پاڪستانسنڌ

چيلهار جي ڳوٺ اڪليون ۾ 2 آر او پلانٽ خراب، پاڻي جي کوٽ

چيلهار: چيلهار ويجهو هڪ هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ڳوٺ اڪليون واسي 2 آر او پلانٽ سالن کان غير فعال هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻي لا پريشان آهن. ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن آفتاب سميجو، ماجد سميجو، منظور سميجو، خالد سميجو، رئيس سميجو، فدا سميجو ۽ ٻين چيو ته اسان جو ڳوٺ اڪليون ٿر جي وڏن ڳوٺن ۾ شمار ٿئي ٿو، جيڪو هڪ هزار کان وڌيڪ آبادي تي مشتمل ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لڳل ٻئي آر او پلانٽ هن وقت ناڪارا آهن، جر جو پاڻي پڻ سڪي ويو آهي، کاري پاڻي کي مٺو پاڻي ڪندڙ آر او پلانٽ ٻن سالن کان ٽيڪنيڪل خرابي سبب بند پيل آهي ۽ ان جي مشين کي زنگ پڻ لڳي ويو آهي، اسان هن وقت پاڻي لپ لا پريشان آهيون. رهواسين اعلى عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي آر او پلانٽن جي مرمت ڪرائي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button