پاڪستانسنڌ

شبير نظاماڻي جي ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس ڇرڪائيندڙ آهي:حفيظ ڪنڀر

حيدرآباد: سنڌ جي ڪهاڻيڪارن، ليکڪن ۽ صحافين چيو آهي ته سينيئر صحافي شبير نظاماڻي جون ڪهاڻيون سنڌ جي ماڻهن جون آهن، هن ماڻهن جي روز جي زندگي کي ڪهاڻين جي ڪردارن ۾ سمايو آهي، هن جي ڪهاڻين ۾ جديديت ۽ سماج جو عڪس آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ “سنڌ ايڪسپريس” سٿ طرفان سينيئر صحافي ۽ ڪهاڻيڪار شبير نظاماڻي جي لکيل ڪتاب “آخري ناچ” جي ڪوٺايل مهورتي تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ نامياري ليکڪ حفيظ ڪنڀر ڳالهائيندي چيو ته شبير نظاماڻي ۽ اسان جو تعلق نسلن جو آهي، هن وقت سٺا ڪتاب لکجن پيا، انگلش شعبي ۾ وڏو ادب پڙهيوسين. هن چيو ته آئون ليکڪ طور بي پرواهه رهيو آهيان. شبير نظاماڻي ڪتاب ۾ پنهنجو مغز ۽ سوچ وڌي آهي. هن چيو ته ڪتاب ماڻهو جي سوچ جي هارڊ ڪاپي هوندي آهي. اسان پنهنجي خيالن کي هر صورت ۾ ڪتابي شڪل ۾ آڻيون. ڪتابن مان سماج جي خبر پوندي آهي. ڪتابن جا موضوع تاريخ جي زمري ۾ اچن ٿا، هتي حڪومتون ڪتابن تي بندش به لڳائينديون آهن، دنيا ۾ لکت جي وڏي اهميت رهي آهي، ماضي ۾ ماڻهو وڻن ۽ ديوارن تي به پنهنجون لکتون لکي تاريخ کي محفوظ ڪندا هئا. شبير نظاماڻي کي جيڪو اڳ ۾ ڪم ڪرڻو کپندو هو، اهو هن هاڻ ڪيو آهي، دير آيو درست آيو. هن چيو ته هن ڪتاب ۾ لکيل آخري ناچ ڪهاڻي ۾ يونان جا ماڻهو ياد اچي ويا. هن چيو ته دنيا ۾ ڪن ليکڪن ۽ ماڻهن لاءِ قتل واقعا به آرٽ هوندا آهن. دنيا ۾ جماليات جي وڏي اهميت رهي آهي، لارنس برڊنٽڊرسل کي لکڻ کان منع ڪيو پئي، پر لکندو رهيو. هن چيو ته خوبصورتي اڇي رنگ ۾ ناهي هوندي. هندوستان ۽ آفريڪا ۾ حسن ڪارو ئي رهيو آهي. اسان وٽ هتي پنهنجو رنگ سانورو رهيو آهي. انڊسٽريل انقلاب کانپوءِ سچ، حسن آرٽ سميت ٻين موضوعن کي چئلينج ڪيو ويو. هن چيو ته شبير نظاماڻي 25 صفحن جو مهاڳ آهي. شبير نظاماڻي جو لهجو لاڙ وارو آهي. ڪهاڻين جو ڪلائيميڪس ڇرڪائيندڙ آهي. هن چيو ته ڪتاب ۾ منهن تي ٿڪڻ واري جملي جي ڪهاڻي ضيا دور جي نه پر 1947ع کان شروع ٿي آهي. 20 لک ملڪ ڇڏيندڙن تي رياست ٿڪيو هو. ويڳاڻپ واري ڪردار جي ڪهاڻي ۾ ماڻهو پاڻ خودڪشي ڏسي ٿو. آخري ناچ ڪهاڻي ۾ يڪتارو شاهه عبداللطيف جي سڃاڻپ آهي، ڪهاڻي هن خطي ۽ سنڌ جي آهي. هن چيو ته سنڌ جو معاشرو روادار ناهي، اهو هجي ها ته هي ماڻهو هندو نياڻيون اغوا نه ڪن ها. هن چيو ته رانديڪو ڪهاڻي ۾ عوام هٿان