پاڪستانسنڌ

جنرل جان محمد ٽالپر ۽ ساٿين جي 190 هين ورسي، ڀيٽائون

مسوڀرڳڙي: مسوڀرڳڙي ويجهو واڻڪي وسي ۾ 17 فيبروري 1843ع ۾ مياڻي تث جنگ دوران انگريزن سان مهاڏو اٽڪائيندي شهادت ماڻيندڙ جنرل جان محمد ٽالپر ۽ سندس ساٿين جي 190 هين ورسي پورهيت مزاحمت ۽ مياڻي يادگار ڪميٽي پاران ملهائي وئي، جنهن ۾ پورهيت مزاحمت اڳواڻ ڪامريڊ نثار لغاري، مياڻي يادگار ڪميٽي جي محب علي لغاري، فشر فوڪ فورم اڳواڻ عبدالمجيد ملاح، زرعي ماهر ۽ ليکڪ غلام حسين لغاري، عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ مظفر لغاري، قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ شبير لغاري ۽ ٻين شهيدن جي مزار تي سنڌي اجرڪ جي چادر چاڙهي گلن جي ورکا ڪري شهيدن کي سلامي پيش ڪئي، جنهن بعد کين ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪوٺايو ويو. پورهيت مزاحمت اڳواڻ ڪامريڊ نثار لغاري چيو ته اسان جي تاريخ 1843ع تي ئي بيٺي آهي، غلامي جي ڪاري رات اڃا جاري آهي، شهيدن جي مزار تي قبضا ڪيا پيا وڃن، نيپئر پيو چوي ته هتي 6 هزار سنڌي فوج جا جوان شهيد ٿيل هئا، سنڌ جي ڪافي ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته هتي سنڌ جا هيروز دفن ٿيل آهن. خاص مهمان زرعي ماهر ۽ ليکڪ غلام حسين لغاري چيو ته انگريزن جي حڪومت وڏي هئي، پر جيڪا مزاحمت انهن کي سنڌ مان ملي، اها ڪٿان به ناهي ملي. هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته هتي مياڻي جي ميدان ۾ هڪ ڪانفرنس ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ حڪومت کي خبر پئي ته سنڌ جي هيروز جي مالڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ثقافت کاتي ۾ هر سال اربين رپين جي بجيٽ رکي ٿي وڃي، جيڪا ڪرپشن جي ور چڙهيو وڃي. ان موقعي تي مياڻي جي شهيدن لاءِ قراردادون پيش ڪري گهر ڪئي وئي ته بجلي جي سهولت، سنڌي نصاب ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگ جو احوال شامل ڪري شهيدن جو يادگار جوڙايو وڃي. سيمينار ۾ قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ شبير لغاري، علي احمد لغاري، سدا بهار مري، الهجڙيو لغاري، نبي بخش لغاري، ديدار مگسي، اويس لغاري، گلزار لغاري، آڪاش لغاري، سينگار مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button