وزير اعظم شهباز شريف عوام کي سُکيو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪپڙا وڪڻڻ لاءِ تيار هو. پر هن کي ڪپڙا وڪڻڻ جي ضرورت ان ڪري پيش ڪونه آئي جو هاڻوڪي مهانگائيءَ ۾ ايتري انگ ۾ ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن جو هو ڪپڙا وڪڻي به انهن جا خرچ پورا ڪونه ڪري سگهندو. پر سوال اهو آهي ته اهڙي قسم جا جذباتي بيان ڏيڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ جڏهن ته ملڪ جي معيشت کي هاڻوڪو نظام ڪنهن به ريت ٺيڪ نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ قرض کڻجي، آءِ ايم ايف جا شرط مڃجن يا وري عوام تي ٽيڪس لاڳو ڪجي، ٽيڪس به ايترو جو عوام جي پهچ کان گهڻو پري هجي.
ڪالهه ضمني مالياتي بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هن بل کي قومي مالياتي بل 2023ع جو نالو ڏنو ويو آهي. بل پيش ڪرڻ وقت خزاني واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين جي ڪري ملڪ کي نقصان پهتو. مسلم ليگ (ن) جي گذريل دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ جي ڊي پي ۾ 112 ارب ڊالر جي واڌ ٿي، نواز ليگ حڪومت قرضن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي. مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جي رڪارڊ قرض ورتا ويا. پي ٽي آءِ جي دور ۾ عام ماڻهوءَ جي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي آئي.
هاڻوڪي بل موجب محصول جو 170 ارب هاڻوڪو ۽ اڳوڻو هدف پورو ڪيو ويندو. جڏهن ته پنج سال پراڻي ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني وئي آهي. هارين لاءِ 2000 ارب روپين جو پيڪيج آهي، جنهن مان هڪ ارب رپيا ورهائجي ويا آهن. بل موجب لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ ٻئي پاسي تيل جون قيمتون 12 سيڪڙو وڌائڻ جا امڪان پڻ آهن.
بجيٽ هجي يا مني بجيٽ هجي، انهن وسيلي اربين رپيا عوام مان اوڳاڙيا ويندا آهن، جنهنڪري نه رڳو عوام جي مالي حالت ڪمزور ٿيندي آهي پر ان لاءِ روزمره جا خرچ پورا ڪرڻ به ڏکيا ٿي ويندا آهن. پر تنهن هوندي به هر حڪومت عوام مٿان نوان نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۾ لڳي پئي هوندي آهي. عمران خان جي حڪومت جيڪو عوام سان ڪيو يا وري ملڪي معيشت سان ڪيو، اهو واقعي به نقصانڪار هو. پر هاڻوڪي حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. ان وٽ ڪهڙي گدڙ سنگهي آهي، جنهن سان ملڪي معيشت پار پئجي وڃي ۽ عام ماڻهوءَ جي مالي حالت به سڌري وڃي.
ملڪ جا اهم ادارا گروي رکيل هجن. ٻاهرين سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ ڪو ملڪ حامي ڀرڻ لاءِ تيار نه هجي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن سرمائيدار کي ڪٿي به پئسو سيڙائڻ لاءِ پرامن ماحول جي ضرورت هوندي آهي. هن وقت ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي واقعن کان پوءِ اهو ممڪن ئي ڪونهي جو پاڪستان جو ڪو دوست ملڪ ۾ سرمايو لڳائي ۽ هتي ڪي نوان ترقياتي منصوبا شروع ٿين. هن وقت جيڪا ملڪ جي معاشي حالت آهي، جيڪا بدامني آهي، ان جي پويان هڪ پورو پسمنظر موجود آهي. اهو پسمنظر انهن آمرن جي پيداوار آهي، جن کي جمهوريت هڪ اک نٿي ڀانئين پوي.
جيڪڏهن آمر ضياءَ جي دور ۾ ملڪ کي افغانستان جي جنگ ۾ شامل نه ڪجي ها ته اڄ افغانستان مان جيڪي دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، اهي نه ٿين ها. افغانستان ۾ جيڪا باهه ان وقت روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ آمريڪا ٻاري رهيو هو، ان جو سڄو ٻارڻ پاڪستان مان شامل ڪيو ويو هو. تنهنڪري اهو سلسلو گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي ۽ جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ بدامني هجي ته اهو ممڪن ڪونهي ته ان جو ڀروارا ملڪ متاثر نه ٿيندا هجن. ملڪ جون معاشي حالتون ان وقت بهتر ٿينديون آهن، جڏهن ملڪ جون سياسي پاليسيون بهتر هونديون.
