اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم سان بلاول ڀٽو جي ملاقات،ملڪي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عالمي ۽ علائقائي صورتحال ۽ پرڏيهي وزارت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻئي طرف پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي اربع تي هتي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن مامرن تي ڳالهيون ڪيون ويون. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انترنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پاڪستان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد ۾ آهي. جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ هنگري جي سفير بيلافيزي ڪاس به ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس مطابق پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ هنگري وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳاپن کي بي پناهه اهميت ڏي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button