ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سرڪار سادگي اختيار ڇو نھ ٿي ڪري؟

Editorial-Article- Ajaz Mangi

اسحاق ڊار بظاھر ان لاءِ آيو ھو تھ ھو ملڪ جي معاشيات کي بھتر بڻائي. عوام جي مٿان مھانگائيءَ جو بار گھٽائي. مسلم ليگ ن جي سياسي ساک کي بحال ڪرڻ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪري. پر ھن واپس وري ڇا ڪيو آھي؟ پنھنجا ڪيس ختم ڪرائڻ ۽ پنھنجيون ضبط ملڪيتون حاصل ڪرڻ کان سواءِ ھن پاڪستاني روپئي جو اگھھ سرڪار جي سياسي وقار کان وڌيڪ ھيٺ ڪيرائي ڇڏيو آھي. آءِ ايم ايف جي ھر شرط پوري ڪرڻ لاءِ ھن ڀيري تھ ھن ملڪي تاريخ جو ھڪ اھڙو شرمناڪ باب تحرير ڪيو آھي، جنھن جو مثال تلاش ڪرڻ مشڪل آھي.
ھن حڪومت جي شاھه خرچين کي پورو ڪرڻ ۽ سرڪار پاران دل کولي مال کائڻ ۽ کپائڻ لاءِ شادين تي ٽيڪس مڙھي ڇڏيو آھي. ھن کاڌي پيتي جي شين مٿان تھ ڇا ٻارن جي رانديڪن، چاڪليٽن ۽ ٽافين کي بھ نھ بخشيو آھي. جيڪا حڪومت ٻارن تي قياس نھ ٿي ڪري ان حڪومت ھجڻ جو اخلاقي جواز ڪھڙو ٿو بچي؟ اھا حڪومت ڪنھن بھ طور تي عوامي ٿي نھ ٿي سگھي، جيڪا عوام جي مٿان عذاب جو بار وڌائي. جيڪا غريبن کي وڌيڪ غريب بڻائي. جيڪا اميرن کي آسودو ڪري. جيڪا زندگيءَ کي زھر بڻائڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪري. اھا حڪومت عوام آزار حڪومت آھي، جيڪا ماڻھن جو جيئڻ مشڪل ڪري. جيڪا خوراڪ ۽ انسان جي وچ ۾ مسلسل دوري وڌائي. جيڪا زندگيءَ جو قافلو اڃ ۽ بک جي رڻ ۾ رلائي. جيڪا ماڻھن جي مسلسل زخم ڏئي ۽ پوءِ انھن زخمن جي مٿان نمڪ پاشي ڪندي اھو فرمائي تھ عوام سادگي اختيار ڪري.
عوام جي سادگي اختيار ڪرڻ جو تھ سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي. ڇو تھ ھن حڪومت عوام جي اھا حالت ڪري ڇڏي آھي جو عوام سادگيءَ کان بھ ڪيترائي درجا ھيٺ ڪري پيو آھي. سادگي تھ ھڪ پاڻ مرادو عمل آھي. سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو اھو ڪري سگھي ٿو، جنھن وٽ گھڻو ڪجھھ ھجي پر ھو ڪنھن مقصد جي لاءِ گھٽ خرچ ڪري. مھانگيون شيون نھ واپرائي. سادو کائي. سادو پائي. سادگي سان رھي. عوام ۾ وٽ آھي ڇا؟ جو ھو سادگي اختيار ڪري! ھن حڪومت ماڻھن وٽ ڇڏيو ڇاھي؟ ماڻھن وٽ ڪجھھ آھي ئي نھ تھ سادگي اختيار ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نھ ٿو ٿئي. سادگيءَ جو فيصلو تھ ان صورت ۾ ڪيو ويندو آھي جو ڪجھھ ھجي پر جڏھن ڪجھھ ھجي ئي نھ تھ سادگي ڇاجي؟ اھو تھ بلڪل ائين آھي جو ھڪ اھڙو غريب جنھن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ڳڀو نھ ھجي ۽ ھن کي ڊائيٽنگ جي نصيحت ڪجي! ڊائيٽنگ يا ٿورو کائڻ جو مشورو تھ ان کي ڏبو آھي، جنھن وٽ ان جا انبار ھجن. جنھن وٽ ڪيڪ ۽ فروٽ جام ھجن. جنھن جي گھر جو ريفريجريٽر ٽمٽار ھجي. پر جيڪو صبح کان وٺي رات تائين ماني ڳڀي لاءِ حيران ۽ پريشان ھجي، ان کي ڊائيٽنگ جي نصيحت ڪرڻ جو تھ ڪو جواز ئي نھ ٿو رھي. پر پوءِ بھ ھي حاڪم اھڙا تھ بي درد ۽ بي رحم ۽ سياسي طور تي بي شرم آھن جو ھو ھڪ طرف ماڻھن کي ڏک ۽ بک ۾ ڌڪين ٿا ۽ ٻي طرف انھن کي سادگي اختيار ڪرڻ جا ڀاشڻ ڏين ٿا. انھن کي سمجھائين تھ سادگي اختيار ڪرڻ سان انھن کي ۽ ملڪ کي ڪيترو نھ فائدو پئجي سگھي ٿو.
