پاڪستانعالمي

ترڪيا ۽ شام ۾ جاني نقصان 36 هزار کان به ٽپي ويو، 2 ڪروڙ سٺ لک ماڻهو متاثر

ترڪيا ۽ شام جي زلزلي متاثر علائقن ۾ 8 ڏينهن اندر فوتين جو انگ 36 هزارن کان ٽپي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ترڪيا ۾ 31 هزار 643 ۽ شام ۾ چار هزار پنج سئو ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. زلزلي سبب تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان ماڻهن جي ڳولا جاري آهي، ترڪيا ۾ 140 ڪلاڪن بعد ستن مهينن جي ٻار کي ملبي مان ڪڍيو ويو آهي، ان کانسواءِ تيرنهن ورهين جي نينگري کي پڻ ملبي هيٺان ڪڍيو ويو آهي. ترڪ وزارت انصاف ناقص اڏاوت ۾ ملوث ماڻهن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن شام ۾ 4 هزار 614 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي. واضح رهي ته تاريخ جي بدترين زلزلي سبب ترڪيا ۾ ڇهه هزار عمارتون تباهه ٿي ويون آهن. ان حوالي سان صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن ۾ 2 ڪروڙ سٺ لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، متاثرن لاءِ چار ڪروڙ اٺاويهه لک ڊالرن جي فوري امداد جي اپيل ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button