پاڪستانسنڌ

شهدادپور ۾ هاري جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرو

شھدادپور : شھدادپور ويجھو ڳوٺ شجاع جکرو جي رھواسين غلام مصطفى ڪيريو، ميان الھڏنو ڪيريو ۽ عبدالحڪيم ڪيريو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جي ھاري محمد عرس ولد محمد جمن ڪيريو کي 2 مھينا اڳ جوابدارن دلاور جکرو، عاشق علي خاصخيلي ۽ نواب علي خاصخيلي قتل ڪري واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان شھدادپور ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، پوليس جوابدار دلاور جکرو، عاشق خاصخيلي ۽ نواب خاصخيلي کي گرفتار ڪيو آھي، جن کي پوليس رشوت وٺي آزاد ڪيو، هاڻ پوليس خون لوڙهڻ چاهي ٿي، تر جا بااثر زميندار ۽ جوابدارن جا مائٽ ڪيس تان ھٿ کڻڻ لا ڌمڪائي رھيا آھن. ھنن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگھڙ کان مطالبو ڪيو ته هاري جي قاتلن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button