پاڪستانرانديون

احسان الله جي لاجواب بالنگ،ڪوئيٽا 110 تي ڍير، ملتان سلطانز پهرين مئچ کٽي ورتي

ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر احسان الله پي ايس ايل مئچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جا 5 شڪار ڪري پنهنجي ٽيم کي آسان فتح ڏياري ڇڏي، رضوان جي ٽيم سرفراز اليون کان زور ٿي وئي، جنهن 111 رنسن جو ٽارگيٽ صرف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميگا ايونٽ ۾ ڪاميابي جو کاتو کولي ڇڏيو آهي. پاڪستان سپر ليگ هلندڙ اٺين سيزن جي ٽئين دنگل ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪوئيٽا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ ملتان جي ڪپتان محمد رضوان ٽاس کٽڻ بعد پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو، ڪوئيٽا ٽيم احسان الله جي لاجواب بالنگ اڳيان پير ڄمائي نه سگهي، احسان 4 اوورن ۾ صرف 12 رنسون ڏئي مخالف ٽيم جي 5 رانديگرن جيسن رائي، عمر اڪمل، افتخار احمد، سرفراز احمد ۽ نسيم شاهه کي آئوٽ ڪيو. ثمين گل ۽ عباس آفريدي 2- 2 شڪار ڪيا. جواب ۾ ملتان سلطانز گهربل هدف 14 هين اوور ۾ پورو ڪيو، رائلي روسو 78 ۽ رضوان 28 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. شان مسعود 3 رنسن تي آئوٽ ٿيو. پي ايس ايل ۾ اڄ شام 7 وڳي ڪراچي ڪنگز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button