سنڌ

پيپلز پارٽي تڪبندين تي ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃڻ لا تيار

پاڪستان پيپلز پارٽي تڪ بندين جي معاملي تي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جا مطالبا مڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي. ڪراچي جي علائقي بهادر آباد پهچڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ايم ڪيو ايم جو جمهوري حق هو. ناصر شاهه چيو ته ملاقات ۾ تڪبندين بابت ايم ڪيو ايم جي مطالبن سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته فرد واحد ملڪ ۾ افراتفري پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڪڏهن استعيفيٰ ڏئي ٿو ۽ پوءِ اسيمبلي ۾ اچڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، هو هر روز نوان افواهه جاري ڪندو رهيو آهي، هو چوندو هو ته آمريڪا سازش ڪئي آهي، پوءِ يوٽرن وٺي چوي ٿو ته آمريڪا سازش نه ڪئي. ناصر حسين شاهه چيو ته هو ايم ڪيو ايم جي دوستن جو احترام ڪريون ٿا، سياست ۾ اختلاف ٿيندا رهندا آهن، ايم ڪيو ايم جا خدشا دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، گڏجي ويهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن کي تڪبندين تي نظرثاني جو چيو آهي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر مصطفيٰ ڪمال چيو ته جيڪڏهن حڪومت 10/1 ليٽر تي راضي ٿئي ها ته اسان چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪريون ها، اليڪشن ڪميشن اسان جا مطالبا نه مڃيا، سنڌ حڪومت راضي ٿي وئي آهي. 10/1 جو ريٽرن ليٽر اڄ جاري ڪيو ويندو، نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ بعد اسان جو موقف تسليم ٿي ويندو. مصطفيٰ ڪمال چيو ته سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته ڪراچي جون تڪ بنديون درست نه آهن، اها ڪراچي جي عوام جي وڏي فتح آهي ته حڪومت اسان جو مطالبو مڃيو آهي، 53 يونين ڪائونسلن جي واڌ اسان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button