ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد جو سٽي اسڪول جيڪو خوف جي علامت بڻجي ويو

حيدرآباد سميت پوري سنڌ جي وڏن شهرن ۾ نجي اسڪولن جو تعداد ڏينهن به وڌندو رهيو آهي. تعليمدان ڪو روزگار نه ملڻ جي صورت ۾ گهڻي ليکي اسڪول ئي کولي ڇڏيندو آهي. سنڌ جو وزير تعليم سردار شاهه حيدرآباد جي سرڪاري ميران گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ پنهنجي ڌي کي داخل ڪرائڻ وقت چيو پئي ته ماڻهو ٻارن کي وڌ کان وڌ سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين. جيتوڻيڪ هتي عام غريب، وچولي طبقي جا ٻار سرڪاري اسڪولن ۾ ئي تعليم حاصل ڪن. هتي وڏن ادارن جي اسڪالر به سرڪاري اسڪولن لا ئي ڏني ويندي آهي. هن وقت حيدرآباد ۾ هڪ نجي اسڪول سٽي جناح ڪيمپس سحرش نگر ۾ شاگردياڻي مومنا ناريجو جي فوت ٿيڻ جو جيڪو واقعو پيش آيو آهي. ان واقعي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي والدين ۽ ٻارن کي هڪ خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ٻار ايترن مهانگن اسڪولن ۾ به محفوظ نه رهن ته پو هڪ خوف جي حالت پيدا ٿيڻ اڻٽر ٿي ويندي آهي.
قاسم آباد ۾ سٽي اسڪول جناح ڪيمپس برانچ سحرش نگر ۾ 6 هين درجي جي 12 ورهين جي شاگردياڻي مبينا طور 3 ماڙ تان هيٺ ڪري فوت ٿي آهي، شاگردياڻي مومنا جي فوت ٿيڻ وقت ئي پوليس ۽ اسڪول انتظاميه طرفان جي سي سي ٽي وي وڊيو جاري ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ شاگردياڻي کي عمارت تان ٽپو ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. جنهن کي هڪ شخص روڪڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو. ساڳي رات سٽي اسڪول جناح ڪيمپس انتظاميه شاگرياڻي جي فوت ٿيڻ بعد 14 کان 16 فيبروري تائين سٽي اسڪول بند رکڻ لا والدين کي نوٽيس پڻ جاري ڪيو. ايس ايس پي حيدرآباد واقعي جو نوٽيس وٺندي اي ايس پي ڪينٽ جي سربراهي ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي. شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. نسيم نگر پوليس پهچي لاش ايمبولينس وسيلي حيدرآباد سول اسپتال پهچايو. جتي پوسٽ مارٽم سان گڏ ڊي اين اي به ڪرايو ويو. شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ وقت اسڪول ۾ ٿرٿلو مچي ويو. هي واقعو اسڪول ۾ موڪل جي وقت ئي پيش آيو، موڪل وقت ٻارن کي وٺڻ لا آيل والدين پريشاني جي حالت ۾ پنهنجي پنهنجي ٻارن کي تلاش ڪندا رهيا.
اسڪول جي پرنسپال فوزيه بلوچ ۽ اسڪول جي استادن پوليس کي واقعي وقت ٻڌايو ته شاگردياڻي اسڪول جي فلور تان پاڻ ٽپو ڏنو آهي، ابتدائي طور لڳي ٿو شاگردياڻي مبينا طور زندگي جو انت آندو آهي. ان ڏس ۾ اسڪول انتظاميه سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ پوليس وٽ پيش ڪيا. جنهن ۾ شاگردياڻي کي ٽپو ڏيندي ڏسي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هڪ شخص شاگردياڻي کي ٽپو ڏيڻ کان روڪي به رهيو آهي. سنڌ ايڪسپريس ۾ هن واقعي جي رپورٽنگ وقت ايس ايس پي حيدرآباد امجد احمد شيخ مونکي ٻڌايو ته شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ جي جاچ لا اي ايس پي ڪينٽ علينا راڄپر جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن ۾ ڊي ايس پي قاسم آباد مخدوم مصطفى ۽ ايس ايڇ او فرحان ميمڻ کي شامل ڪيو ويو آهي. سي سي ٽي وي مان ابتدائي طور تي آپگهات ئي لڳي ٿو. هن چيو ته وڌيڪ جاچ مان خبر پوندي ته شاگردياڻي جو موت ڪيئن ٿيو آهي. هن چيو ته شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ جو واقعو اسڪول مان موڪل جي وقت ٿيو، ڏسون پيا ته اسڪول ۾ جهيڙو ته نه ٿيو آهي. اسڪول جي پرنسپال فوزيه بلوچ ۽ ٽن استادن کان به بيان ورتا آهن.