اسان جي سياست مان پھرين شعور ختم ٿيو ۽ ھاڻي اسان جي سياست مان شرم بھ ختم ٿي رھيو آھي. ھي شعور سوال ناھي. ھي شرم جو معاملو آھي. ڇو تھ ھڪ بکي کي ماني نھ کائڻ جا فائدا ٻڌائڻ جو عمل شرمناڪ آھي. ھڪ انگ اگھاڙي کي ڪپڙا نھ پائڻ مان پوندڙ لاڀ سمجھائڻ جو عمل شعور جو مظاھرو ناھي. اھو مڪمل طور تي شرمساريءَ جو باعث بڻجڻ گھرجي پر اقتداري سياست جي اکين ۾ لڄ جو ڪو بھ لنگھھ ناھي. اقتداري سياست مڪمل طور تي شرم پروف بڻجي وئي آھي. جيڪڏھن ڪو بھ ان کي شرم ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو تھ ھو مڪمل طور تي ناڪام ٿيندو. ڇو تھ شرم ۽ اقتدار ٻھ الڳ الڳ شيون بڻجي ويا آھن. انھن جو پاڻ ۾ جيڪڏھن ڪو تر جيترو تعلق ھو تھ ھاڻي اھو بھ باقي نھ بچيو آھي. جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ پاڪستان جي عوام جھڙي مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن کي اھي وزير ۽ اھي مشير سادگي اختيار ڪرڻ جو ڪيئن ٿا چئي سگھن، جن جا پورا خاندان لنڊن جھڙي شاھوڪار شھر جي امير علائقن ۾ رھن ٿا. جن وٽ تمام مھانگيون گاڏيون آھن. جيڪي تمام مھانگن شاپنگ مالن مان خريداري ڪن ٿا. جن جي ٻارن کي دنيا جي انھن برينڊز جا ڪپڙا پاتل ھوندا آھن، جيڪي برينڊز پاڪستان ۾ خوشحال خاندان بھ افورڊ ڪري نھ ٿا سگھن. جيڪي حڪمران ڪمرشل فلائيٽس بدران اڪيلن جھازن ۾ سفر ڪن، انھن کي اھو اخلاقي حق ئي نھ ھجڻ گھرجي تھ ھو عوام کي سادگيءَ جي نصيحت ڪرڻ جو سوچي بھ سگھي پاڪستان ۾ گھڻي وقت کان وٺي عوام کي آزارڻ ۽ عوام جي ڦٽن تي نمڪ پاشي ڪرڻ جو رواج نھ رڳو ھلي رھيو آھي وري ھاڻي تھ خيرن سان اھو اقتداري سياست جي سرزمين ۾ پنھنجي پاڙ تمام گھڻي پختي ڪري چڪو آھي. جيڪڏھن ائين نھ ھجي تھ جن حڪمرانن جو شمار دنيا جي بدنام اميرن ۾ ٿيندو ھجي، انھن جي حڪومت جا وزير جيڪي انھن جا صرف سياسي ساٿي ناھن پر جيڪي انھن جي گھر جا ڀاتي آھن، اھي ڪھڙي ريت مھانگائي سبب پيدا ٿيل بک جي باھھ ۾ جلندڙ جنتا کي سادگيءَ اختيار ڪرڻ جي باري ۾ سمجھائين. اھڙي حالت ۾ اھڙو ڪم ڪرڻ لاءِ اھڙي نڪ جي ضرورت آھي، جيڪو گوشت پوست جو نھ ھجي پر جيڪو اسٽين ليس اسٽيل جو ھجي ۽ جيڪڏھن بنھھ ھجي ئي نھ تھ سڀ کان سٺو!
