سنڌ

سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آئي جو مهانگائي خلاف احتجاج،واڪ آئوٽ

سنڌ اسيمبلي ۾ سومر تي ايوان جي ڪارروائي جي شروعات ۾ ئي گوڙ ۽ شور شروع ٿي ويو، مخالف ڌر اڳواڻ کي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏيڻ ۽ مهانگائي جي خلاف پي ٽي آئي زبردست احتجاج ڪيو ۽ ايوان جي ڪارروائي مان علامتي واڪ آئوٽ به ڪيو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ سومر تي ايوان جو ماحول ان وقت سخت ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو، جڏهن اسپيڪر آغا سراج دراني مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ کي پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيڻ کان منع ڪيو، اسپيڪر جو چوڻ هو ته هو ايجنڊا جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيندو، اسپيڪر جي ان رولنگ پي ٽي آئي جي ميمبرن کي مشتعل ڪري ڇڏيو ۽ انهن پنهنجي سيٽن تان اٿي سخت نعريبازي شروع ڪئي، پي ٽي آئي جا ميمبر مهانگائي جي خلاف پلي ڪارڊ ۽ پوسٽرز پهريان کان ٺاهي کڻي آيا هئا، جيڪي سندن هٿن ۾ هئا، اپوزيشن ميمبرن مهانگائي جي خلاف نعريبازي ڪندي اسپيڪر جي سيٽ جو گهيرا به ڪيو، احتجاج ڪندڙ ميمبر مهانگائي وڏي مهانگائي شرم ڪرو ٻڏو مرو جا نعرا هڻي رهيا هئا، جنهن سان ايوان مڇي مارڪيٽ جو منظر پيش ڪرڻ لڳو، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته هي ڪو طريقو نه آهي، جو ڪوبه ميمبر اوچتو اٿي بيهي ڳالهائڻ شروع ڪري، هو ايوان کي قائدن مطابق هلائيندو. هن چيو ته جيڪڏهن اوهان نٿا چاهيو ته اجلاس هلي ته مان اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيان ٿو، ايوان ۾ گوڙ سبب اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، وقفي کان پوءِ جڏهن ٻيهر اجلاس جي ڪارروائي شروع ٿي ته اسپيڪر ايوان ۾ بدنظمي جي واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته ڪافي عرصي کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيو آهي پر لڳي ٿو ته ڪجهه ميمبرن کي ايوان جي ڪارروائي سان ڪائي دلچسپي نه آهي، اپوزيشن ليڊر گڙٻڙ ڪري هليو وڃي ٿو، اسپيڪر چيو ته اوهان کي ايوان ۾ 5 سال ٿي ويا، جيڪڏهن پوءِ به اوهان کي سيکارينداسين ته ڇا فائدو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button