علامھ اقبال جو ھر شعر معنيٰ وارو موتي آھي پر ھن جو ڪو ڪو شعر تھ شعور ۾ ائين کپي ويندو آھي، جيئن ڪوئي خنجر کپي وڃي. ھن وقت منھنجي من ۾ ھن جو جيڪو شعر شمع بڻجي ٻري رھيو آھي، اھو آھي:
”وائي ناڪامي ڪھ ڪاروان جاتا رھا
ڪاروان ڪي دل سي احساسِ زيان جاتا رھا“
ان جو مطلب اھو آھي تھ اھا ڪيڏي نھ وڏي ناڪامي آھي جو قافلا ھليا وڃن پر ان کان بھ وڌيڪ ناڪامي اھا چئبي جو قافلي جي دل مان زيان جو احساس ئي ختم ٿي وڃي!!
ھن وقت اسان بطور قوم جي اھڙي دور مان گذري رھيا آھيون، جتي اسان جو مستقل نقصان ٿي رھيو آھي ۽ اسان کي ان جو احساس بھ نھ رھيو آھي تھ اسان جو ڪيڏو نھ وڏو نقصان ٿي رھيو آھي. قومن جو سڀ کان وڏو سرمايو ھن جا اھي فرد ھوندا آھن، جيڪي ھن کي تاريخ ۾ سدائين امر ڪري ڇڏيندا آھن. جڏھن اھي ماڻھو نھ رھن تھ پوءِ فخر ڪرڻ جي سلسلي ۾ آخر ڇا ٿو بچي؟ ھن وقت اسان جي ملڪ جو اھو حال آھي. اسان جا تمام عظيم انسان الوداع چئي ابدي سفر تي وڃي رھيا آھن ۽ انھن جو خال ڀرڻ جو ڪنھن کي بھ خيال ڪونھي! ان ڳالھھ جو احساس مون کي ان وقت شدت سان ٿيو، جڏھن ضياءَ محي الدين موڪلائي ويو.
ضياءَ محي الدين ھڪ ڀرپور زندگي گذاري. ھو نوي سالن جي عمر ۾ بھ پنھنجي فن سان نڀائي رھيو ھو. ھو جڏھن اسان سان مليو ھو، تڏھن ھن ۾ ڪم ڪرڻ جي مڪمل طاقت ھئي. مون کي اھو ڏسي تمام گھڻي حيرت ٿي تھ ھو ان عمر ۾ بھ 14 ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ھن کي ڏسي مون کي شدت سان محسوس ٿيو ھو تھ رٽائر صرف ڪامورا ٿيندا آھن، ڪلاڪار ڪڏھن بھ رٽائرڊ ٿي نھ ٿا سگھن. انھن کي انھن جو فن ھميشھ سگھھ بخشيندو آھي تھ ھو سدائين ڪم ڪندا رھن.
ضياءَ محي الدين جي زندگي ھن جو فن ھئي. ھو فن کان سواءِ ٻيو ڪجھھ نھ ھو. ھو چاھي ها تھ تمام وڏو سياستدان بھ ٿي سگھي ھا. ھو چاھي ھا تھ سينيٽر ۽ وزير بھ ٿي وڃي ھا. پر ھن اقتداري سياست جي گند جي مک ٿيڻ بدران اھو پسند ڪيو ھو فن جي باغ جو پوپٽ ٿي رھي ۽ اھو ڪردار ھن تمام خوبصورتيءَ سان نڀايو. ضياءَ محي الدين جو شخصيت جو اھو پھلو اسان سڀني کي شدت سان محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھو پاڪستان جي آرٽ جي دنيا ۾ ھڪ بي مثال ماڻھو ٿي رھيو. شاعر گھڻا آھن. اديب گھڻا آھن. دانشور تھ تمام گھڻا آھن. پر ڪو بھ اھڙو ناھي، جھڙو ضياءَ محي الدين ھو. ھو جيڪو پاڻ شاعر نھ ھو پر شاعر اھو چاھيندا ھئا تھ ھو انھن جي ڪلام کي پنھنجي مخصوص آواز ۽ انداز سان پيش ڪري. ھو جڏھن بھ ڪنھن شاعر جو ڪو غزل يا گيت پڙھندو ھو تھ ائين محسوس ٿيندو هو تھ اھو غزل بنھھ نئون ۽ تمام گھڻو حسين ٿي پيو آھي. ان جا ٽي سبب ھئا. ھڪ تھ ھو پنھنجي انداز ۽ آواز ۾ اھا ڪيفيت پيدا ڪندو ھو، جنھن سان ڪنھن شعر جي روح جي ترجماني ٿئي. مثال طور جڏھن ھو ڪو غم وارو شعر پڙھندو ھو تھ جي لھجي مان لڙڪ وھندا محسوس ٿيندا ھئا. جڏھن ھو ڪو چنچل شعر پڙھندو ھو تھ ھن جي انداز ۽ آواز مان ڪيترائي مڌر ٽھڪ محسوس ٿيڻ لڳندا ھئا. جڏھن ھو ڪنھن ڳنڀير ڳالھھ کي پيش ڪندو ھو تھ ھن جو انداز بلڪل ئي الڳ ھوندو ھو. ھو ھر شعر کي سندس مڪمل ڪيفيت عطا ڪري پيش ڪندو ھو ۽ ھن جي اھا ادا تمام گھڻي منفرد ھئي. ھن جي فن جي ٻي خوبي اھا ھئي تھ ھو لفظن جي اچارن کي تمام گھڻي اھميت ڏيندو ھو. ھن کي معلوم ھوندو ھو تھ ھر لفظ جي ھڪ شخصيت ھوندي آھي ۽ ھن ڪڏھن بھ ڪنھن لفظ جي شخصيت سان ڪنھن بھ قسم جي زيادتي نھ ڪئي. ھن ڪڏھن بھ ڪنھن لفظ کي مسخ نھ ڪيو. ھن ڪڏھن بھ ڪنھن لفظ جي توھين نھ ڪئي. ھو لفظن جي اھميت سمجھندو ھو. ھو لفظن جي عزت ڪندو ھو. ھو لفظن جو احترام ڪرڻ کي ئي فن جو بنياد سمجھندو ھو. ان ڪري ھن جي زبان مان جيڪو بھ لفظ نڪرندو ھو. اھو ڇنڊجي ڇاڻجي ۽ نج بڻجي نڪرندو ھو ۽ ھن جي اھا خوبي ھن کي ھن جي ھمعصرن ۾ تمام گھڻو ممتاز بڻائي وئي. ٽين ۽ تمام اھم ڳالھھ اھا ھئي تھ ھن جو پنھنجو ادبي ذوق ايترو تھ گھرو ۽ ايترو تھ اصلي ھو، جو شعر پڙھي اھا ڪيفيت سمجھي ويندو جنھن ڪيفيت مان شاعر شعر لکڻ وقت گذريو ھو. اھو ئي سبب ھو تھ ھو اڪثر شعر پڙھڻ جي دوران يا شعر پڙھڻ کان پھريان اھو بھ بيان ڪندو ھو تھ ھن شعر ۾ شاعر ڪھڙي ڪيفيت اپٽي آھي. ھو ان ڪيفيت کي پاڻ تي طاري ڪري پوءِ شعر پڙھندو ھو. ان ڪري ھن جي واتان شعر ٻڌي ماڻھن کي محسوس ٿيندو ھو تھ ھو بھ ان ڪيفيت مان گذري رھيا آھن. ھو شعر جي روحاني ترجماني ڪندو ھو ۽ ان ۾ ھن جو جيڪو ڪمال ھو، اھو صرف ھن وٽ ھو ۽ ٻيو ڪنھن بھ وٽ نھ ھو.
ھن جي ان خوبيءَ کي ڏسي اسان جي دل ۾ اھا حسرت ھئي تھ ڪاش! ھو شيخ اياز جو اردو ڪلام پنھنجي مخصوص لھجي ۾ پڙھي. ان جو ھڪ سبب اھو بھ ھو تھ مخصوص ذھني سوچ سبب شيخ اياز کي تمام وڏو شاعر ھجڻ جي باجود بھ اردو حلقن ۾ اھا پذيرائي نھ ملي ھئي، جيڪا ھن جو حق ھئي. شيخ اياز سنڌيءَ جو تھ تمام وڏو شاعر ھو. ھن جي سنڌي شاعريءَ ۾ تھ ھن جي ڪنھن سان ڀيٽ ڪرڻ مشڪل آھي. پر ھن جو اردو ڪلام بھ ڪنھن طرح سان گھٽ نھ ھو. ھو نھ صرف سنڌي پر اردو ٻوليءَ جو بھ تمام وڏو شاعر ھو. پر اردوءَ جا حلقا تعصب سبب شيخ صاحب کي ھن جو اصل مقام ڏيڻ ۾ تمام گھڻي ڪنجوسي ڪري ويا. اسان کي ان جو سدائين افسوس رھيو. ان ڪري اعجاز منگي ۽ مون ھن سان ملاقات ڪري کيس چيو ھو تھ اسان جي تمام وڏي خواھش آھي تھ توھان شيخ اياز جو اردو ڪلام پنھنجي انداز ۾ پيش ڪيو.
