اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

کاڄرو تيل،بسڪيٽ،جيلي،نوڊلز،ٽافيون،صابڻ،پرفيوم ۽ ڪريم مهانگا

اسلام آباد:حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عملدرآمد لاءِ 170 ارب رپين جي مني بجيٽ کان اڳ سڀني شين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪري ڇڏي. فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب دٻي ۾ بند سڀني شين تي به سيلز ٽيڪس 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جنهن سان کاڄرو تيل، بسڪيٽ، جيلي، نوڊلز سڀ مهانگا ٿي ويا. ٻارن جا رانديڪا، چاڪليٽ، ٽافيون، عورتن لاءِ ميڪ اپ جو سامان، شيپمو، ڪريم، لوشن، صابڻ ۽ ٽوٿ پيسٽ تي به سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. هيئر ڪلر، هيئر ريموور ڪريم، هيئر جيل، شيونگ فوم، شيونگ جيل، شيونگ ڪريم ۽ شيونگ بليڊرز تي به سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر، ليپ ٽاپ، گيجٽس، موبائل، سمارٽ فونز ۽ آءِ پوڊز، ٽي وي، ايل اي ڊي، ايل سي ڊي، جوسر، بلينڊر، شيڪرز ۽ ٻي اليڪٽرانڪ مشينري تي به سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي. گاڏين جي شيمپو، گاڏي چمڪائڻ جي ڪريم ۽ ٻئي سامان، پرفيوم ۽ برانڊد فطر تي به سيلز ٽيڪس 18 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button