ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ حڪومت جو هڪ سٺو فيصلو

Editorial

دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري گهڻو ڪجهه تبديل ٿي رهيو آهي، موسمياتي تبديليون دنيا جي معيشت تي به اثرانداز ٿي رهيون آهن، ڪٿي ٻوڏون پيون اچن ته ڪٿي وري سوڪهڙا آهن. پروڪي سال پاڪستان ۾ ٻوڏ آئي هئي، جنهنڪري ملڪ جو گهڻو ئي معاشي نقصان ٿيو هو. ڪروڙين ماڻهو دربدر ٿيا ۽ ماڻهن جي روزگار جا وسيلا پڻ کسجي ويا. اڃا تائين به ماڻهو دربدر لڳا پيا آهن ۽ انهن جي بحاليءَ جو مسئلو جيئن جو تيئن برقرار آهي. موسمياتي تبديلين بابت سجاڳيءَ لاءِ سنڌ حڪومت اسڪولن ۾ مضمون متعارف ڪرائڻ جو رٿيو آهي.
سنڌ حڪومت سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلين بابت سجاڳي لاءِ ڌار مضمون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ سمورين يونيورسٽين جي وي سيز کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي. ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو پاران سيڪريٽري يونيورسٽيز محمد مريد راھمون ۽ سمورن يونيورسٽين جي وي سيز کي موسمياتي تبديلي بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ ڌار مضمون تي ڪم شروع جون هدايتون ڪيون ويون آهن. ان سلسلي ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن سبب سنڌ وڌيڪ گرمي ۽ سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان بچڻ لاءِ يونيورسٽين جي شاگردن کي بنيادي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته يونيورسٽين ۾ موسمياتي تبديلي بابت مضمون پڙھائڻ سان انساني صحت جو معيار بھتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته مضمون جي تعليم سان سامونڊي گدلاڻ، صنعتي ويسٽ مئنجمينٽ ۽ اسپتالن جي ويسٽ ڊسچارج جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پاڪستان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي، هن وقت جيڪڏهن موسمياتي تبديلي بابت آگاهي نه ڏني وئي ته ايندڙ نسل وڌيڪ مسئلن کي منهن ڏيندو. سنڌ سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديليءَ کان متاثر ٿي رهي آهي، موسمياتي تبديلي پاڪستان جي خوراڪ جي پيداوار لاءِ تمام خطرناڪ آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت جو هي هڪ بهترين فيصلو آهي پر ان کان به اهم ڳالهه اها آهي ته موسمياتي تبديلين کان بچڻ لاءِ جيڪي عملي اپاءَ آهن، اهي ورتا وڃن. جيئن ٻيلا پوکيا وڃن، جهنگلي جيوت سان هٿ چراند نه ڪئي وڃي. ان کان سواءِ ڪنهن به ريت فطرت سان مهاڏو نه اٽڪايو وڃي. ماحول دوست شين کي هٿي ڏني وڃي. تنهنڪري مضمون شامل ڪرڻ سان گڏوگڏ عملي طور اپاءَ وٺڻ لازمي آهي. جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي نظر انداز ڪندي رڳو مضمونن تي زور ڏنو ويندو ته ان سان به ڪم نه هلي سگهندو. ان ڪري حڪومت هر شعبي ۾ ماحوليات کي بهتر ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي.

مهانگائي مٿان مهانگائي
حڪومت مهانگائي ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گهٽايو آهي پر واپارين جي هڪ هٽي به عوام لاءِ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي. هاڻوڪي مهانگائي سبب نه رڳو ماڻهن لاءِ پنهنجي گهرن جو چلهو ٻارڻ مسئلو ٿي ويو آهي پر زندگيءَ جون ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. تنهنڪري جيڪي شيون ڪجهه وقت اڳ ۾ ڪنهن قدر سستيون هيون، انهن جا اگهه هاڻ آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. عام ماڻهو ڪا عياشي نٿو ڪرڻ چاهي پر اهو رڳو زندگيءَ جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ چاهي ٿو. پر مهانگائيءَ جي ڪري اهي ضرورتون پوريون ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ ماڻهو اٽي لاءِ پريشان لڳا پيا آهن ته سنڌ ۾ وري ڪڪڙ جو گوشت ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جو ماڻهو کائڻ کان ئي توبهن ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان موجب ڪڪڙ جو گوشت 700 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ڪڪڙ جو گوشت هڪ عام اسم آهي، پر ان جا اگهه به ايترا مهانگا ڪيا ويا آهن جو عام ماڻهو هاڻ انهن اگهن کي پڄي نٿو سگهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب مهانگائيءَ جي سونامي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪڪڙ جي گوشت جا اگهه به تاريخ جي سڀ کان مٿانهين سطح تي پهچي ويا آهن. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ٽن ڏينهن دوران 100 رپيا وڌي وئي آهي، جنهن کان پوءِ هاڻي گوشت 700 کان 720 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، لاهور ۾ ڪڪڙ جو گوشت 620 رپيا ۽ ڪوئيٽا ۾ اگهه 700 رپيا في ڪلو تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف لاهور ۾ دڪانن تان هڪ ڀيرو ٻيهر اٽو غائب ٿي ويو آهي، گهڻن دڪانن تي 10 ڪلو وارو سرڪاري اٽي جو ٿيلهو به دستياب ناهي ۽ 15 ڪلو واري ڪمرشل اٽي جي فراهمي پڻ گهٽجي وئي آهي. جڏهن ته فلور مل مالڪن اڄ کان سڄي صوبي ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي اعلان کان پوءِ پنجاب حڪومت هڙتال لا ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ 12 فلور ملن جي ڪڻڪ جي ڪوٽا معطل ڪري ڇڏي آهي. ڇا حڪومت کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته عام ماڻهو لاءِ حالتون ڪيتريون خراب ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو ڪيئن گذارو ڪري رهيا آهن. هن صورتحال کان پوءِ اندازو ڪري سگهجي ٿو ته حڪومت کي ان ڳالهه جي پرواهه به ڪونهي ته عوام جي حالت ڪهڙي ٿي ٿئي ۽ عوام ڪهڙي حالت ۾ گذارو ڪري رهيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن ۽ امڪان اهي آهن ته حالتون اڃا به وڌيڪ خراب ٿينديون ۽ ماڻهو پريشانيءَ کي منهن ڏيندا. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت بحران مٿان بحران پيدا ڪرڻ بدران بحران حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن عوام جي پريشانين ۾ واڌ نه ٿئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button