اسلام آبادپاڪستان

دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد : اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيش نه ٿيڻ تي عمران خان جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جواد عباس اليڪشن ڪميشن ٻاهران احتجاج بابت ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت به عمران خان کي ڏيڍ وڳي تائين پيش ٿيڻ جي مهلت ڏني هئي پر مقرر وقت تي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي سندس جي ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت جو چوڻ آهي ته هڪ بلٽ انجري تي ڪنهن جوابدار کي ايتري رعايت نٿي ڏئي سگهجي. جيڪڏهن ايتري رعايت ڏني وئي ته اها سڀني جوابدارن لاءِ هوندي ۽ عدالت اهڙو مثال قائم نٿي ڪرڻ چاهي. ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي احتجاج ۽ هنگامو ڪرڻ واري ڪيس ۾ عمران خان عارضي ضمانت تي هو ۽ عدالت کيس ڪالهه تائين جي مهلت ڏني هئي. قانوندان ۽ سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر ياسين آزاد جو چوڻ آهي عمران وٽ هاڻي آپشن آهي ته هو عدالت جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهي ٿو ۽ هو هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت وٺي سگهي ٿو جنهن بعد هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ کيس گرفتار ڪري سگهجي ٿو. قانوني ماهرن موجب عمران خان جيڪڏهن ان فيصلي کانپوءِ ڪو رليف حاصل نٿو ڪري سگهي ته پوليس وٽ کيس گرفتار ڪرڻ جو آپشن آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button