عوام مرضيءَ سبب نھ پر مجبوريءَ سبب پرتعيش زندگي گذارڻ جي تصور کان بھ پري آھي پر اھا بھ حقيقت آھي تھ ڪنھن دور ۾ سرڪار ھلائڻ وارا سادگيءَ سان ھلندا ھئا. انھن جو کاڌو پيتو ۽ لٽو ڪپڙو مڪمل طور تي سادگيءَ جو مظھر ھوندو ھو ۽ ٽين دنيا جي ملڪن ۾ تھ اھو عام ھو. پاڪستان ۾ تھ گھڻو ڪري فوجي حڪمران رھيا. اھي تھ اڪثر وردين ۾ نظر آيا. پر ڀارت ۾ اسان کي گانڌيءَ کان وٺي من موھن سنگھھ تائين گھڻا حڪمران سادگيءَ جي تصوير محسوس ٿيا. گانڌي تھ ھندستان جي ھاريءَ جھڙو گيٽ اپ اختيار ڪري ھلندو ھو. ھن جو ڪل لباس ٻھ چادرون ھيون. ھڪ ھو ھيٺ ٻڌندو ھو ۽ ٻيءَ سان ھو مٿيون بت ڍڪيندو ھو. جڏھن تھ ھن جو مک پوئلڳ ۽ ڀارت جو پھريون پرائيم منسٽر جواھر لال نھرو خانداني طور تي تمام گھڻو امير ھو ۽ ھو لنڊن ۽ پئرس مان گھرايل ڪپڙا پائيندو ھو. پر ھن پنھنجي مرضيءَ سان سادگي اختيار ڪئي ھئي. ڇو تھ ڪانگريس گانڌيءَ جي گيان تي ھلندي پاڻ مرادي سادگي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اھو ئي سبب ھو تھ امير گھراڻن جا ڪانگريسي بھ سوٽي ڪپڙا پائيندا ھئا. انھن جو لباس کاڌيءَ جو ھوندو ھو. انھن جون عورتون بھ وڏي فخر سان سوٽي ساڙھيون پائي ھلنديون ھيون. پر اھو دور آھستي پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. ھاڻي ڀارت ۾ بھ اھو دور باقي نھ بچيو آھي، جڏھن ڀارتي حڪمران ڀارت ۾ تيار ٿيل ھڪ خاص قسم جي ڪار کي استعمال ڪندا ھئا ۽ انھن جو ھڪ مخصوص لباس ھوندو ھو. ھو سباش چندر بوس ٽائيپ ٽوپي پائيندا ھئا. اڄ بھ جڏھن فلمن ۾ ڪو اداڪار ليڊر جي روپ ۾ پيش ڪرڻو ھوندو آھي تھ ان کي ململ کي ٽيڏي ٽوپي پارائي ويندي آھي پر اھو دور ھاڻي ڀارت ۾ بھ باقي نھ بچيو آھي. ڇو تھ نريندر مودي جيڪو لباس پائيندو آھي، اھو خاص طور تي تيار ٿيندو آھي ۽ ان جو چرچو ميڊيا ۾ چنگ بڻجي وڄندو رھندو آھي.
