ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هر اوڳاڙي عوام کان

Editorial

هاڻوڪي حڪومت عوام مٿان معاشي بار وجهڻ جو ڪوبه موقعو نٿي وڃائي. اڃا هن حڪومت کي آئي سال به ڪونه ٿيو آهي پر تنهن هوندي به اها مهانگائي مٿان مهانگائي ڪندي پئي وڃي. هاڻوڪي حڪومت ايتري مهانگائي ڪري ڇڏي آهي جو ماڻهن وٽ زهر کائڻ جا به پئسا ڪونه بچيا آهن. دوائون، کاڌي پيتي جون شيون، پيٽرول، گئس، بجلي توڙي ٻيون ڪيتريون شيون ڏينهون ڏينهن مهانگيون ٿي رهيون آهن. عوام ڪيترو پريشان آهي، ان حوالي سان حڪومتي وزيرن کي ڪا پرواهه ڪونهي ۽ آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ نئين ڊيل تحت حڪومت هڪ ڀيرو وري عوام مٿان معاشي بار وجهڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن. هڪ ڀيرو وري دوائون ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون آهن. بخار جون گوريون ۽ دوائون به هاڻ مهانگيون ڪيون وينديون. جڏهن ته عام ماڻهو قوت خريد اڳ ئي گهٽجي وئي آهي ۽ اها ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اجلاس ۾ بخار جي دوا جي اگهن ۾ واڌ ۽ بجلي رٿائن لاءِ قرض تي وياج جي رقم عوام کان وٺڻ جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ بخار جي دوا جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو، بخار جي پنج سئو ملي گرام گوريءَ جي قيمت 2 رپيا 6 پئسا ۽ 3 رپيا 3 پئسا مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ويهه دوائن جي اگهن ۾ پرچون قيمت جي مقرريءَ جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بجلي منصوبن لاءِ ورتل قرض تي وياج جي رقم به عوام ادا ڪندو، بجلي واهپيدارن تي هڪ رُپيو في يونٽ سرچارج لڳائڻ جي منظوي ڏني وئي. سرچارج ٽي سئو يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪرڻ وارن گهريلو واهپيدارن تي لاڳو هوندو. فنانس سرچارج ذريعي بجلي صارفين کان 76 ارب رُپيا اُوڳاڙيا ويندا. پڌرائي موجب بجلي بلن تي فنانس سرچارج هلندڙ سال مارچ کان جون تائين لاڳو رهندي، سرچارج ڪي اليڪٽرڪ سميت بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ سمورين ڪمپنين جي واهپيدارن تي لاڳو هوندي. اي سي سي پاور هولڊنگ ڪمپنيءَ کي 283 ارب رُپين جي رقم جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني ۽ چيو ته فنانس ڊويزن ڪمپنيءَ کي وياج سميت رقم جي ادائيگيءَ لاءِ نئين گارنٽي ڏي. اقتصادي رابطا ڪميٽي آگسٽ ۽ سپٽمبر 2022ع لاءِ فيول ايڊجسٽمنٽ سرچارجز جي به منظوري ڏني. جڏهن ته ٻوڏ متاثر علائقن جي آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجليءَ جا بل معاف ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني. اي سي سي ٻوڏ متاثر علائقن جي ڪمرشل واهپيدارن لاءِ آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي بجلي بلن جي ادائيگي ملتوي ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيل علائقن جي بجلي بلن لاءِ ڏهه ارب 34 ڪروڙ رُپيا گرانٽ جي منظوري ڏني وئي. اي سي سي آءِ ايم ايف جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ نظرثاني ٿيل سرڪلر ڊيٽ پلان جي منظوري ڏني ۽ اجلاس ۾ بچاءُ واري وزارت لاءِ 45 ڪروڙ رُپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي. هن صورتحال کي ڏسجي ته عوام مٿان هر قسم جو معاشي بار وجهڻ ڪنهن به ريت جائز ڪونهي پر حڪومت پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪندي، بجلي واهپيدارن تي واڌو بار وجهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هڪ رپيو في يونٽ سرچارج لڳايو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته ملڪ جو عوام جيڪو ذهني ۽ جسماني طور ڪيترين ئي بيمارين ۾ وڪوڙيو پيو آهي، ان لاءِ دوائون مهانگيون ڪرڻ ڪنهن به ريت جائز ڪونهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها جو جيڪا مهانگائي عمران خان جي اڳوڻي حڪومت ڪئي هئي، اها گهٽائي وڃي ها پر هاڻوڪي حڪومت ته مهانگائيءَ جون ڇپون عوام مٿان ڪيرائي رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عوام تي مهانگائيءَ جو واڌو بار نه وڌو وڃي ته جيئن اهو گهٽ ۾ گهٽ ساهه کڻڻ جهڙو ته ٿئي. پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت عوام جون اميدون ڌوڙ ڪري ڇڏيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button