پاڪستانسنڌ

شهناز انصاري جي ٽين ورسي، خون سان انصاف ڪريو: اڳواڻ

نوشهروفيروز: پ پ جي مقتول ايم پي اي شهيد شهناز انصاري جي ٽئين ورسي ملهائي وئي، جنهن ۾ سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين مقتولا جي خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ سهيل اختر عباسي، ڊاڪٽر مظهر ڪلهوڙو، ڊاڪٽر فاطمه شهناز انصاري، غضنفر راڄپر، ڊاڪٽر نور حسين مورو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شهيد شهناز انصاري پ پ ضلعي نوشهروفيروز جي اها جيالي هئي جنهن ورڪر کان شروعات ڪئي ۽ اها ضلعي صدارت ماڻڻ کان پو ايم پي اي ٿي، سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، شهناز انصاري غريب بي پهچ ضلعي واسين جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي، هو وڇڙي ضرور آهي پر وسري ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته شهيد شهناز انصاري جي قتل جو ڪيس ري اوپن ٿي ويو آهي، قاتلن کي سزا ضرور ملندي، وقت پري ناهي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهيد شهناز انصاري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. تقريب ۾ امبر راڄپر، رخسانا وسطڙو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button