اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مني بجيٽ پيش،سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد ؛آئي ايم ايف جي شرطن تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پارليامينٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو. عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي لگزري شين تي سيلز ٽيڪس وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس مقرر وقت کان تقريبن هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، جنهن ۾ اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو. قومي اسيمبلي ۾ مالياتي ضمني بل 2023ع پيش ڪرڻ جي موقعي تي وزيراعظم ايوان ۾ شرڪت نه ڪئي. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته حڪومت سنڀالڻ کي ڪجهه مهينا ئي گذريا ته ٻوڏ اچي وئي، ٻوڏ سبب 8 هزار ارب کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. پر اسان وٽ نائين آءِ ايم ايف جو مشن آيو ۽ اسان 10 ڏينهن تائين ڳالهيون ڪيون. اسان مختلف معاملن تي عملدرآمد جو اشارو ڏنو. جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ تي 34 هزار ارب قرضن جو بار هو. هن بل پيش ڪرڻ دوران عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏيندي چيو ته لگزري شين تي جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح وڌائي 17 کان 25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. شادي هالن جي تقريبن جي بلن تي 10 سيڪڙو ٽيڪس، جڏهن ته سگريٽ ۽ شربتن تي فيڊرل ايڪسائز ڊيوٽي جي شرح ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي به تجويز آهي. جڏهن ته مختلف شين تي جي ايس ٽي جي شرح 17 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بل ۾ شادي هالن ۽ هوٽلن تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز کان علاوه ڪمرشل لان، مارڪيز ۽ ڪلبن تي به ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته موبائل فونن تي به ٽيڪس وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ان کان علاوه ايئر ٽڪيٽن تي ايڊوانس ٽيڪس جي تجويز آهي. بل ۾ سيمينٽ تي 50 پئسا في ڪلو ٽيڪس وڌائڻ، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي هڪ کان اڍائي رپيا في ڪلو تائين وڌائڻ جي تجويز آهي. بل ۾ سي بي جي سيڪشن 236 تحت 10 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز به شامل آهي. ناڻي واري وزير چيو ته لگزري شين تي 25 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. فنانس بل ۾ شادي جي تقريب، سيمينار، ورڪشاپ، نمائش، ميوزيڪل شوز ۽ ٻين پارٽين تي 10 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي، اهو ٽيڪس ايڊجسٽبل هوندو. فنانس بل ۾ 500 ڊالرن کان وڌيڪ قيمتي موبائل فونن تي جي ايس ٽي جي شرح 17 کان 25 سيڪڙو تائين وڌائڻ جي تجويز شامل آهي. فنانس بل موجب 50 هزار رپيا في ٽڪيٽ فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لڳائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ عالمي سفر لاءِ هوائي ٽڪيٽن تي ڪل رقم جو 20 سيڪڙو. ٻنھي کان وڌيڪ چارج ڪيو ويندو. بل ۾ ميون، رس ۽ ٻين مشروبات تي 10 سيڪڙو ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سان گڏ ڪمپني جي شيئرز جي مارڪيٽ ويليو تي 10 سيڪڙو ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز پڻ شامل ڪئي وئي آهي. اسحاق ڊار اعلان ڪيو ته هارين لاءِ 2 هزار ارب رپين جو پيڪيج ڏنو ويو آهي. هڪ هزار ارب رپيا ورهايا ويا آهن. نوجوانن جي قرضن لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هارين کي زرعي اوزارن تي سستا قرض ڏنا ويندا. هارين کي ڀاڻ تي 30 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن، 5 سال پراڻي ٽريڪٽر تي رعايت ڏني پئي وڃي. هارين کي 75 هزار سولر ٽيوب ويلز ڏنا ويندا. سندس چوڻ هو ته حڪومت کي مهانگائي جو احساس آهي، تنهن ڪري اسان ڪوشش ڪئي آهي ته غريب عوام تي گهٽ بار پئي. اهو ئي سبب آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي. پروگرام جي رقم ۾ 40 ارب رپين جي واڌ ڪئي وئي آهي، جيڪا 400 ارب رپيا ٿي ويندي. اسحاق ڊار چيو ته اوڳاڙين جي 170 اربن جي موجوده ۽ گذريل ٽارگيٽ کي پورو ڪيو ويندو. جڏهن ته 5 سال پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني وئي آهي. هارين لاءِ 2000 ارب رپين جو پيڪيج ڏئي چڪا آهيون، جن مان 1000 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن. هارين کي زرعي سامان تي سستا قرض ڏنا ويندا ۽ ڀاڻ تي 30 ارب رپيا ڏنا پيا وڃن. ڪمزور مالي پوزيشن باوجود ٻوڏ متاثرن لاءِ 300 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته يوٿ لون لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن، 75 هزار سولر ٽيوب ويل لڳائڻ جو هدف رکيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته دوائن، پيٽروليم، اسپورٽس جي ايل سيز کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. شروعاتي طور تي معاشي ترقي جي رفتار سست هوندي پر پوءِ اها شرح 4 سيڪڙو تائين ويندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو، ن ليگ جي گذريل دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي. ن ليگ جي دور ۾ جي ڊي پي ۾ 112 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي، ن ليگ حڪومت قرضن ۾ گهٽ کان گهٽ واڌ جي ڪوشش ڪندي آهي. اسان جي دور ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿي، پي ٽي آءِ جي دور ۾ ملڪي تاريخ جا رڪارڊ قرض ورتا ويا. پي ٽي آءِ جي دور ۾ عام ماڻهو جي آمدني گهٽي. ن ليگ سينيٽر چيو ته بجلي شعبي ۾ سڌارا اسان لاءِ وڏي حيثيت رکن ٿا، عالمي مالياتي ادارن بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو چيو آهي. اسان عمران حڪومت جي آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن کي نڀايو، اسان ان جي وڏي سياسي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون، سمجهون ٿا ته سياست نه رياست اهم آهي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد ضمني مالياتي بل تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، وزيراعظم ۽ ڪابينا پنهنجا خرچ گهٽ ڪرڻ جو پلان ڏيندي. جڏهن ته اسحاق ڊار سينيٽ ۾ ضمني مالياتي بل 2023 پيش ڪيو ته اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو ۽ سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس جو گهيرو به ڪيو ويو. سينيٽ ۾ اپوزيشن ميمبرن بل جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون ۽ حڪومت خلاف نعريبازي به ڪئي. جڏهن ته سينيٽ چيئرمين بل اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪليندي ايوان جي ڪارروائي 23 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button