پاڪستان

ملڪ ۾ آڪسيجن نيٽرز جي کوٽ، ٻن هفتن اندر 90 سيڪڙو سرجريون ملتوي ٿي ويون

سڄي ملڪ ۾ آڪسيجن نيٽرز جي گهٽتائي سبب دل جي مرض ۾ مبتلا مريض وڏي پريشاني ۾ اچي ويا، 90 سيڪڙو با پاس سرجريون ملتوي ٿي ويون آهن. مليل ڄاڻ موجب آڪسيجن نيٽرز دستياب نه هئڻ ڪري گذريل ٻن هفتن دوران سڄي ملڪ ۾ دل جي با پاس جون 90 سيڪڙو سرجريون نه ٿي سگهيون آهن، رپئي جو قدر گهٽجڻ ۽ ايل سيز جاري نه ٿيڻ ڪري طبي اوزار درآمد نه پيا ڪيا وڃن. پنجاب ۾ صحت جي نگران وزير تصديق ڪندي چيو ته ڊريپ طرفان خاطري ڪرائي وئي آهي ته هڪ هزار کان وڌيڪ آڪسيجن نيٽر مالي مسئلن سبب بندرگاهن تي ڦاٿل هئا، جيڪي هاڻي جاري ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته آڪسيجن نيٽر دل جي با پاس سرجري جو لازمي حصو هوندو آهي، جنهن جي استعمال سان سرجري دوران مريض کي زنده رکيو ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button