سنڌ

17 فيبروي تي سکر ۾ پيپلز بس سروس جي باقاعده شروعات جو اعلان

صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ 17 فيبروري تي سکر ۾ عوام لاءِ پيپلز بس سروس جو باقاعده شروعات ڪرڻ ۽ 18 فيبروري کان حيدرآباد ۽ ان کانپوءِ 20 فيبروري کان ڪراچي ۾ عورتن لاءِ مخصوص پنڪ سروس جا وڌيڪ روٽس جي شروعات ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. صوبائي وزير اها خوشخبري پيپلز بس سروس سان لاڳاپيل اعليٰ سطحي اجلاس کانپوءِ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌائي. پيپلز بس سروس جي بابت اجلاس ۾ ڪيل اهم فيصلن جي باري ۾ ٻڌائيندي هن چيو ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي کانپوءِ 17 فيبروري تي سکر جي عوام کي جديد ۽ سستي بس سروس جي سهولت ملي ويندي. صوبائي وزير چيو ته 18 فيبروري تي عورتن لاءِ مخصوص پيپلز پنڪ بس سروس جو حيدرآباد ۾ شروعات ڪئي ويندي. جڏهن ته 20 فيبروري تي ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن روٽس تي پيپلز پنڪ بس سروس جي شروعات ڪئي پئي وڃي ۽ پيپلز پنڪ بس سروس کي روٽ ون جي فليٽ ۾ وڌيڪ بسن جو اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته پنڪ بس سروس روٽ ٽو پاور چورنگي نارٿ ڪراچي کان انڊس هاسپيٽل ڪورنگي سڌو ناگن چورنگي، شفيق موڙ، گلشن چورنگي، جوهر موڙ، سي او ڊي ڊرگ روڊ، شارع فيصل، شاهه فيصل ڪالوني، سنگر چورنگي، ڪورنگي نمبر 5 تي هلائي ويندي، اهڙي طرح روٽ-10 تي نمائش چورنگي، ايم اي جناح روڊ، زيب النسا اسٽريٽ، ميٽرو پول، تين تلوار، دو تلوار، عبدالله شاهه غازي، ڊولمن مال، ميڪڊونلڊ ۽ ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين پڻ پنڪ بس هلائي ويندي. جڏهن ته پنڪ بس سروس جي موجوده روٽ ون تي بسن ۾ اضافو ڪيو ويندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جو طوفان آهي، ملڪ جي معيشت ۾ شديد دٻاءُ آهي، هن صورتحال ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي هدايتون آهن ته هر کاتي ۾ عوام کي جيترو رليف ڏئي سگهن ٿا، سنڌ حڪومت ان تي فوڪس ڪري. هن چيو ته پبلڪ ٽرانسپورٽ پاڪستان جو اهم مسئلو آهي، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جيڪو اسان جي ٽيم جا ڪپتان آهن، هو ذاتي طور تي عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ اهڙن منصوبن جي نگراني پاڻ ڪري رهيو آهي. وزيراعليٰ سنڌ عالمي بينڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ کي اپروچ ڪيو ته جيئن پيپلز بس سروس ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس هلي رهي آهي، ان جي هڪ ٻي وڏي فليٽ ڪراچي پورٽ تي پهچي چڪي آهي، جلد نون روٽس تي اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات ڪئي ويندي، جيڪا ماحول دوست بسون هونديون، جنهن ۾ ڪنهن قسم جو تيل استعمال ناهي ٿيندو ۽ هي بسون آلودگي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button