پاڪستانرانديون

پي ايس ايل جو ميلو شروع،لاهور قلندرز پهرين مئچ ۾ ملتان کي هڪ رنس تان هارائي ڇڏيو

پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو اٺون سيزن ملتان ۾ شروع ٿي ويو، جنهن جي پهرين مئچ ۾ دفاعي چئمپين لاهور قلندرز مخالف ٽيم ملتان سلطانز کي سخت مقابلي بعد هڪ رنس تان شڪست ڏئي ڇڏي. 176 رنسن جي جواب ۾ ملتان 174  رنسون ٺاهي سگهي، ڪپتان محمد رضوان 75 ۽ شان مسعود 35 رنسن جي اننگز ذريعي 100 جي اوپننگ ڏياري پر ٻيا بئٽر سوڀ ڏياري نه سگهيا، لاهور طرفان فخر زمان ففٽي اسڪور ڪري نمايان رهيو. لاهور کي زمان خان جي شاندار بالنگ آخري اوور ۾ ڪاميابي ڏياري ڇڏي. ان کان اڳ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿيل انڊلٺي افتتاحي تقريب ۾ آئما بيگ، عاصم اظهر، شائي گل ۽ ٻين فنڪارن سرن جي ورکا سان چارچنڊ لڳائي ڇڏيا، ان موقعي تي زبردست آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظامي ڪميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو ته دبئي کان شروع ٿيل پي ايس ايل جو سفر اڄ ملتان پهچي ويو آهي، ايندڙ سال اسان ڪوئيٽا ۽ پشاور به وينداسين. هن وڌيڪ چيو ته پي ايس ايل پاڪستان کي وڏا اثاثا ڏنا آهن ۽ عوام کي خوش ڪيو آهي، هي ڪرڪيٽ ۾ عالمي معيار جو اهڙو برانڊ آهي، جنهن تي اسان فخر ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button