ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٿر ۾ ناڪاره ٿيل آر او پلانٽ

Editorial

ٿر جي مختلف علائقن ۽ تعلقن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ ان ڪري لڳايا ويا هئا ته جيئن ماڻهو پيئڻ جو پاڻي آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهن ۽ عورتن کي پري پري تائين پاڻي ڀرڻ لاءِ نه وڃڻو پوي. پر جڏهن کان آر او پلانٽ لڳا آهن، انهن ۾ فني خرابيءَ جو مسئلو ايندو رهندو آهي، ڪٿي آر او آپريٽرن کي پگهار وقت تي ڪونه ملندو آهي ته ڪٿي وري انهن پلانٽن جي حالت ايتري خراب آهي جو اهي ناڪاره لڳا پيا آهن. جڏهن ته انهن پلانٽن جو مقصد ئي اهو هو ته وڌ کان وڌ آباديءَ کي پاڻي فراهم ڪري سگهجي. گذريل ٽن سالن کان ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ لڳل آر او پلانٽ خراب لڳا پيا آهن. جنهن ڪري ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڪونه ملي رهيو آهي، اهي وري به کوهن جي پاڻيءَ تي ڀاڙي رهيا آهن. جڏهن ته ان حوالي سان سنڌ سرڪار نوٽيس به وٺي چڪي آهي. پر تنهن هوندي به ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو آهي.
سنڌ سرڪار واري نوٽيس باوجود ٿر جا آر او پلانٽ، ٽن سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره بڻيل آهن. خبر موجب ٿرپارڪر جي آر او پلانٽن کي فعال بڻائڻ لاءِ سنڌ سرڪار پاران ڪجهه ڏينهن اڳ نوٽيس وٺڻ ۽ ٺيڪدار نجي ڪمپنيءَ کي ترت آر او پلانٽن کي هلائڻ واري اعلان تي ڪو به عمل ٿي نه سگهيو آهي. ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ڳوٺن جا سوين آر او پلانٽ گذريل ٽن سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره بڻيل آهن. ڇاڇرو شهر، ڪانٽيو شهر، مبارڪ رند شهر، کينسر شهر، اوڏاڻي، رڙياڙو، ڀاڏاسندا، وائوڙي دورا، ڪيتار، جيتراڙ سميت ٻين ڳوٺن ۽ شهرن کي روزانو هڪ گيلن مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ وارا وڏا آر او پلانٽ به فني خرابي سبب سالن کان تباھه حالت ۾ ناڪاره بڻيل آهن. شهرين ۽ ڳوٺاڻن مير محمد نهڙي، انور علي بجير، اڪبر علي، فتح محمد، عاشق علي ڏوهٽ، جميل احمد ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺن ۾ لڳل ننڍا فلٽر پلانٽ ٽن سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره ٿي ويا آهن، دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر انتظاميه ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ڳوٺاڻن چيو ته ٿرپارڪر جا چونڊيل نمائندا به ٿر ۾ ناڪاره آر او پلانٽن تي ڪو به آواز اٿارڻ لاءِ تيار نه آهن. سنڌ سرڪار فقط ٺيڪيدار ڪمپنين کي نوازڻ ۾ پوري آهي پر ٿر جي غريب ماڻهن جي تڪليف جو ڪوبه احساس نه آهي، مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري مجبوري سبب ڏوراهين علائقن مان پيادل پيئڻ جو پاڻي ڀري اچون ٿا. ڇاڇرو شهر جو مين آر او پلانٽ به گذريل ٽن سالن کان فني خرابي سبب ناڪاره بڻيل آهي. شهر جي 30 هزار آبادي پيئڻ جي پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ دربدر آهي، هن حوالي سان پبلڪ هيلٿ عملدار اشفاق احمد ميمڻ جو چوڻ هو ته ٿرپارڪر جي خراب آر او پلانٽن جون مسلسل ڳوٺاڻا شڪايتون ڪن پيا، جيڪي به غيرفعال آر او پلانٽ آهن، انهن جي مرمت جو ٺيڪو نجي ڪمپنيءَ کي مليل آهي. ڪمپنيءَ وارا چون ٿا ته ڪجھه آر او پلانٽ فعال ڪيا آهن، ٺيڪدار ڪمپني ان حوالي سان لسٽ اڃان تائين مون کي ناهي ڏني، جئين لسٽ ڏيندا مان انهن آر او پلانٽن جو وزٽ ڪندس، خراب آر او پلاٽن جي ڪمپنيءَ وارا جيستائين مڪمل مرمت ڪري فعال نه ڪندا تيستائين بلن کي ڪليئر نه ڪندس. آر او پلانٽن جي مرمت لاءِ آيل فنڊ سرڪاري اڪائونٽ ۾ محفوظ آهن. ٿرپارڪر جي رهواسين مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ٿر ۾ ناڪاره بڻيل آر او پلانٽن کي فعال بڻائي ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جي بحران تي ضابطو آڻي پريشانين کان بچايو وڃي. جنهن نجي ڪمپنيءَ کي آر او پلانٽن جي مرمت جو ڪم ڏنو ويو آهي، ان اڃا تائين اهو ڪم بهتر نموني ڪونه ڪيو آهي، جيڪڏهن اها ڪمپني مرمتي ڪم بهتر نموني نه ڪري رهي آهي ته ان جو مطلب اهو ٿيندو ته ان جي دلچسپي ان ڪم ۾ ناهي ۽ نه ئي اها ان مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. ڇا نجي ڪمپني ايڏي زور آهي جو اها سنڌ حڪومت جي نوٽيس کي به ڪنهن ليکي ۾ نٿي آڻي.
اسين سمجهون ٿا ته ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو مسئلو هڪ ڳنڀير مسئلو آهي ۽ ان کي حل ڪرڻ سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل انتظاميه جو ڪم آهي. ڇا ٿر واسين جو اهو حق به ناهي ته انهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ملي سگهي ۽ اهي پاڻي جهڙي نعمت مان فيضاب ٿي سگهن. نجي ڪمپنيءَ کي سنڌ حڪومت اها تاڪيد ڪري ته اها بنا دير جي آر او پلانٽن جي مرمت جو ڪم ڪرائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button