سنڌ

ايس يو پي جو مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني خلاف سکر کان “سنڌ پيادل مارچ” شروع

سنڌ ۾ بدترين مھانگائي، بيروزگاري، وڌندڙ بدامني خلاف ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لا ايس يو پي جو سکر کان مرڪزي صدر زين شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ “سنڌ پيادل مارچ” شروع ٿي ويو، جنهن ۾ ڪارڪن تمام وڏي انگ ۾ شريڪ آھن، سنڌ مارچ 33 ڏينهن بعد ڪراچي پهچندو. سکر مان سنڌ مارچ جي شروعات ھيمون ڪالاڻي چوڪ کان ڪئي وئي. روانگيءَ کان اڳ ايس يو پي جي شھيد اڳواڻ حسيب جوڻيجي کي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي وئي ۽ سندس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ مارچ قافلو سکر پريس ڪلب، تير چوڪ، بندر روڊ، ورلڊ گلوبل چوڪ، ملٽري روڊ، شڪارپور ڦاٽڪ، سبزي منڊي، بس ٽرمينل اسٽاپ ۽ ڊيھا ڳوٺ کان ٿي جھان خان پھتو، جتي قائم ڪيل ڪيمپ ۾ مارچ جي پانڌيئڙن پھريون پڙاءُ ڪيو آهي. ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائستا بلوچ، پي ٽي آئي سکر ليڊيز ونگ جي صدر صفيا بلوچ، سکر شھري اتحاد جي چيئرمين مولانا عبيدالله ڀٽو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ايڊوڪيٽ سندر چاچڙ، نجب ڊوگر، عجيب جوڻيجو، سکر ڊولپمينٽ الائنس جي اڳواڻن جاويد ميمڻ، تحريڪ انصاف اڳواڻن ظھير بابر، ماجد ڏنور، سکر بچايو تحريڪ جي چيئرمين فضل الرحمان ڀٽو، عوامي جدوجهد فورم جي چيئرمين حق نواز حيدري، جسقم اڳواڻ ڏاڏو ابڙو، پاڪستان ميڊيا ڪائونسل جي اڳواڻن مشتاق گھانگھرو، ماجد ميمڻ سميت ٻين اڳواڻن مختلف ھنڌن تي گلن جي ورکا ڪري پيادل مارچ جو زبردست استقبال ڪيو ۽ زين شاهه سميت سمورن اڳواڻن کي گلن جا ھار پارايا. پيادل مارچ جي اڳواڻي ايس يو پي صدر زين شاهه، روشن ٻرڙو، جڳديش آهوجا، امير آزاد پنهور، امير علي ٿيٻو، خواجا نويد، عيدن جاگيراڻي، حاتن شر، بشير لنڊ، سراج ڊوگر ۽ ٻيا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي زين شاهه “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ تاريخ جي بدترين معاشي سياسي ۽ سماجي بحران کي ڀوڳي رهي آهي. ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل پيپلز پارٽيءَ جا حڪمران عالمي امداد ڳڙڪائي ويا آهن. ٻوڏ ۽ برساتن ۾ متاثر ٿيل سنڌ جا ڪروڙين ماڻھو دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کين گھر ٺھرائي ڏيڻ جا سکڻا اعلان ڪيا آهن ۽ گھر ٺھرائڻ جي مد ۾ ھڪ رپيو به ناھي ڏنو ويو. سنڌ جا ماڻهو اڳ ئي بک بدحالي بيروزگاريءَ مھانگائي خراب حڪمرانيءَ ۽ سرڪاري ڦرلٽ جو شڪار ھئا اھڙي صورتحال ۾ مھا ٻوڏ ۽ برساتن غريب عوام جي رھيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي. جنهن پويان واضح طور تي پيپلز پارٽيءَ جو ھٿ آهي. ڪرپٽ حڪمرانن عالمي امداد جي لالچ ۾ مختلف علائقن ۾ ڪٽ ھڻائي ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙايو. ھينئر سنڌ جي وحدانيت تي حملا ٿي رهيا آهن. وڌيڪ صوبا ٺاهڻ بابت ٺاھيل ڪميٽي جو چيئرمين به پيپلز پارٽي جو آهي. سنڌ جي جغرافيائي حدن سان ڪا به ڇيڙ ڇاڙ قبول ناهي. نون صوبن واري ڪميٽي کي فوري طور ڪالعدم ڪيو وڃي. سنڌ وٽ پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪومتي راڄ کان نجات حاصل ڪرڻ سواءِ ٻي ڪا واٽ ناھي. سنڌ کي بچائڻو آهي ته ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سيد زين شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم سرڪار جي عوام دشمن پاليسين غريب ماڻهوءَ جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھتل آھي. پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اٽي جون قيمتون وڌايون ويون آهن. عام ماڻھو کي ٻن ويلن جي ماني کان محروم ڪيو ويو آهي. محسوس ٿي رهيو آهي ته حڪمران غربت بدران غريبن کي ختم ڪرڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال پڻ انتھائي خراب آھي. سنڌ جي شھري علائقن ۾ به ماڻهو پاڻ کي مڪمل طور تي غير محفوظ محسوس ڪري رھيا آھن. حسيب جوڻيجي کي سکر شھر ۾ ڳڀا ڳڀا ڪري قتل ڪيو ويو. حسيب جو رڳو ھڪڙو قاتل گرفتار آهي ٻيا جوابدار آزاد گھمي رھيا آھن. اھا سکر پوليس جي نااهلي آهي. واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ عدالتي ڪميشن قائم ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن. ھن چيو ته “سنڌ مارچ” 19 مارچ تي ڪراچي پھچي تاريخي جلسي ۾ تبديل ٿي ويندو. جلسي ۾ لکين ڪارڪن شريڪ ٿيندا. ھي جاڳرتا مھم جي ابتدا آهي. لانگ مارچ کان پوءِ گھر نه ويهنداسين وري جدوجهد جو ٻيو مرحلو شروع ٿيندو. ايندڙ عام اليڪشن ۾ پيپلز پارٽيءَ سان سموري سنڌ ۾ مھاڏو اٽڪايو ويندو. ايس يو پي پنھنجي اتحادي پارٽين سان گڏجي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي ڊويزنل سيڪريٽري جنرل عيدن جاگيراڻي “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته سکر جي شھرين سنڌ مارچ کي ڪامياب بڻايو آهي. ايس يو پي تاريخ رقم ڪري رهي آهي. سموري سنڌ عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. حقن جي حاصلات لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن. اسان سنڌ خاطر پنھنجا پير پٿون ڪري رهيا آهيون. سيد زين شاهه جي قيادت ۾ سنڌ کي بھادر قيادت ملي آهي. 19 مارچ تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو رٿيل جلسو تاريخي هوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button