پاڪستان

فنانس بل رد، سينيٽ ۾ ڀرپور مخالفت ڪنداسين، صدر علوي رڪاوٽ نه بڻجندو: عمران خان

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آ سينيٽ ۾ فنانس بل جي ڀرپور مخالفت ڪندي پر صدر عارف علوي رڪاوٽ نه بڻجندو، جڏهن گرفتاريون شروع ٿيون ته مان گرفتاري ڏيندس، انهن جي ڪوشش آهي ته مون کي گرفتار ڪري نااهل ڪيو وڃي، حڪومت مني بجيٽ پيش ڪيو آهي، هي هتي نه بيهندا، ملڪ ۾ وڌيڪ مهانگائي ايندي. زمان پارڪ لاهور ۾ وڊيو لنڪ خطاب ميڊيا سان ڳالهه ٻول ۾ عمران خان چيو ته حڪومت مني بجيٽ پيش ڪئي آهي، تحريڪ انصاف سينيٽ ۾ فنانس بل جي ڀرپور مخالفت ڪئي آهي، اسحاق ڊار صدر سان ان ڪري مليو آهي ته هو آرڊيننس تي صحيح ڪري پر صدر انڪار ڪري ڇڏيو، عارف علوي کي فنانس بل تي رڪاوٽ بڻجڻ نه ڏنو ويندو، مني بجيٽ سان مهانگائي ۾ اڃا به اضافو ٿيندو، جيڪڏهن اسان آ ايم ايف جي ڳالهه مڃي به وٺون ته وڌيڪ دٻڻ ۾ ڦاسي پونداسين، پاڪستان سان جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ٿيڻو ئي هو. هن چيو ته مون پنهنجي حڪومتي دور ۾ 100 سئو سيڪڙو سکي ورتو ته ڪنهن به آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ نه ٿيڻ گهرجي، هن وقت جيڪي قدم کنيا پيا وڃن، اهي ملڪ جي معيشت ٺيڪ ڪرڻ جو حل ناهي، ان جو واحد حل صاف ۽ شفاف اليڪشن ۽ عوامي مينڊيٽ واري حڪومت آهي، ته جيئن اها ڏکيا فيصلا ڪري ۽ ڪينسر کي ڪٽي ملڪ کان ٻاهر ڪڍي، موجوده حڪمرانن جي پٺيان جيڪي ماڻهو بيٺل آهن مان انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هنن وٽ ڪو پروگرام ناهي، هي ائين ئي آهي ڄڻ ڪينسر جو علاج ڊسپرين گوري سان ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته آ ايم ايف وٽان ڊالر اچي به ويا تڏهن به اسان جي آمدني ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ اسان جا قرض وڌندا پيا وڃن، سڀئي شيون اسان جي قومي سلامتي ڏانهن وڃي رهيون آهن، ڇو ته اسان وٽ مٽاسٽا ناڻي جا ذخيرا تاريخ جي هيٺانهين سطح تي پهچي ويا آهن. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته پاڪستان اتي پهچي ويو آهي، جنهن جو خطرو هو، هاڻي حل اهو آهي ته قوم ٻڌي جو مظاهرو ڪري آئين ۽ قانون جي بالادستي لا اٿي کڙي ٿئي، اليڪشن ۾ دير ڪرڻ سان ملڪ جا مسئلا وڌيڪ گنڀير ٿي ويندا، قوم پرامن احتجاج لا تيار ٿي وڃي، اسان ايتري وڏي پارٽي آهيون جو هڙتال ۽ احتجاج جو اعلان ڪريون ته سڀ ڪجهه بند ٿي ويندو پر اسان پرامن احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، هن تحريڪ جو مقصد ماڻهن مان جيلن ۽ ڪيسن جو خوف ختم ڪرڻو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button