ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجليءَ تي ٽيڪس اوڳاڙي لاءِ نيپرا جي درخواست

پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت عوام کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ ته تيار ڪونهي پر جيڪي سهولتون اڳ عوام کي مليل هيون اهي به کسي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته عوام جي کل لاهڻي آهي ۽ عوام کي ڪابه رعايت ناهي ڏڻي. تنهنڪري آءِ ايم ايف سان ڪيل تازي ڊيل ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته نون ٽيڪسن جو بار سڌي ريت عوام مٿان ئي وڌو ويندو ته جيئن مراعت يافتا طبقو ان کان بچيل رهي. ملڪ ۾ بجلي اڳ ئي مهانگي لڳي پئي آهي، ان کي وڌيڪ مهانگو ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي، جنهن لاءِ نيپرا به درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
بجلي ڪمپنين واهپيدارن کان سترنهن ارب اڻويهه ڪروڙ اسي لک رُپيا اوڳاڙڻ جي اجازت گهري ورتي آهي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا ) ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. نيپرا 22 هين فيبروريءَ تي ڪمپنين جي درخواست تي شنوائي ڪندي. ليسڪو ڇهه ارب چوٽيهه ڪروڙ ستر لک رُپيا، گيپڪو ڇهه ارب 56 ڪروڙ سٺ لک رُپيا، فيسڪو چار ارب 47 ڪروڙ 90 لک رُپيا، ميپڪو 2 ارب چاليهه ڪروڙ 70 لک رُپيا ۽ آئيسڪو هڪ ارب ٻٽيهه ڪروڙ ويهه لک رُپيا اوڳاڙڻ جي درخواست ڏني آهي. نيپرا شنوائي کان پوءِ درخواست جي منظوري بابت فيصلو ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت بجليءَ جي بلن تي ڏنل سبسڊي ختم ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ مارچ مهيني ۾ بجليءَ جا بل اضافي سرچارج سان اوڳاڙيا ويندا. ذريعن موجب سبسڊي ختم ٿيڻ کان پوءِ مارچ ۾ بجليءَ جا بل اضافي سرچارج سان گڏ بجلي واهپيدارن کي موڪليا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوري طور تي مارچ ۾ بجلي بلن ۾ اضافي سرجارچ ٽي رُپيا 21 پئسا يونٽ کان 18 رُپين تائين هوندو، منصوبي تحت جون تائين بجلي جي في يونٽ قيمت 23 رُپيا 39 پئسا ڪئي ويندي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سستي بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ئي رٿائون هلي رهيون آهن ۽ انهن کي عمل ۾ پڻ آندو ويو آهي پر پاڪستان ۾ بجليءَ کي سال ۾ ڪيترائي ڀيرا مهانگو ڪيو ويندو آهي ۽ عوام ايتري مهانگي بجلي ٻارڻ کان پوءِ به ڪجهه ڪونه ڪڇندو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي عوام جي حق تي ڌاڙو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بجلي پيدا ڪرڻ جا سستا وسيلا ڪتب آندا وڃن ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻي سگهي.

وياج سبب آپگهات ڪندڙ ماڻهو

سنڌ ۾ وياجين کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪندڙن جا واقعا روز اخبارن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا رهندا آهن. غريب ماڻهن جي معاشي تنگدستيءَ جو فائدو وٺندي ڪيترائي وياج ڏيندڙ انهن جي مجبورين جو فائدو وٺندي وقتي طور انهن کي پئسا ڏيندا آهن پر جڏهن اهي قرض وياج سوڌو واپس نه ڪري سگهندا آهن ته انهن کي تنگ ڪيو ويندو آهي ۽ ان کان سواءِ انهن جي حالت ايتري ته ڏتڙيل هوندي آهي جو اهي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻڻ ئي بهتر سمجهندا آهن. ان ۾ ڪئين اين جي اوز به ملوث آهن، جيڪي ننڍي پئماني جا قرض ڏئي ماڻهن کي ڦاسائي انهن کان ٽيڻ چئوڻ تي پئسا وٺنديون آهن. ايستائين جو ماڻهو پنهنجي گهرن جا ٽپڙ وڪڻي به اين جي اوز کي قرض واپس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو شهرن ۾ وياج جو ڪاروبار ڪن ٿا، اهي به ماڻهن جون زندگيون زهر ڪريو ويٺا آهن. ڪالهه به اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي.
خيرپور ڀرسان ڳوٺ کرڙاهه ۾ وياجين کان تنگ ٿي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ عورت زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي. ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ کرڙاهه ۾ وياجين کان تنگ ٿي ڪارو پٿر پي آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ عورت 5 ٻارن جي ماءُ فرزانا لنجواڻي سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ فوت ٿي وئي، واقعي سبب گھر ۾ ڪهرام مچي ويو آهي. فرزانا لنجواڻي گذريل ڏينهن وياجين پاران تنگ ڪرڻ تي ڪارو پٿر پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي ھئي، جنهن کي ڳڻتي واري حالت سول اسپتال خيرپور ۾داخل ڪيو ويو ۽ بعد ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ھوءَ زندگيءَ جي جنگ ھارائي وئي. فرزانا لنجواڻي جي مڙس مريد لنجواڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فياض لاشاري، بشير احمد کان 30 ھزار وياج تي ورتا ھئا، جن کي 3 لک روپيا ڏئي چڪا آھيون پر پوءِ به وياج خور تنگ ڪندا ھئا، جن کان تنگ ٿي فرزانا خودڪشي ڪئي آھي. ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته فرزانا لنجواڻي جي قتل جو ڪيس وياج خورن مٿان داخل ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
سماج ۾ وياج جي وڌندڙ وبا ماڻهن کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ ماڻهن جون زندگيون انهن وٽ ڄڻ ته گروي رکيل آهن. تنهنڪري سنڌ ۾ جتي به وياجي موجود آهن ۽ جيڪي ماڻهن کان قرض جا پئسا ادا ڪرڻ کان پوءِ به پئسا ڦرڻ جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي معاملو رڳو ڪنهن کي وياج تي پئسا ڏئي ان جي معاشي سهائتا ڪرڻ جو ڪونهي پر انهن ماڻهن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ وارو عمل آهي. جنهن کي جيترو جلدي ٻنجو ڏجي ته بهتر ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button