پاڪستانعالمي

ترڪيا ۾ زلزلي بعد مليل 5 هزار لاشن جي اجتماعي تدفين

ترڪيا ۾ گذريل هفتي آيل خوفناڪ زلزلي سبب فوت ٿيل 5 هزار ماڻهن کي اجتماعي طور دفنايو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ قبرن جي کوٽائي وارو ڪم جاري آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ترڪيا جي شهر ماراش ۾ فوت ٿي ويل گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار ماڻهن جا گمنام لاش اجتماعي طور دفنايا ويا آهن، عمارتن جي ڍير هيٺان هٿ آيل لاشن جي تدفين لا جهنگ جي هڪ وڏي حصي کي اجتماعي قبرن لا صاف ڪيو ويو آهي، جتي سڄو ڏينهن تابوت کڻي ايندڙ گاڏين جي اچ وڃ جاري رهي ٿي پر سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري پونئيرن کي قبرن جا نالا ۽ نمبر ڳولڻ ۾ سخت ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، ان سلسلي ۾ انتظاميا قبرن جي ڪتبن بدران ڪاٺ جا ڏنڊا لڳائي ڇڏيا آهن، جن تي فوت ٿيلن جون تصويرون ۽ نمبر لڳايا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button