پاڪستان تھ پنھنجي مخصوص سياست جي سلسلي ۾ تمام گھڻو مشھور آھي. اڳ ۾ پاڪستان جا ليڊر بھ ڪجھھ نھ ڪجھھ خيال رکندا ھئا پر ھاڻي اقتداري سياست ايتري تھ سرمائي سان سلھاڙجي وئي آھي جو ليڊر پنھنجي ھار سينگار تي دل کولي پئسا لٽائين ٿا.
اسحاق ڊار ھڪ غريب ملڪ جو وزير آھي. ھو عوام کي سادگيءَ جي صلاح ڏيڻ بدران اھو مشورو ان حڪومت کي ڇو نھ ٿو ڏئي، جنھن پنھنجي ڪابينا ۾ 80 کان وڌيڪ وزير ۽ مشير ڀري ڇڏيا آھن. انھن جا کاتا، انھن جا عملا، انھن جون گاڏيون ۽ انھن جا خرچ پکا! ڇا ھي ملڪ اھو ڪجھھ افورڊ ڪري سگھي ٿو؟ ھڪ مقروض ملڪ جي مٿان ايتري وڏي ڪابينا جو بار وجھڻ وارا ڪھڙي ريت انھن ماڻھن کي سادگي اختيار ڪرڻ مشورو ڏين ٿا، جيڪي غربت ۽ مھانگائيءَ سبب پراڻا ڪپڙا پائين ٿا ۽ ضرورت کان بھ گھٽ کائين ٿا. جيڪڏھن اسحاق ڊار کي سادگي جي صلاح ڏيڻي آھي تھ انھن وزيرن کي ڏئي جيڪي وک پنڌ لاءِ ھيلي ڪاپٽر استعمال ڪن ٿا. جيڪڏھن ھن کي سادگيءَ جا فائدا سمجھائڻا آھن تھ ان مريم نواز کي سمجھائي جنھن جي لباس مان دولت جي زرق برق کنوڻ وانگر کجندي آھي. جيڪا پنھنجو معمولي آپريشن ڪرائڻ لاءِ پاڪستان کان ٻاھر ويندي آھي ۽ اتي پنھنجي خاندان نڪتل تصويرن ۾ ھو اھڙي لباس ۾ نظر ايندي آھي، جيڪو لباس ھالي ووڊ جون اداڪارائون پائينديون آھن. تازو مريم نواز جي پٽ جو پرڻو ھو ۽ ھن جي شاديءَ تي جيڪي شاھه خرچيون نظر آيون، ان مان تھ ڪنھن بھ صورت اھو نظر نھ ٿي آيو تھ ڪا مريم نواز غريب ملڪ جي سياستدان آھي. ساڳيو روپ سروپ اسان جي بلاول جو آھي. ھن جو اٿڻ ويھڻ ۽ ھن جو لباس توڙي ھن جو اسٽائيل اميريءَ جي آخري حد کي ڇھندو نظر ايندو آھي. تازو سوشل ميڊيا تي ھن جي ھڪ تصوير تمام گھڻي وائرل ٿي، جنھن ۾ ھو دادوءَ جي انھن غريب ٻارن جي گروپ جي وچ ۾ آھي، جنھن گروپ ۾ ڪنھن بھ ٻار کي پيرن ۾ چمپل پھريل ناھي، جڏھن تھ بلاول کي لکين روپين جو جاگر پھريل ھو.
اسان جي سرڪار کي اھو احساس ھجڻ گھرجي تھ ملڪ انھن جي ڪري غربت جي گپ ۾ گچي پيو آھي. اسان جي حڪمرانن کي اھو خيال ھجڻ گھرجي تھ ھي ملڪ انھن جي ڪرپٽ ڪارنامن سبب قرضي بڻجي ويو آھي. جيڪڏھن ھن حال کي پھتل ملڪ ۾ ڪنھن کي سادگي اختيار ڪرڻ گھرجي تھ اھا نصيحت غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجندڙ عوام کي ڏيڻ بدران ھي حڪمران پنھنجي حڪومت کي ڏين. پاڻ کي ڏين. بکين آڏو بک جا فائدا بيان ڪرڻ بدران پيٽ ڀرين کي سمجھائين تھ ماڻھن جي مٿان غربت جو وڌيڪ بار نھ وجھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button