ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جو امير طبقي لاءِ مطالبو

Editorial

ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان آءِ ايم ايف جي جن شرطن کي قبول ڪري عوام مٿان مهانگائيءَ جو جبل ڪيرايو آهي، ان جو سڌي ريت نقصان غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ايڏا ٽيڪس لڳايا ويا آهن جو غريب ماڻهوءَ جو جيئڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. عام واهپي جي شين تي جيڪو ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عوام جي کيسي تي ڪيترو نه مالي بار وڌو ويو آهي. اهڙي ريت ٽيڪس وارو معاملو عوام لاءِ نه رڳو خطرناڪ ثابت ٿي رهيو آهي پر ان لاءِ روزمره جا معاملا هلائڻ به ڏکيو ٿي ويو آهي. حڪمرانن قربانين جي ڳالهه ڪندا آهن پر اها قرباني عوام کان وٺندا آهن، پر ڪڏهن به حڪمران طبقو پنهنجون مراعتون گهٽائڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، جنهن جي ڪري نه رڳو عوام جي معاشي حالت ڏتڙيل رهندي آهي پر هو ٻن ويلن جي مانيءَ به چڱي ريت ڪونه کائي سگهندو آهي. هاڻ جڏهن عالمي مالياتي فنڊ جي هر مطالبي کي مڃيو ويو آهي ته اتي ان هڪ اهم مطالبو امير طبقي کان سبسڊي واپس وٺي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو ڪيو آهي.
عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته امير طبقي کان سبسڊي واپس وٺي ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ۽ غريبن کي تحفظ ڏنو وڃي، ملڪ هلائڻ لا قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ نه پر سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. آ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (ايم ڊي) ڪرسٽالينا جارجيوا پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان پاڪستان کان اهڙن اپائن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون، جن جي سخت ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان هڪ ملڪ جيان هلي سگهي ۽ اهڙي خطرناڪ هنڌ تي نه پهچي جتان ان کي نئين سر اڏاوت جي ضرورت پئجي وڃي. هن چيو ته اسان ٻن شين تي زور ڏئي رهيا آهيون، جن مان پهرين ڳالهه ٽيڪس روينيو آهي، ڀلي سرڪاري ادارو هجي يا ڪو خانگي شعبو، وڌيڪ ڪمائيندڙن کي وڌيڪ ٽيڪس ڏيڻ گهرجي، ٻي ڳالهه اها ته رڳو انهن ماڻهن کي سبسڊي ڏيو جن کي سچ پچ ضرورت آهي ۽ جيڪي صحيح حقدار آهن. ايم ڊي وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جو موقف صاف ظاهر آهي ته سبسڊي مان صرف غريبن کي فائدو کڻڻ گهرجي، اسين چاهيون ٿا ته پاڪستان جي غريب عوام کي تحفظ ڏنو وڃي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان تي ڏک پهتو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻوڏ سبب ملڪ جي وڏي آبادي متاثر ٿي آهي. اسين چاهيون ٿا ته پاڪستان هڪ ملڪ جيان اپا وٺي. هن سوال اٿاريو ته پاڪستان کي شديد معاشي چئلينج آهن پو به ملڪ ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو ٽيڪس ڇو نٿا ادا ڪن؟ جيڪي ماڻهن وڌيڪ ٽيڪس ڏئي سگهن ٿا. حڪومت کي گهرجي ته انهن کان ڇڪي ٽيڪس وصول ڪري، پئسو انهن ماڻهن تي خرچ ڪيو وڃي جن کي مدد جي ضرورت آهي.
ان ڳالهه به ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ امير طبقو يا ته ٽيڪس ڏيندو ناهي يا وري نالي ماتر ٽيڪس ڏيندو آهي. تنهنڪري غريب عوام کي مليل سبسڊي به ختم ڪئي ويندي آهي، نتيجي ۾ نه رڳو امير طبقي جون مراعتون برقرار رهنديون آهن پر اهو هن ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙن ۾ شامل نه ٿي سگهندو آهي. تنهنڪري هاڻ جڏهن آءِ ايم ايف اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته امير طبقي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ته اهو جائز مطالبو آهي ۽ حڪومت کي ان تي عمل ضرور ڪرائڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ان سان نه رڳو وچولي ۽ غريب طبقي تي بار گهٽجي ويندو پر امير ماڻهن جو ملندڙ ٽيڪس ملڪي ترقيءَ ۾ ڪتب اچي سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته امير طبقي جون عياشيون ۽ مراعتون ترت ختم ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ غريب طبقو وڏي انگ ۾ آهي ۽ ان کي ئي سبسڊي ڏيڻ وڌيڪ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ غريب عوام لاءِ ويلو کائڻ به ڏکيو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button