معاشي طور پٺتي پيل ملڪ سامراج جي ڦرلٽ جو شڪار رهيا آهن. اتي هاري اڪثريت ۾ آهن ۽ جدوجهد جو هدف سرمائيداراڻي نظام بدران جاگيرداراڻي نظام جي باقيات (زمينداراڻي ۽ قبائلي ملڪيت) جو خاتمو آهي. اهڙي صورتحال ۾ انقلابي پارٽيون پورهيت عوام جي قومي ۽ سماجي نجات لا پنهنجي جدوجهد ۾ رڳو ان وقت ئي ڪامياب ٿي سگهن ٿيون، جڏهن اهي مارڪسي-لينني نظرئي جو اطلاق ڪن.
لينن جي خيال مطابق اسريل ملڪن جي طبقاتي شعور رکندڙ مزدورن، سامراج جي جبر هيٺ پيسجندڙ سمورن ملڪن جي مزدورن، هارين ۽ انهن غلام ملڪن جي سموري عوام جو اتحاد ضروري آهي. هن ويجهو پورهيت عوام جي عمومي جدوجهد جي ڪاميابي ان اتحاد سان مشروط آهي.
انقلابي پارٽي کي گهرجي ته هو ڪنهن ملڪ جي خاصيتن ۽ مختلف نسلي گروهن جي پنهنجين پنهنجين خاصيتن پوري طرح آڏو رکي، اتي ان کي اها ڳالهه به سمجهڻ گهرجي ته جاگيردار ۽ سرمائيدار به انهن خاصيتن ۽ اختلافن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. تازن ڏهاڪن ۾ عوام جي آزادي جي جدوجهد دوران رونما ٿيندڙ واقعن مان ان ڳالهه جي ثابتي ملي ٿي ته معاشي طور پٺتي پيل نون آزاد ٿيل ملڪن ۾ رجعتي ۽ جاگيرداراڻا عنصر وڏو اثر رسوخ رکن ٿا. انهن ماڻهن جي هميشه هي ڪوشش هوندي آهي ته سامراج دشمن آزادي جي تحريڪ خانن، زميندارن ۽ مقامي بورجوازي جي قوت ۽ طاقت کي وڌائڻ جو وسيلو بڻجي وڃي ۽ پورهيت عوام، جنهن ان جدوجهد دوران سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون هيون، ايئن ئي رهجي وڃي.
لينن انقلابي پارٽين کي ملڪيتدارن ۽ قومي ۽ مذهبي تعصبن خلاف خبردار ڪندي انهن کي پرزور تاڪيد ڪيو ته هو مخصوص قومي خاصيتن کي آڏو رکن. هن چيو ته ڪميونسٽ سرگرمي ۽ عمل جي جيڪي صورتون اسريل ملڪن ۾ منظر عام تي آيون آهن انهن جو اطلاق اهڙن ملڪن ۾ ممڪن نه آهي، جتي پورهيت طبقو موجود نه آهي. 1921ع ۾ سندس ملاقات منگوليا جي عوامي انقلابي پارٽي جي هڪ وفد سان ٿي، ۽ جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته آيا ان پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي ۾ تبديل ڪيو وڃي ته هن چيو: “مان سفارش نٿو ڪري سگهان، ڪنهن پارٽي لا اهو ممڪن نه آهي ته ان جي نئين سر تشڪيل ڪري ان کي ٻي پارٽي جي شڪل ڏني وڃي، انقلابين کي وڏي محنت ڪري پنهنجي رياستي، معاشي ۽ ثقافتي سرگرمين کي پروان چاڙهڻو پوندو، پو ئي سست رفتار سان هلندڙ عوام عروج تي پهچي پرولتاري عوام جي رتبي پهچندو ۽ اهو عوام ئي آخرڪار عوامي انقلابي پارٽي کي ڪميونسٽ پارٽي جي صورت ڏيندو. رڳو لکيل تختين جي تبديلي نقصانڪار ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي.”
حقيقت ۾، اڄوڪيون قومي آزادي جون تحريڪون ان وقت جي قومي تحريڪن جي ڀيٽ ۾ مختلف خاصيتتون رکن ٿيون. جڏهن بيٺڪيتي سرشتي جو خاتمو نٿيو هو. اڳوڻي بيٺڪيت جي ڳري اڪثريت سياسي آزادي حاصل ڪري چڪي آهي، تڏهن به اها سياسي آزادي انهن کي سخت غربت ۽ بدحالي مان نجات ڏيارڻ ۾ ناڪام رهي آهي. گڏوگڏ، سياسي آزادي اڪثر اجاريدارين ۽ انهن جي حڪومتن تي ڪنهن ملڪ جي حقيقي انحصار کي لڪائڻ کان سوا ڪجهه ٻيو نٿي ڪري. انهن آزاد ملڪن لا ضروري آهي ته اهي پنهنجي معاشي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ سرمائيداراڻين رياستن سان برابري تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪرڻ لا پنهنجي جدوجهد کي جاري رکن.
اسرندڙ ملڪن جي ڳري اڪثريت ۾ آبادي جو وڏو تعداد هاري آهن ۽ اڳڪٿي جوڳي مستقبل ۾ اها ئي صورتحال جاري رهندي. ڪاريگرن ۽ ننڍن واپارين جيان هاري به ٻين ماڻهن جو استحصال ناهن ڪندا ۽ عام طور ننڍي پئماني جي پيداوار ڪندا آهن. ڪجهه هنڌن تي سندن بازار سان تقريبن رابطا ناهن ٿيندا ۽ اهي وڌ کان وڌ صنعتي شين ۽ پنهنجين شين جي ڏي وٺ ۾ ملوث ٿيندا پيا وڃن.