شاگردياڻي اصل سانگهڙ جي ڳوٺ احمد خان ناريجو جي رهواسڻ آهي. جيڪا قاسم آباد جي الرحيم ڪاٽيج ۾ وارثن سان گڏ رهندي هئي. ٻئي طرف سٽي اسڪول انتظاميه شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سٽي اسڪول جناح ڪيمپس برانچ قاسم آباد کي 3 ڏينهن 14 کان 16 فيبروري تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو. اي ايس پي علينه راڄپر ٻڌايو ته اسان اسڪول ۾ ڪرائيم سيم ڪري ڏٺو آهي. جڏهن ته شاگردياڻي سان گڏ پڙهندڙ شاگردياڻين کان پڻ معلومات وٺًنداسين. شاگردياڻي مومنا ڌي ذوالفقار ناريجو جي فوت ٿيڻ کانپو پوليس طرفان جوڙيل ڪميٽي جي سربراهه اي ايس پي ڪينٽ علينا راڄپر ٽيم سميت سٽي اسڪول پهچي اسڪول جي انتظاميه، پرنسپال، استادن، گارڊن ۽ ٻئي عملي کان معلومات وٺي ڇڏي آهي. سٽي اسڪول جي ڊائريڪٽر پرائيويٽ ڪاليجز طرفان رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي.
ٿاڻي تي شاگردياڻي جي فوت ٿيڻ جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي. شاگردياڻين جي فوت ٿيڻ کانپو جوڙيل ڪميٽي جي جاچ آفيسر اي ايس پي علينا راڄپر سٽي اسڪول پهچي فوت ٿيل شاگردياڻي بابت معلومات ورتي. اي ايس پي علينا راڄپر پڇا ڳاڇا لا پورا 4 ڪلاڪ منجهند 2 بجي کان 6 بجي تائين سٽي اسڪول ۾ موجود رهي. جتي اسڪول جي ٽيچرس، هيڊ مسٽريس، اسڪول جي عملي، گارڊن ۽ ٽيوشن ڏيندڙ استادن کان شاگردياڻي بابت معلومات ورتي. ٻارڙي کي سٽي اسڪول ۾ تعليم ڏيندڙ ٽيچر جاچ آفيسر کي ٻڌايو ته مومنا جي طبيعت به پنهنجي هئي. هن ۾ ڪانفيڊنس به وڏو هو. جيڪا اڪثر ڪلاس روم ۾ خاموش رهندي هئي. جڏهن ته اي ايس پي علينا اسڪول انتظاميه کي چيو ته اسان کي شاگردياڻي جي پڙهائي جو مڪمل رڪارڊ ڏنو وڃي، نرسري کان وٺي 6 هين درجي تائين جو رڪارڊ ملندو ته ان مان شاگردياڻي جي تعليمي قابليت ۽ ذهني حالت بابت معلومات ملي سگهندي.
ان ڏس ۾ اي ايس پي علينا راڄپر رابطو ڪرڻ تي مونکي ٻڌايو ته ٻارڙي جي فوت ٿيڻ کانپو اسڪول ۾ وڃي ٽيچر ۽ اسٽاف کان تفصيل ورتا آهن. جيڪي ڳالهيون جاچ رپورٽ ۾ شامل هونديون. وڌيڪ جاچ کي پڻ جاري رکيو ويندو. هن چيو ته اسان ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي. زهريلي شئي يا زيادتي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت ڊي اين اي به ڪرائي آهي، شڪ طور ڪنهن ٻارڙي يا عورت سان زيادتي يا زهريلي شئي کائڻ يا ڏيڻ جي شڪ طور ڊي اين اي ڪرائيندا رهندا آهيون. جڏهن ته هن وقت تائين اهڙي ڪا شئي سامهون نه آئي آهي. حتمي رپورٽ مان ئي سڀ خبر پوندي. هي سڄو ڪيس پوليسنگ جي حوالي ٿيل آهي، اهي ئي هن سڄي ڪيس کي ڏسي رهيا آهن. پوليس اڄڪلهه ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪنهن به ٿيندڙ ڏوهه تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪندي آهي. حيدرآباد ۾ ويٺل ڊي آ جي حيدرآباد پير محمد شاهه فارنزڪ سائنس ۽ ڏوهن جي روڪٿام لا آيل جديد ٽيڪنالاجي تي وڏي ڄاڻ رکي ٿو. حيدرآباد ۾ سٽي اسڪول سميت ٻيا سمورا مهانگا تعليمي ادارا فيس جي مد ۾ پئسا وٺڻ وقت ته تڪڙ ڪندا آهن، جتي گنجائش کان وڌيڪ به اسڪول ۾ ٻارن جي داخلا رکي ويندي آهي. جتي ڪتابي ڪورس کانسوا ٻارن جي ادب، سائنس سميت دلچسپ موضوعن تي پروگرام نه ٿين ته پو ان ادارن ۽ سماج ۾ اهڙا هاڃا ۽ لقا جنم وٺندا رهندا آهن. سانگهڙ جي مقامي ميڊيا تي ٻِارڙي جي والد ذوالفقار ناريجو جو بيان به سامهون آيو آهي. جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ڌي جو موقت اسڪول انتظاميه جي غفلت سان ئي ٿيو آهي. ڌي جي فوت ٿيڻ جو اطلاع به اسڪول انتظاميه نه پر ڌي کي اسڪول کڻي ويندڙ رڪشا ڊرائيور ڏنو. انڪري پوليس ٻارڙي جي موت جي جاچ لا سڀ شيون ۽ بيان شامل ڪندي. ٻِارڙي جي فوت ٿيڻ جو معاملو اًڃا ڳجهه ئي بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button