سياستدان خريد نٿو ٿئي، اهو ڇو نٿو خريد ٿئي، هتي سياستدان وڪامجندا رهيا آهن، سياستدان کي پئسا ملندا رهندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هاڻ رڳو غربت ئي نه پر بک به وڏي آهي. ٿر ۽ ڪاڇي سميت هر هنڌ بک ئي بک آهي. ماڻهو بک سبب سليماني چانهه پيئن ٿا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڏاڏا قادر رانٽو ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد ۾ رشيد راڄڙ جي ورسي تقريب ۾ شبير نظاماڻي چيو هو ته نوجوان صحافت جي شعبي ۾ نه اچن، جڏهن ته هن وقت پاڪستان ۾ ٽن صحافين عاصمه شيرازي، حفيظ ڪنڀر ۽ شبير نظاماڻي جي ڪتابن جي ڌوم متل آهي، جيڪي صحافي ئي آهن، ان سان شبير نظاماڻي جي ڳالهه غلط ثابت ٿي ته صحافي سامهون نه اچن. هن چيو ته آئون سياسي ڪارڪن ۽ صحافي هجڻ سان گڏ ڪهاڻيڪار ۽ شاعر به رهيو آهيان. هن چيو ته صحافت رڳو پئسو ڪمائڻ جو نالو ناهي، ڪجهه ماڻهو اهڙا هجن، جيڪي ڏک برداشت ڪن. هن چيو ته شبير کي جيڪو ماحول ڳوٺ ۾ مليو، اهو هتي شهر ۾ نه مليو هوندو. هن چيو ته شبير نظاماڻي جو آهستي ڳالهائڻ وارو انداز وڻندڙ هوندو آهي. آئون به شبير جي ڪتاب تي لکندس. سينيئر صحافي اسحاق مڱريو چيو ته سنڌي ادب ۾ ڀليون ڪهاڻيون لکجن پيون. شبير نظاماڻي ٿورو ڳالهائيندڙ ۽ گهڻو سوچيندڙ آهي. شبير ڊيسڪ تي خبرن لاءِ وڏا سوال به ڪندو هو. هڪ سائڪيٽري شعبي جي ڪانفرنس جي خبر اخبار شايع نه ڪئي هئي. جيڪو ڏک شبير کي پهتو هوندو. هن چيو ته هن جي ڪهاڻين ۾ وڏي سمجهاڻي به آهي. ڪالم نگار ڊاڪٽر حميد سومرو چيو ته شبير نظاماڻي جو ڪتاب مون هڪ ساهي ۾ پڙهيو آهي. شبير نظاماڻي جو ڪتاب پڙهندي مسڪرايو پئي. خيال بابت ڦيري ڪهاڻي ڀلي آهي. هڪ ڪهاڻي ۾ گوڙ جيستائين نٿو ٿئي، اوستائين ڪردار کي ننڍ نٿي اچي. اٺ جي ڳولا ڪهاڻي ۾ هڪ رٽائرڊ شخص جي ڪهاڻي آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ ڊائلاگ زبردست آهن. منظرنگاري به ڀلي ڪئي وئي آهي. پيار ڪهاڻي وئشيا جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو عنوان عجيب آهي، پيار ڪهاڻي جو عنوان ٻيو هجڻ گهرجي ها. رانديڪا ۽ ڏاڏا بڙ بڙ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن تي الڳ ويهڪ ٿيڻ گهرجي. رانديڪا ۾ سڀ رانديڪا کپي وڃن ٿا سوا سياستدان جي. هر ڪردار تي الڳ الڳ ڪهاڻيون لکي سگهجن ٿيون. سنڌ ۾ نسيم کرل کان وٺي عبدالقادر جوڻيجو جهڙن ليکڪن ڀليون ڪهاڻيون لکيون آهن. نوجوان ليکڪ ڪليم ٻٽ ڳالهائيندي چيو ته ماڊرنسٽ ادب ۾ ڪم ٿي رهيو