اسلام آبادپاڪستان

زلزلي متاثرن جي بحالي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين:وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، سيءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سومر ڏينهن ترڪيه جي سفارتخاني جي دوري جي موقعي تي ڪيو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. هن پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان تباهي آڻيندڙ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي افسوس ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته زلزلي جي ڪري قيمت جانين جي زيان تي تمام گهڻو ڏک ٿيو، هولناڪ زلزلي ۾ قيمتي جانين جي زيان تي پاڪستاني قوم ڏکويل آهي، اسان جون سموريون همدرديون ترڪ ڀائرن سان گڏ آهن. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پوري پاڪستاني قوم ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، ترڪ ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، پاڪستان مان امدادي سامان ترڪيه موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي، امدادي سامان ۾ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون شامل آهن، سرديءَ کان بچاءُ جي لاءِ خيما، ڪمبل، گرم ڪپڙا ۽ ٻيون ضروري شيون پهچايون پيون وڃن. هن چيو ته ترڪيه جي ڀائرن جي لاءِ فضائي، سامونڊي ۽ ٽرڪن ذريعي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ٽرينن جي ذريعي به امداد جي فراهمي تي غور ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي وزارت ۽ ترڪيه ۾ پاڪستاني سفير روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪري رهيا آهن جنهن جي ڏس ۾ امدادي سامان جي فراهمي جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته زلزلي متاثرن جي بحالي تائين ترڪ ڀائرن جي حمايت جاري رکنداسين، ترڪ ڀائرن جي مدد ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين، ترڪ حڪومت 2005ع جي زلزلي، 2010ع جي ٻوڏ ۽ تازي ٻوڏ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي. هن ترڪيه جي سفير کي چيو ته هو ترڪ ڀائرن جي ضرورتن جي حوالي سان آگاهه ڪري ته جيئن انهن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ امداد جو بندوبست ڪري سگهجي، اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت سان گڏ آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button