هن وقت تائين ملڪ جا اصل ڌڻي اهو طئي نه ڪري سگهيا آهن ته ملڪ کي هلائڻو ڪيئن آهي، ڪهڙي ملڪ کي دوست ٺاهڻو آهي ۽ ڪنهن سان ڊپلوميسي ڪري رڳو لاڳاپا بهتر رکي ان مان ڪم ٽپائڻو آهي. ڪجهه سال اڳ جڏهن چين ملڪ ۾ سي پيڪ شروع ڪيو ته هر پاسي کان هل هلي ويو ته هاڻ پاڪستان ۾ ايتري ترقي ٿيندي جو گذريل ستر سالن ۾ ڪونه ٿي آهي. پر پوءِ سي پيڪ به آهستي آهستي پسمنظر ۾ هليو ويو. اڄ انهيءَ جو ڪو چونڊيل نمائندو ذڪر به نٿو ڪري. پاڪستان کي وري به آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ ڪرڻو پيو ۽ آءِ ايم ايف جيڪي شرط رکيا آهن، سي پاڪستان کي هر حال ۾ قبول ڪرڻا آهن، ٻي صورت ۾ ان کي پئسو نه ملندو.
آءِ ايم ايف رڳو پاڪستان کي پئسا يا قرض ڏيندڙ ادارو ڪونهي پر اهو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي قرض ڏيندو رهندو آهي ۽ انهن کان پنهنجي مرضيءَ جا ڪم وٺندو رهندو آهي. تنهنڪري جيڪي ملڪ آءِ ايم ايف جي ڏٽن ۾ اچي پنهنجي معيشت تباهه ڪري چڪا آهن، انهن جا مثال اسان جي سامهون آهن. انهن ملڪن جو نه رڳو ڏيوالو نڪري ويو آهي پر اهي ملڪ معاشي تباهه ٿي چڪا آهن. عوامي سطح جيڪي به احتجاج انهن ملڪن ۾ ٿيا آهن، اهي به ڪي تبديليون ڪونه آڻي سگهيا آهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ حڪمرانن خلاف احتجاج ڪرڻ يا مهانگائي خلاف ڪي وڏا وڏا مارچ ڪرڻ وارو معاملو نظر ڪونه ٿو اچي. اهو ان ڪري به نظر نٿو اچي جو ماڻهن ان ڳالهه کي قبول ڪري ورتو آهي ته مهانگائي قدرت پاران آيل آهي. جڏهن خزاني وارو وزير اهو چوندو هجي ته دعا ڪريو ڊالر هيٺ لهي ته عام ماڻهوءَ جي نفسيات جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪٿي به معاشي معاملا دعائن وسيلي ڪونه هلندا آهن پر ان لاءِ بهتر معاشي پاليسيون اختيار ڪيون وينديون آهن. معاشي پاليسين کي ايترو ته جٽادار بڻايو ويندو آهي جو اهي ڏهاڪن تائين پنهنجا اثر ڇڏينديون آهن ۽ لاڀ عوام کي ملندو آهي.
ماڻهن کي مهانگائيءَ جي مار ڏئي پوءِ اهو چوڻ ته مهانگائيءَ تي ضابطو آڻڻ جو ڪو حل ڪونهي. جڏهن ته ڪنهن ملڪ کي هلائڻ ۽ اضافي خرچ گهٽائڻ جا ڪيترائي طريقا موجود هوندا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف چيو هو ته پاڪستان ۾ ٻه سئو گالف ڪلب سرڪاري خرچ تي هلي رهيا آهن. ان کان سواءِ حڪومتي ڪابينا ۾ ويٺل وزيرن مشيرن جا جيڪي خرچ آهن، انهن جو ڪاٿو ڪروڙن ۾ آهي. ملڪ ۾ موجود مراعت يافتا طبقو اڃا تائين به معاشي بار آهي. ان طبقي ۾ حاضر سروس ۽ ريٽائرڊ ڪامورا شامل آهن. جن کي ايتريون نه مراعتون مليل آهن جو انهن جا اولاد عياشيون پيا ڪندا آهن.
هر ڀيري عوام کان قرباني گهرندڙ حڪمرانن ڪڏهن به اهو طئي ناهي ڪيو ته اهي پاڻ به قرباني ڏين. مليل مراعتن کي گهٽائين. عوام ان تبديليءَ کي به ڏسي ورتو جيڪا عمران خان نيازيءَ جي صورت ۾ عوام مٿان مڙهي وئي هئي ۽ هاڻوڪي تبديليءَ کي به ڏٺو آهي، جيڪا اسحاق ڊار جي آسري آندي وئي هئي. ان ڪري سگهاري معيشت هر حوالي سان ملڪ جو تحفظ ڪري سگهي ٿي. پر اها سگهاري تڏهن ٿي سگهي ٿي، جڏهن فيصلا به آزاديءَ سان ڪري سگهجن.