سنڌ

وفاق قدرتي وسيلن بابت نئون معاهدو ڪري:سنڌ حڪومت

ملڪ ۾ گئس ۽ پيٽروليم شين جي بحران سبب سنڌ حڪومت وفاق ۽ صوبن وچ ۾ قدرتي وسيلن بابت نئين معاهدي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. توانائي واري صوبائي وزير امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته گئس جي ورڇ وارو معاهدو نئين سر ٺاهيو وڃي. امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته سنڌ پيٽروليم ڪمپني گئس جي ڳولا لاءِ ڪم ڪندي، تجويز ڪيل سنڌ پيٽروليم ڪمپني صوبي ۾ گئس ۽ پيٽروليم جي ڳولا جا لائسنس جاري ڪندي.هن چيو ته گئس جي نون ذخيرن جي ڳولا سان گڏ موجوده گئس جي ذخيرن جي ورڇ جي به نگراني ڪئي ويندي. ذريعن موجب ڪمپني جي فعاليت، قاعدن ۽ ضابطن بابت سفارشن جو مسودو پڻ تيار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button