ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عوام دشمن مني بجيٽ

اڄوڪي ايڊيٽوريل جي شروعات پاڻ ان سوال کان ڪريون ٿا ته حڪمرانن جي نظر ۾ عوام ڪير آهي؟ ان وٽ عوام جهڙي مخلوق جي وصف ڪهڙي آهي، جنهن لاءِ حڪمران سدائين چوندا رهندا آهن ته عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي. ڪالهه ضمني مالياتي بل پيش ڪري عوام مٿان هڪ ڀيرو وري مهانگائيءَ جي ڇپ ڪيرائي وئي آهي. نوان ٽيڪس مڙهي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش وئي آهي ته ان سان عوام تي ڪو بار ڪونه پوندو. ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ حڪومت بجلي ۽ گئس جون قيمتون وڌائي ڇڏيون هيون. انهن قيمتن جي وڌڻ سان هونئن به مهانگائي وڌي وئي هوندي ڇاڪاڻ ته جتي به بجلي ۽ گئس ڪمرشل آهن، اتي واپاري شيون پاڻمرادو مهانگيون ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪالهه جيڪو بل سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ان ۾ شادي هالن ۽ هوٽلن تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز کان سواءِ ڪمرشنل لائنز، ماڪري ۽ ڪلبن تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته موبائيل فون تي به ٽيڪس ۾ واڌ جي تجويز شامل ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ هوائي ٽيڪيٽن تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ سان گڏ مشروب جي ريٽيل اگهه تي به ڏهه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. ضمني مالياتي بل ۾ سيمنٽ تي 50 پيسا في ڪلو ٽيڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ڏيڍ روپئي مان وڌائي 2 رپيا ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. بين الاقوامي سفر لاءِ هوائي ٽڪيٽ تي 50 هزار في ٽڪيٽ ۽ مجموعي رقم جو 20 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. ميوا، جوس، ٻين مشروب تي 10 سڪيڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سان ڪمپنيءَ جا شيئر رکڻ تي مارڪيٽ ويليو تي 10 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز به مالياتي بل ۾ شامل آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اها آءِ ايم ايف جا شرط ان ڪري مڃي رهي آهي جو اڳوڻي حڪومت ان سان معاهدو ڪيو هو. ڇا حڪومت ۾ ايتري به اهليت ناهي جو اها آءِ ايم ايف کي اهو چئي سگهي ته عوام تي ٽيڪسن جو واڌو بار نٿا وجهي سگهون. ڇاڪاڻ ته اڳ ئي عوام تي مهانگائيءَ جو ايترو بار آهي جو ان جون رڙيون نڪري ويون آهن ۽ هو اهو چئي رهيو آهي ته مهانگائي گهٽ ڪئي وڃي. پي ڊي ايم جي حڪومت ۾ ويٺل هاڻوڪا وزير مشير پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مهانگائي خلاف احتجاج پيا ڪندا هئا ۽ سندن چوڻ هوندو هو ته مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. پر هاڻ جڏهن مهانگائي بنهه گهڻي وڌي وئي آهي ته ان کي گهٽائڻ لاءِ بدران حڪومت عوام مٿان مختلف ٽيڪس مڙهي ان جو جيئڻ حرام ڪري رهي آهي. حڪمرانن کي خبر هئڻ گهرجي ته عوام جي قوت خريد ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ۽ ان وٽ ايترو پئسو به ڪونهي جو اهو پنهنجو گهر بهتر نموني هلائي سگهي.
ڇا حڪومت وٽ عوام لاءِ رحم آهي يا ان اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته هر قسم جي اوڳاڙي عوام کان ڪرڻي آهي. جڏهن ته عوام ڪنهن به ريت ان قابل ڪونهي جو اهو مني بجيٽ جو بار برداشت ڪري سگهي ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ مالياتي سال جي پڄاڻيءَ تي وري بجيٽ پيش ڪئي ويندي، ان ۾ عوام جو حشر ڪهڙو ٿيندو، ان جو اندازو عوام کي ضرور هوندو، ڇاڪاڻ ته هي حڪومت عوام کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪهڻ لاءِ وجود ۾ آئي آهي، جنهن وٽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت جا وزير مشير پنهنجن مراعتن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. انهن لاءِ عوام جي ڏکن سورن جو ڪو حل ناهي. آءِ ايم ايف جي چوڻ تي پنهنجي معيشت کي تباهه ڪري هاڻ عوام جو رت چوسي رهيا آهن. پر حڪمرانن کي ايترو ضرور سوچڻ گهرجي ته عوام جي ڪاوڙ ڪڏهن به اُڇل کائي سگهي ٿي.
اسين سمجهون ٿا ته مني بجيٽ کان پوءِ عوام لاءِ جيئڻ سان سڀ رستا بند ٿي ويا آهن. ان جي حالت ايتري ته خراب ڪئي وئي آهي جو اهو ڪنهن به ريت هن دور ۾ پنهنجي گهر جو گاڏو ڪونه هلائي سگهندو. تنهنڪري عوام کي رليف ڏيڻ جا ڪوڙا وعدا ڪرڻ بدران حقيقي معنا ۾ رليف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button