ھونئن ته سڄي دنيا ۾ ڪيترائي عظيم عالمي ڏينهن ملھايا ويندا آهن پر اڄوڪو ڏينهن (14 فيبروري) ويلنٽائن ڊي دنيا جي سَمورن ڏينهن کان وڌيڪَ اهميت رکي ٿو، جيڪو نفرتن، جفائن، رسامن، بيوفائين، لالچن، خودغرضين ۽ غرور کي ختم ڪري ٿو. مَن اندر جي اڌمن مان محبت، عشق، پيار، وشواس، اعتماد، يقين ۽ احساس کي جنم ڏئي ٿو، جنهن لاءِ ھڪ ڏينھن، ھڪ سيڪنڊ ۽ ھڪ منٽ مقرر ناھي نه ئي ڪا سرحد آهي. پيار ۽ محبت صدين کان فطرت طرفان ھِن روءِ زمين تي قائم آهي. ھِن عشق ۽ پيار جي شروعات تڏهن ٿي، جڏهن ٻه نيڻ نيڻن سان اڙجي ويا. ڇيرن جي ڇمڪار ۽ مڌر آوازن جا آلاپ چنڊ ۽ ستارا ڪهڪشان ۾ ٽڪرائجي ويا ۽ عشق جا تجلا مستيءَ ۾ آڪاش کان ٿيندي درياھن، ندين، چشمن، سمنڊ، گلڙن، پکي پکڻ ۽ انسانن سميت ھر ھڪ جيوت لاءِ فطرت عاشق ۽ محبوب جھڙن جوڙن کي تخليق ڪري پيار، محبت ۽ پريت جي نازڪ ڌاڳي کي تاعمر تائين ٻڌي ڇڏيو آهي، جنهن کي ڪيترائي عاشق ۽ محبوب عشقِ وصيت سمجهي سنڀاليندا اچن.
عشق جنھن سڄي دنيا ۾ ماڻهن آڏو آشڪار ڪرايو، ھِن عشق جا پروانا ھر وقت اڏيءَ تي ڪڏي ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن ۽ نفرتن کي محبت جو جام پياري سدائين لاءِ اُتم ڪري ڇڏيندا آهن. صدين تائين عاشق ۽ محبوب ھِن ڌرتيءَ تي پيار، محبت جھڙي جذبي کي قائم ڪندا آيا آهن جيڪو ھِن ڌرتيءَ تي پھچڻ لاءِ صدين جا سَفر طئي ڪري جسمن کان ڏور رھي انساني صُورت ۾ سمائجي ويندو آهي، جيڪو ڌرتي ۽ سرتيءَ جو روپ اختيار ڪري صدين تائين ھِن ڌرتيءَ تي امر بڻجي ويندو آهي، جنھن ۾ خوف جو تصور ختم ٿي ويندو آهي. محبتن جا ويري دشمن سندس راھن ۾ وڏيون پابنديون ۽ بندشون وجهي پيار کان محروم ڪيو ويندو آهي پر اُن باوجود به ھو سمورين پابندين ۽ بندشين کي لتاڙي عشق جا راھي بڻجي پنھنجي منزل حاصل ڪندا آهن. جتي پيار ۽ محبت کي سنگين ڏوھه سمجھيو وڃي اُتي سدائين نفرتون ئي جنم وٺنديون آهن.
جيڪڏهن عشق ۽ محبت ڪرڻ گناھه آهي ته لطيف سائين شاعريءَ جي سُرن ۾ محبت جو نِينهن تنبوري جا سُر ۽ مرزا مغل بيگ جي نياڻي سان پريت جو سنگم نه ٿئي ھا، هوءَ بيماري جي بستري تي محبت جي اُنھن اڌمن ۾ سڏڪا نه ڀري ھا، جيڪو محبت جام لطيف سائين مرزا مغل بيگ جي نياڻيءَ جي آڱر پڪڙي نگاھن جي اشارن سان پياري ڇڏيو. جيڪڏھن ائين نه ھجي ته لطيف سائين عشق جي آڙاهه مان نڪري صحرائن ۾ نه ڀٽڪي ھا. نفرتن جي گھري ٻاٽ جي ويراني ۾ سَفر جي عشق جي رمزن جا حقيقي رنگ ڳولڻ لاءِ بُلهي شاهه يار کي پرچائڻ لاءِ قصور جھڙي شھر ۽ گھٽين ۾ ڇير پائي رقص ڪري جھومي عشق جي منزل نه ڳولي ھا، ته وري ساڳيا ئي عشق جي اوتڻ جا آواز درازا جي ننڍڙي ڳوٺ ۾ سچل سرمست جي شاعريءَ جا اُھي ڇرڪائيندڙ آلاپ سندس شاعريءَ ۾ بنا نقاب جي يار جي ديدار لاءِ ڇير پائي سمنڊ جي لھرن ۾ گُم ٿي رُوح کي راحت بخشي امر بڻجي ويندا ته وري عشق تابش جي اڌمن ۾ سَرد سياري جي ھوائن ۾ مرزا قليچ بيگ پنهنجو جُبو ساڙي محبت کي خوبصورت انارڪلي ڇوڪري جيان پنھنجي شاعريءَ کي جنم ڏئي فطرت جي خدائيءَ ۾ نئون رنگ ڀري ھا. اُھي سڀ عشق جي منزل جا مسافر ھئا، جن عشق کي سمجھي دل ۾ پيار جا ديپ جلائي پيار کي وکيري ھڪ نئين پيار جي دنيا کي جنم ڏنو، جتي پيار ئي پيار ھجي ۽ نفرت جو تصور نه هجي.