تڏهن به ننڍي پئماني تي شين جي خريد ۽ وڪري جي پيداوار ڪندڙ ٻٽي فطرت رکندا آهن ۽ انهن جو سڀ کان وڏو نمائندو يعني هاري به ٻٽي نوعيت جو هوندو آهي. هڪ پاسي ته ٻني ٻارو، اوزار ۽ مال وغيره انهن جي ملڪيت هوندا آهن جيئن ته هو جائز ناجائز هر طريقي سان امير ٿيڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجي حيثيت ٺاهڻ لا ڪوشان هوندا آهن (غيراشتراڪي دنيا ۾ رڳو اميرن ۽ رئيسن جي حيثيت هوندي آهي.) اهڙي ريت ڪجهه حيثيت حاصل ڪرڻ لا هاري يا ڪاريگر لا ضروري ٿي ويندو آهي ته هو پنهنجي ڪيترن ئي سندن پاڻ جهڙو پورهيو ڪندڙ ماڻهن کي تباهه ڪري، انهن جي زمين تي قبضو ڪري ۽ يا ته پنهنجي ڪم تي هڻي، انهن جي پورهئي جو نفعو حاصل ڪري يا وري انهن کي شهرن جي غليظ ڪچين آبادين ڏانهن ڪٿي ڌڪي ڇڏي.
ٻئي پاسي هاري پاڻ پنهنجن هٿن سان محنت ڪن ٿا ۽ ايئن هو پورهيتن سان ويجهڙائي رکن ٿا. هاري ۽ ڪاريگر ٻئي پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. جڏهن ته اهي ٻهراڙي جي اميرن، حڪومتي اهلڪارن، سرمائيدارن ۽ زميندارن هٿان ظلم ۽ ڦرلٽ جو شڪار ٿيندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي غربت کان ڇوٽڪارو رڳو ان صورت ۾ ئي حاصل ڪري سگهن ٿا، جو استحصالين خلاف جنگ ڪن. اهي ماڻهو اڪثر اڻپڙهيل به هوندا آهن ۽ اهڙي نموني استحصالي انهن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي، انهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو رخ ڪنهن ٻئي قبيلي يا عقيدي واري ساٿي پورهيتن خلاف موڙي ڇڏيندا آهن. ٽراٽسڪي جي پوئلڳن جيان انهن هارين، ڪاريگرن، ننڍن واپارين يا زرعي غلامن کي اهو چئي نظرانداز ڪري ڇڏڻ بظاهر ڏاڍو سولو آهي ته اهي ماڻهو “پيٽي بورجوا” پاڻ ملڪيتدار آهن. ان موقف کي اختيار ڪرڻ کان پو رڳو هي واٽ رهجي ٿي وڃي ته يا ته ان وقت جو انتظار ڪيو وڃي، جڏهن اهي پرولتاري ٿي ويندا يا وري انهن کي پرولتاري بڻائڻ واري عمل کي منصوعي طريقي سان تيز ڪيو وڃي. اهڙي نموني ساڄي ڌر جي سوشل ڊيموڪريٽن به هارين ۽ ٻين پيٽي بورجوا پرتن کي “رجعت جو مستحڪم قلعو” قرار ڏئي انهن کي غور هيٺ ئي نه آندو.
تڏهن به ان قسم جي روش ۾ ٻه غلطيون لڪل آهن. انهن غلطين جا گئونچ ان ڪري ڦٽن ٿا جو ڪنهن خاص وقت ڪنهن ملڪ ۾ “پيٽي بورجوا” عنصر جي ماهيت جي گهري تجزئي کان ڪن لاٽار ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن ساڄي ڌر جا سوشل ڊيموڪريٽ ان ئي پيٽي بورجوا پرت تي گهري نظر وجهن ته انهن کي خبر پوندي ته هاري ۽ پيٽي بورجوا پرت وڏن رنگ برنگي عنصرن تي مشتمل آهن ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ته اهي ان آبادي جو سڀ کان وڏو حصو هوندا آهن، جيڪو پنهنجي محنت جي بنياد تي پنهنجو گذر سفر پيو ڪندو هوندو آهي، جيڪو ملڪيتدارن جي جبر هيٺ پيو پيسجندو آهي ۽ اهو به نه ڄاڻي سگهندو آهي ته ان غربت کان نجات ڪيئن حاصل ڪري. ان کانسوا جن ملڪن ۾ اڃا بورجوا نظام قائم ناهي ٿيل هوندو، انهن ۾ عوام جي ان وڏي انبوهه کي پيٽي بورجوا چوڻ بدران انهن کي محنت ڪش آبادي جو غيرپرولتاري پرت چوڻ گهرجي. درحقيقت پيٽي بورجوا عنصر بورجوا سماج جو هڪ پرت هوندا آهن، ۽ جن ملڪن ۾ اڃا سرمائيداراڻي نظام جو انتظار ئي آهي اتي انهن هارين، ڪاريگرن ۽ ننڍن واپارين کي غيرمشروط طور پيٽي بورجوا چوڻ درست نه آهي. بهرحال پورهيت طبقو ۽ ان طبقي جي مفادن جي نمائندگي ڪندڙ ماڻهو سماج جي ان پرت ۾ شامل عوام جي انبوهه سان پورهيت طبقي جي دوستن ۽ مددگارن کي ڳولي لهن ٿا.
)هلندڙ)