پاڪستان

تحريڪ انصاف ٻئي مرحلي ۾ ”آئين بچايو تحريڪ“ هلائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف پنجاب ۾ 90 ڏينهن جو آئيني مدو پورو ٿيڻ بعد عام چونڊون نه ڪرائڻ جي صورت ۾ آئين بچايو تحريڪ هلائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي. پارٽي ذريعن موجب عدالتي فيصلي باوجود جيڪڏهن پنجاب ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊون نه ٿيون ته نئين حڪمت عملي تي عمل ڪيو ويندو. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان “آئين بچايو تحريڪ” جي حوالي سان وڪيلن ۽ سول سوسائٽي سان صلاح مشورو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان تحريڪ انصاف جي وڪيلن (لائيرز ونگ) کي متحرڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب آئين بچايو تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ وڪيل، سول سوسائٽي ۽ پارٽي اڳواڻ احتجاج ڪندا ۽ ٻئي مرحلي ۾ عمران خان پاڻ ميدان ۾ لهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button