غير درجه بندي

عمران خان تي 200 سيڪڙو آرٽيڪل 6 واجب ٿئي ٿو:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي صوبائي وزير اطلاعات چيو آهي ته سنڌ ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سان وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو وڏو نقصان ناهي ٿيو، جنهن سان روڊ رستا تباهه ٿيا، لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا، پوکيون متاثر ٿيون. ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عالمي مالياتي ادارن جي سهڪار سان 23 ضلعن ۾ 22 لک گهر تعمير ڪري رهي آهي، هارين کي في ايڪڙ 5، 5 هزار روپين جي مالي معاونت ڏني پئي وڃي، جڏهن ته آپباشي نظام ۽ روڊن جي انفرااسٽرڪچر جي مرمت ۽ بحالي جي منصوبن تي خاص توجهه ڏني پئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀلائي جي رياستن جو ڪم ئي اهو آهي، اهو ناهي ته ڀلائيءَ جو نالو ورتو وڃي ۽ جڏهن چار سالن جي اقتدار کانپوءِ پڇيو وڃي ته توهان عوام لاءِ ڇا ڇا ڪيو ؟ ته جواب ايندو زيرو کان زيرو. هن چيو ته پي ٽي آئي جي حڪومت عوام کي ڪوڙن نعرن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. هن چيو ته مونکي الله تعاليٰ نئين زندگي ڏني. مونکي کي صبح جو 5 وڳي شديد دل جو دورو پيو ۽ مونکي فوري طور تي اين آئي سي وي ڊي حيدرآباد پهچايو ويو ۽ منهنجو سرڪاري اسپتال ۾ معياري علاج ٿيو. هن چيو ته هر طبقي جي ماڻهن لاءِ سنڌ ۾ بيمارين جو علاج مفت آهي، سنڌ جي هر ضلعي ۾ اين آئي سي وي ڊي جو نيٽ ورڪ ٺاهيو آهي، فلاحي حڪومتون عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنديون آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي عوام ۾ پنهنجي ڪمن جي سبب ڪامياب ٿي رهي آهي. هن چيو ته سليڪٽيڊ ماڻهو ڏينهون ڏينهن عوام جي سامهون ايڪسپوز ٿي رهيا آهن. هن چيو ته قوم سان ان کان وڏو مذاق ڪهڙي ٿي سگهي ته عمران خان 10 مهينن تائين عوام کي بيوقوف بڻائيندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته کين ٻاهرين سازش جي تحت آمريڪا هٽرايو. ڪالهه عمران خان پنهنجي انٽرويو ۾ هن پوري بيانيي کي غير موثر ۽ ختم ڪري ڇڏيو. هن چيو ته هاڻي عمران خان تي 200 سيڪڙو آرٽيڪل 6 واجب ٿئي ٿو. نه صرف عمران خان بلڪه هن وقت جي ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي قاسم سوري ۽ صدر عارف علوي ٽنهي جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت فوري ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي. هن چيو ته ڊپٽي اسيپڪر قومي اسيمبلي سائفر جي ڪاپي قومي اسيمبلي ۾ ڦڙڪائي وزيراعظم جي خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ کي پنهنجي غير آئيني رولنگ جي تحت ختم ڪيو هو ۽ آئين جي خلاف ورزي جو مرتڪب ٿيو. هن چيو ته 10 منٽن کانپوءِ خبر آئي ته وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي آهي. هن چيو ته صدر عارف علوي شايد پريزيڊنٽ هائوس جي دروازي تي ڪرسي رکي ڪري ويٺو هو، جيئن ئي ان وٽ وزيراعظم هائوس مان سمري آئي، هن ان کي منظور ڪري ورتو. صوبائي وزير چيو ته پاڪستان قوم سان گڏ گندو مذاق ڪيو ويو آهي، عمران خان قومي ڏوهي آهن. هاڻي هي وفاقي حڪومت تي لازم آهي ته فوري طور تي عمران خان، صدر عارف علوي ۽ قاسم سوري تي آرٽيڪل 6 جي تحت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي، هي قانون جي حڪمراني جو معاملو آهي، اسان سڀ آئين ۽ قانون جي پاسداري جو حلف وٺندا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button