ضياءَ محي الدين جي چھري تي ھڪ مسرت آئي ۽ ھن چيو تھ مان ڪو وڏيرو يا ڪامورو ناھيان. اھو فن ئي منھنجي روزي روٽيءَ جو بنياد آھي. پر مان شيخ اياز جي شاعري پڙھڻ جي لاءِ ڪا بھ قيمت وصول نھ ڪندس. ڇو تھ مون کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھو ھڪ قرض آھي، جيڪو مون کي ادا ڪرڻو آھي. اسان کي اھو اعزاز حاصل آھي تھ اسان ٻن عظيم آرٽسٽن جو سنگم ڪرايو ۽ تاريخ ۾ اھا وڊيو ھميشھ لاءِ محفوظ ٿي وئي. ھاڻي جيستائين دنيا رھندي تيستائين ضياءَ محي الدين جي اھا وڊيو بھ رھندي، جنھن ۾ ھو پنھنجي مخصوص انداز سان شيخ اياز جي ڪلام کي پيش ڪري ٿو. ھو ڪڏھن چشمو لاھي ٿو. ھو ڪڏھن ستار نواز جي طرف ڏسي ٿو. ڪڏھن ڪنھن ڪيفيت ۾ اچي ٿو. ڪڏھن ڪنھن ڪيفيت ۾ اچي ٿو. ڪڏھن مسڪرائي ٿو. ڪڏھن اداس ٿي وڃي ٿو. جڏھن ھو اھي ڪلام پيش ڪري ٿو تڏھن شدت سان محسوس ٿئي ٿو ڪاش! ان ھنڌ شيخ صاحب پاڻ بھ موجود ھجي ۽ اھو بھ ٻڌي سگھي تھ ھن جو اھو گيت ھال ۾ ڪھڙي طرح سان گونجي رھيو آھي:
”دور ڪيلاش سي
چاند ھيمنت ڪا
ميري من ڪو ھميشھ بلاتا رھا
مين تھ رنبير تھا
لو مين لڙتا رھا
ريت تانبا بني
ميري تلوي جلي
برڇ ڪي ڇائون مين
مين نھ بيٺا ڪبھي
گھائو جب بھر گئي
ميري ھر انگ پر
ڪتني ڪالي گلابون ڪي پودي ملي
بيريون ني ڪبھي
يھ شڪايت نھ ڪي
مين ني لڙتي ھوئي
وار اوڇي ڪيي
مارني سي ھچڪچاھٽ
نھ مرني ڪا ڊر
ھا مگر
دور ڪيلاش سي
چاند ھيمنت ڪا
ميري من ڪو ھميشھ بلاتا رھا“
اھڙو انداز ٻيو ڪنھن جو ممڪن ٿي سگھي ٿو؟
اھو ڪم صرف ضياءَ محي الدين لاءِ ئي ممڪن ھو ۽ ھن اھو ڪم ڪيو.
اھو ھڪ تاريخي ڪم ھو. سنڌ ۾ اھو وقت ضرور ايندو، جڏھن سنڌ واسين کي معلوم ۽ محسوس ٿيندو تھ اھو ڪيڏو وڏو ڪارنامو آھي. جڏھن مان لکان ٿو ”سنڌ واسي“ تڏھن منھنجو مطلب صرف سنڌي ڳالھائيندڙ ناھن. ان مان منھنجي مراد اھي اردو ڳالھائيندڙ بھ آھن، جن کي ھڪ ڏينھن شدت سان محسوس ٿيندو تھ شيخ اياز جيڪي ٻول انھن جي ٻوليءَ ۾ چيا آھن، انھن ۾ پيار جو ھڪ عظيم پيغام آھي. پر اھو تيستائين ممڪن ناھي، جيستائين سنڌ ۾ تعصب ۽ نفرت جي ديوار موجود آھي.
شيخ اياز چيو ھو:
”ڇا دور رکي سگھندي، ديوار سياست جي
تون منھنجو تمنائي، مان تنھنجو تمنائي“
اھا تمنا جڏھن ڀرپور ٿي ويندي، تڏھن نفرت جي ديوار ڊھي پوندي ۽ سنڌ جا واسي پاڻ ۾ ائين ملندا، جيئن وڇڙيل پکي پاڻ ۾ ملندا آھن.
تاريخ جڏھن اھو عظيم ڪارنامو ٿيندي ڏسندي تھ ان جي گواھيءَ ۾ اياز جي انھن اردو گيتن جي گونج ھوندي، جيڪي اسان جي اصرار تي ضياءَ محي الدين گونجاريا ھئا. انھن جي گونج اڄ بھ اسان جي ڪنن ۾ ٻري رھي آھي ۽ اڄ بھ جڏھن آئون يوٽيوب تي اھي گيت ٻڌان ٿو تھ مون کي محسوس ٿئي ٿو تھ تاريخ پنھنجي تمنا جو ڀرپور اظھار ڪري رھي آھي. تاريخ جي اھا تمنا ھڪ ڏينھن ضرور پوري ٿيندي. ھڪ ڏينھن اھو وقت بھ ايندو، جنھن وقت جي گواھي اياز جي لفظن ۽ ضياءَ محي الدين جي لھجي ۾ ڪجھھ ھن طرح سان موجود آھي تھ:
”جانتا ھون ڪھ وقت بھ آئي گا
جب ميري شاعري ڪو اچانڪ ڪبھي
چاند آڪاش گنگا مين نھلائي گا
جب زبان کا تعصب نھ ھوگا ڪبھي
ميري گيتون سي ھر اڪ مھڪ جائي گا
ميري مدفن پر آنسو بھائو گي تم
ڪوئي راھي ميرا گيت جب گائي گا
جانتا ھون ڪھ وه وقت بھي آئي گا“