14 فيبروري ويلنٽائن ڊي جي باري ۾ سيڪيولر ۽ آزاد خيال دانشور طبقي جي راءِ هِي آهي ته ويلنٽائن ڊي خوشيون ۽ مُحبتون ورهائڻ جو ڏينهن آهي، پر اَسان وٽ اُن جي اُبتڙ سماج اندر رسم رواج ھلي رھيا آھن. جڏھن ته بنياد پرست ماڻهو ويلنٽائن ڊي کي غيرمذھبي ۽ يھودين جي سازش سمجهن ٿا، پر پوءِ به اُن ڏينھن کي سَمورن ڏينهن کان وڌيڪ اھميت حاصل آهي. اَسان وٽ لڳ ڀڳ ھڪ ڏھاڪي کان ھِي عظيم ۽ مانائتو ڏينهن ملھايو وڃي ٿو. ويلنٽائن ڊي جي باري ۾ سماج ۾ رھندڙ اَسان جا سماجي ماڻهو ھِن وڌندڙ لاڙي کي ڏسندي ھتي غير رواجي ۽ هٿ ٺوڪين رسمن جو بنياد وجھي ھِن ڏينهن کي ھتان جي پريمين ۽ عاشقن کان پيار جو حق کسي ڪنهن ٻي معنا ۾ ٻڌائي ماڻهن ۾ نفرت جي لھر پيدا ڪري محبت کان محروم ڪيو پيو وڃي.
جڏھن ته اَسان وٽ ھِن ڏينهن کي سنڌ جي قومي شھيدن، ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ کان ويندي ھر اُن رَتُ ۽ احساس جي نانءُ منسوب ڪري ملھايو وڃي جيڪي صدين کان ھِن ڌرتيءَ لاءِ جدوجھد ڪندا رھن ٿا. اُن سان گڏوگڏ جيڪي سنڌ جا قومي ڪارڪن آھن، اُنھن کي گھرجي ته ھِي ڏڻ پيءُ، ماءُ، ڌرتي ۽ سنڌ جي شھيد عاشقن لاءِ ملھائين، جيڪي سنڌ ڌرتيءَ سان وفاداريءَ جو وچن ورجائي ڌرتيءَ جو مانُ مٿانهون ڪري ڌرتيءَ تان شھيد ٿي ويا. ھِي سلسلو اصل ۾ 14 فيبروريءَ جو ڏينهن روم جي هڪ عظيم انسان سينٽ ويلنٽائن جي مارجڻ جو ڏينهن آهي کيس اُن ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي ته هُو پريمي جوڙن جي لڪ ڇپ ۾ شاديون ڪرائي روم جي بادشاهه ڪلاڊيس سان بغاوت ڪري رهيو هو، جنهن جو خاص نالو ويلنٽائن ڊي آهي جڏهن ته اُنهن لفظن جي معنا اُها ناهي پر هِي نالو ويلنٽائن اُن شخص جو آهي، جنهن پيار لاءِ پاڻ پتوڙيو هو.
ويلنٽائن لاءِ ٻيون به ڪجھه ڪهاڻيون آهن پر سڀني ڪهاڻين جو تت اُهو ئي آهي ته ويلنٽائن پيار ڪرڻ جو ڏوھه ڪيو هو. اُهو ڏينهن عيسائي مذهب ۾ حرام ناهي. اُهي باقاعده عقيدت سان اُهو ڏينهن ملهائين ٿا پر اَسان وٽ اُهو ڏينهن حرام ڪيو ويو آهي. انتهاپسند ماڻهو ھِن ڏينهن کي رد ڪري هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ٻڌائي پيار جھڙي نعمت کان محروم ٿا ڪن. جيتوڻيڪ پيار فطري عمل آهي. منھنجي ڄاڻ مطابق دنيا جي سمورن مذهبن ۾ پسند ڪرڻ جو حق اسلام سميت ھر ھڪ مذھب ڏئي ٿو ۽ اظهار ڪرڻ جو به، پر اَسان جو مُلڪ پاڪستان مذهبي بنياد پرستيءَ جي وَرِ چڙهي ويو آهي. جيڪو سيڪيولرزم جي دعوا ڪري ٿڪجي ئي ڪونه ٿو. جڏهن اُن جي سامهون ڪيترائي مُلڪ سيڪيولر ٿي ويا، پر هتان جي ماڻهن جي آزاد سوچ صليب تي چڙهيل رهي آهي. ھر روز اُنھن جي خوشين جو قتل ڪيو پيو وڃي. هتي ماڻهن جي چپن کي تالا لڳايا ويا وڃن ٿا ۽ سندن اکين کي اهڙي پٽي ٻڌي ٿي وڃي جو هي رنگن سان ڀريل جهان اُنهن لاءِ ڄڻ هڪ قيد خانو هجي.
سنڌ واسين سميت پُوري پاڪستان کي عرض رکجي ٿو ته پيار جي ديوتا “ويلنٽائن” کي هر سال 14 فيبروريءَ تي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ۽ اُن ڏينهن کي “محبت جو ڏينهن” ڪري ملهائي ويلنٽائن جي عظمت جا گُڻ ڳايا وڃن، جيڪو پيار ۽ محبت کي بچائي سوريءَ تي چڙهي ويو. اچو ته اَڄوڪي ڏينهن سڀ گڏجي جسم جي ميلاپ کي ڇڏي ڌرتيءَ جي عشق ڏانهن اچون ۽ پنھنجن شھيدن جيان ڌرتيءَ لاءِ جدوجھد ڪري تاريخ ۾ اُنھن شھيدن جيان ڪردار ادا ڪري سدائين لاءِ امر ٿي وڃون.