اسلام آبادپاڪستان

حڪومت ٺيڪ هوندي ته رات جو ٻاهر نڪرندي ڪير نه ڊڄندو:چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته واضح چئي چڪا آهيون عدليا نه حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ نه ڪندي. جيڪڏهن حڪومت ٺيڪ هوندي ته رات جو ٻاهر نڪرندي ڪير نه ڊڄندو. نيب ترميمن التوا هيٺ پيل ڪيسن جو دروازو بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي شنوائي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. چيف جسٽس چيو ته بنيادي حقن جي فراهمي لاءِ گڊ گورننس ضروري آهي ۽ گڊ گورننس جو مطلب آهي ته ملڪي قانون هر شخص تي واضح هجڻ گهرجن. جيڪڏهن حڪومت ٺيڪ هوندي ته رات جو ٻاهر نڪرندي ڪير نه ڊڄندو، ڪنهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ هٿيار نه کڻڻو پوندو. هن ريمارڪس ڏنا ته واٽس ايپ تي ميسيجن سان ماڻهن جي ڊجيٽل اڪائونٽن مان پئسا ڦٻايا پيا وڃن. جيڪڏهن سسٽم ايماندار هوندو ته ڪير سيڙپڪاري ۾ نه ڪيٻائيندو، پوليس ۾ صلاحيت جي کوٽ حقيقت ۾ شهرين جي جيئري رهڻ جي حق جي ڀڃڪڙي آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته واضح چئي چڪا آهيون، عدليا حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي نه ئي ڪندي. قديمي دور ۾ جيئرو رهڻ جو حق رڳو اٽي، لٽي ۽ اجهي سان پورو ٿيندو هوندو. اڄوڪي دور ۾ جيئري رهڻ لاءِ تعليم ۽ صحت سميت سهولتون لازمي آهن. ڪرپشن سان عام شهري جي جيئري رهڻ جو حق زخمي ٿيو آهي. چيف جسٽس وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته سوين نيب ڪيس عدالت کان واپس ٿي رهيا آهن، نيب ترميمن شنوائي هيٺ ڪيسن جو در بند ڪري ڇڏيو آهي. نيب ترميمن کي 8 مهينا ٿي ويا پر اهي باقاعدي لاڳو ٿيڻ يا ڪيسن جي منتقلي جو طريقيڪار نه ٺهي سگهيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته نيب ڪيس ٻڌندي ڪافي وقت گذري چڪو آهي، پر اڃا تائين نه ٻڌايو ويو آهي ته نيب ترميمن سان ڪهڙو بنيادي حق متاثر ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button