آهي. شبير نظاماڻي جي ڪهاڻين ۾ جديديت ملي ٿي. ڪهاڻين ۾ سچ جي ڳولا به آهي. فوبيا به ڪردارن ۾ ملي ٿي. اسان سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا آڻي رهيا آهيون. ادب ۾ شهري ماڻهن جي زندگي به شامل ٿي رهي آهي. پروفيسر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري چيو ته اڳ ۾ ڪهاڻين ۾ هارين ۽ پوليس جا ڪردار جام هوندا هئا. هاڻ ٻيا ڪردار به شامل ٿي رهيا آهن، شبير نظاماڻي رانديڪا ڪهاڻي ۾ سياست کي پوئتي رکيو آهي. ڪتاب جي ليکڪ سينيئر صحافي شبير نظاماڻي چيو ته ڪتاب ۾ ڪهاڻيون سنڌ جي ماڻهن جون آهن. هتي شهر ۾ فليٽن جون ڪهاڻيون به آهن. فليٽ گهر نه پر قيد خانا آهن. انسانن سان گڏ جانور به ڦاسي پون ٿا. ماڻهو جسماني ۽ ذهني طور ڦاٿل ملن ٿا. ٻهراڙي ۾ اڄ به سڀ مسئلا ساڳيا آهن. هن چيو ته منهنجا ڪردار هتي قابو ٿي ويا آهن. هن چيو ته هتي سياستدان جي قيمت نٿي لڳي. سياستدانن وٽ ٻارن لاءِ ڪجهه ناهي. ٻارن کي سياستدان پسند ناهن. اداڪار پسند آهن. مونکي مئل ٻلي ڪهاڻي وڻي آهي. جنهن ۾ مئل ٻلي کي زال مڙس دفنائين ٿا. هن چيو ته ماڻهن جي تڪليفن جون خبرون اخبارن ۾ اچن ٿيون، اسان روئي پئون ٿا. هڪ خبر آئي ٻارڙي کي ڪتي کائي ماري ڇڏيو، جنهن تي وڏي تڪليف پهتي. ڪڏهن ته خبرون ٺاهيندي روئي پئون ٿا، قتل جون خبرون ٺاهيندي تڪليف پهچي ٿي. صحافين لاءِ چوندا آهن ته صحافين وٽ دل نه هوندي آهي، ائين ناهي، هنن وٽ به دل هوندي آهي. نوجوان صحافي شاهنواز خاصخيلي چيو ته شبير نظاماڻي هڪ پختو سياسي سوچ رکندڙ صحافي ۽ ڪهاڻيڪار آهي. هن جي رانديڪا ڪهاڻي لاجواب آهي. ڪهاڻين ۾ کنڀيل نوجوانن جي ڪٿا به آهي. صحافي عبدالله سروهي چيو ته شبير نظاماڻي ۽ مون گڏجي صحافت ۾ پير پاتو. شبير صحافت سان گڏ سياست ۽ ادب ۾ پاڻ مڃرايو آهي. شبير وٽ لکڻ جو ڏان آهي. شبير ڪهاڻين ۾ انساني روين ۽ المين کي بيان ڪيو آهي. شبير نظاماڻي جي ڪهاڻين ۾ رانديڪا وٺو سميت ٻيون ڪهاڻيون شاندار آهن. هن وڌيڪ چيو ته شبير وانگر صحافين کي ائين مڃتا ملڻ گهرجي. ايڊووڪيٽ حميد لغاري چيو ته شبير نظاڻي ڪهاڻين ۾ نفسيات به سامهون آندي آهي. هن جي هڪ ڪردار ۾ منهنجي پي جو به عڪس نظر آيو. تقريب ۾ آيل مهربان ساٿين کي آجياڻو خطاب نوجوان صحافي راشد لغاري طرفان ڏنو ويو. جڏهن ته تقريب جي ڪارروائي نوجوان ليکڪ اختر حفيظ هلائي. تقريب ۾ ناصر شيخ، عرفان آرائين، حفيظ مگسي، سعيد واهوچو، ڌڻي بخش باريجو، شوڪت ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button