پاڪستان

روس سان تيل ۽ ڪڻڪ خريداري بابت ڳالهائي ڇڏيو هو، باجوا ڪم ڦٽايو:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته انسان ۽ جانورن جي معاشري ۾ انصاف سڀ کان وڏو فرق آهي، ذهني غلامي سڀني کان وڌيڪ خوفناڪ هوندي آهي، اسان اڄ تائين ذهني غلامي مان ٻاهر نڪري نه سگهيا آهيون. لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪيل خطاب ۾ هن چيو ته طاقتور ماڻهو اين آر او وٺي ڇڏين ٿا، ملڪ ۾ قبضا گروپ لامارا ڏئي رهيا آهن، قوم جي وسيلن جي چوري به ڪرپشن هوندي آهي، گذريل 8 مهينن اندر ڊالر جي اگهه ۾ 100 رپيا واڌ ٿي آهي، آئين چئي ٿو ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ گهرجي پر هي چونڊون نٿا ڪرائڻ چاهين، ڪجهه ڊالرن لا اسان آمريڪا کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ڪنهن ٻئي ملڪ جي مفاد لا ٺهي ته توهان آزاد نه هوندا آهيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش هئي ته روس کان سستي ڪڻڪ وٺون، مون کي نٿو لڳي ٻوڏ سبب هاڻي ڪڻڪ جي اها ساڳي پيداوار هوندي، پيوٽن سان طئي ڪري ڇڏيو هو ته روس اسان کي سستو تيل ڏيندو، جڏهن واپس آيس ته باجوا چيو يوڪرين مٿان حملو ڪرڻ تي روس جي مذمت ڪريو، مون چيو اسان کي ڀارت جيان نيوٽرل رهڻ گهرجي، آمريڪا کي خوش ڪرڻ لا باجوا پاڻ روس جي مذمت ڪري ڪم ڦٽائي ڇڏيو، مان پنهنجي عوام جي ڳالهه ڪري رهيو هئس، ٻين لا پاليسيون ٺاهبيون ته نتيجو اهو ئي نڪرندو آهي جيئن اڄ مهانگائي جي صورت ۾ نڪتو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان انتظار ڪندا رهندا آهيون ته پهرين پئسا ايندا پو فلاحي رياست ٺهندي، منهنجي تحريڪ جو مقصد ئي انصاف جي نظام لا وڙهڻ آهي، جيستائين قانون طاقتور ڏوهارين کي اين آر او ڏيندو رهندو ڪنهن به ملڪ جو ڪو مستقبل نه هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button