پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ ٻوڏ متاثرن جو گهر ٺهرائڻ لا رقم نه ملڻ خلاف مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد جي يوسي چارو جي ڳوٺ مٿيون عاليوال ۽ دوست علي چانڊيو جي ڳوٺاڻن منظور چانڊيو، ذوالفقار چانڊيو، علي جان چانڊيو، اياز علي چانڊيو، خدابخش چانڊيو ۽ نثار احمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ھنن چيو ته مھا ٻوڏ ۾ مڪمل گھر ڊھي پٽ پئجي ويا، سرڪار في خاندان لا 75 ھزار ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر ڪنهن به فرد کي پئسا ملي ناھن سگھيا، سرڪار ٻوڏ متاثرن جي گھر ٺھرائي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، جنهن تي عمل ٿي ناھي سگھيو، ڳوٺن جا روڊ رستا بحال ٿي ناھن سگھيا، ڳوٺاڻا بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن، اسان بي يارو مددگار آهيون. ھنن گڏيل قومن ۽ سماجي تنظيمن کان گهر ڪئي ته اسان کي 75 ھزار روڪ رقم اعلان ٿيل ڏئي گھر ٺھرائي ڏنا وڃن ۽ راشن پڻ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button