکيا ويا. شهر ۾ STR اسٽوڊنٽ ٽيچر ريشو تمام گهڻو بگڙيل آهي. شهر جي هر اسڪول ۾ 10 کان 15 استاد STR اسٽينڊرڊ کان وڌيڪ آهن ۽ ٻهراڙي ۾ 100 ٻارن تي به هڪ استاد رکيل آهي. نون ڀرتي ٿيلن ۾ گهڻو انگ يونيورسٽي گريجوئيٽس جو آهي، جيڪي استادي پيشي ۾ ٿوري وقت لاءِ هجڻ جي دعوا ڪن ٿا ۽ اسڪول کي ٽائيم گهٽ ڏين ٿا. اڄ به نون استادن مان ڪافي استاد لاهور، ڪراچي، حيدرآباد ۾ سي ايس ايس ۽ پي سي ايس جي تياريءَ لاءِ نڪتل آهن ۽ اسڪولن ۾ انهن جي صحي هيڊماستر پاڻ ڪن ٿا يا وري اسڪول انتظاميا سخت هجڻ ڪري ڊي اي او ۽ ڊائريڪٽر کان موڪل ڪرائي اسڪول مان غيرحاضر رهن ٿا.
سنڌ سول سرونٽس رولس سان وري جيڪا مذاق تعليم کاتي ۾ ٿي رهي آهي، اهڙي شايد ئي ڪنهن ٻي کاتي ۾ هجي. هڪ استاد جڏهن 30 سال ريگيولر ڊيوٽي ڪري ٿو ۽ 30 سالن ۾ ڪا به موڪل نٿو وٺي ته هن جا 360 ڏينهن ايل پي آر ۾ ڳڻيا ويندا پر هتي استاد ڪيتريون موڪلون وٺن ٿا جيڪي سروس بڪ ۾ داخل نٿيون ڪيون وڃن ۽ وڏي ڳالهھ ته اها جيڪي 5 يا 6 سالن کان دائمي غير حاضر آهن، اهي به رٽائرمينٽ تي 360 ڏينهن LPR کڻن ٿا پر آئون سمجهان ٿو ته ڊي اي او کي leave Rules جي خبر ناهي يا هُن جي بدنيتي شامل آهي.
تازو ئي ڀرتي ٿيل استاد جن کي 6 مهينا ئي مس ٿيا آهن، انهن کي به 2 کان 3 مهينا earned leave جا آرڊر ڪري اسڪولن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. سنڌ صوبي جي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ فرنيچر جي تمام گهڻي کوٽ آهي. ان کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڊائريڪٽرس کي فرنيچر خريد ڪرڻ جي مد ۾ ڪروڙين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا، فرنيچر جا ٺيڪا وري لاهور جي ڪمپنيءَ کي ڏئي مهانگو فرنيچر ورتو ويو. اهو نه فقط مهانگو پر ناقص پڻ آهي. انهن کي اڌ انچ جي ميخن سان بند ڪيو ويو آهي جيڪو ٽٽڻ کان پوءِ مرمت جوڳو به ناهن.
سنڌ جي تعليم کاتي ۾ شفاف طريقي سان جيڪا ڪرپشن ٿي رهي آهي، ان جي جيڪڏهن شفاف نموني جاچ ٿئي ته ڪيترائي آفيسر سوگها ٿي سگهن ٿا پر هتي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڪار آهي. ڪرپشن ڪندڙ ڪامورا فقط بدلي ٿيندا رهيا آهن. ڪڏهن به انهن کي سزائون نٿيون ڏنيون وڃن. نتيجي طور ڪرپشن هر کاتي جيان تعليم کاتي ۾ به پنهنجا پير پُختا ڪري ورتا آهن. سنڌ جي تعليم کاتي سان ٿيل ظلمن جي ڪٿا تمام وڏي آهي، سنڌ جي هر ساڃاهه وند کي اپيل ٿي ڪجي ته پنهنجي يو سي سطح تي اسڪولن جي سار لهو اسڪولن ۾ وڃي استادن سان ملو ۽ انهن کي درپيش مسئلن کي ٻڌو ۽ انهن جي ڪارڪردگي جاچيو. پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪري هر ماڻهو تعليمي ادارن جي مالڪي ڪري ته جيئن تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ کي بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button