سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ آهي. جديد تحقيق موجب سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي، جنهن جو بنياد سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب سان جڙيل آهي. جيڪا قديم زماني ۾ هتان جا ماڻهو پنهنجي روزمره جي ڪاروهنوار، اُٿڻي ويهڻي ۽ وڻج واپار جي ڏي وٺ ۾ ڪتب آڻيندا ھئا. عربن جي دور ۾ سنڌي نه فقط ڳالھائي ويندي ھئي، پر لکي به ويندي ھئي. عرب سياحن جي احوالن ۽ کوجنائن مان معلوم ٿيو آھي ته عرب حڪومت جي شروعات کان اڳ سنڌي ٻولي عام ماڻھن جي مقامي توڙي واپار جي استعمال واري ٻولي ھئي ۽ سنڌي، عام ماڻھن، واپارين ۽ عالمن وٽ مقبول ھئي، جيڪا پاڪستان توڙي ھندستان سميت پوري دنيا جي ملڪن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي.
جاحظ (864ع) لکي ٿو ته سنڌ جي ماڻھن کي اسان نجوم ۽ حسابن ۾ گھڻو اڳتي ڏٺو، انھن جي ھڪ خاص سنڌي رسم الخط آھي. ابن موقل ۽ اسطخري (951ع) لکي ٿو ته “منصوره، ملتان ۽ ان جي ڀرپاسي جي ماڻھن جي ٻولي سنڌي ۽ عربي ھئي.” مسعودي (957ع) لکي ٿو ته “سنڌ جي زبان ھندستان کان مختلف آھي. سنڌ اسلامي ملڪن سان ويجهي آھي.” بشاري مقدسي لکي ٿو ته “ديبل ھڪ سامونڊي شھر آھي. ھن سان ھڪ سئو ڳوٺ مليل آھن، ھتي جا رهاڪو واپاري آھن ۽ سنڌي ۽ عربي زبانون ڳالھائين ٿا.” ابن نديم (995ع) لکي ٿو ته “سنڌ جي ماڻھن جون زبانون ۽ مذھب مختلف آھن ۽ رسم الخط هڪ کان وڌيڪ آھن. ھنن جا لڳ ڀڳ ٻه سئو رسم الخط آھن. سنڌ جي ماڻھن وٽ 9 رسم الخط رائج آھن.” البيروني لکيو آھي “اسلام جي اچڻ وقت سنڌي ٻولي نه رڳو ڳالھائي ويندي ھئي، پر اُھا ڌار ڌار رسم الخط ۾ لکي به ويندي ھئي.”
هن ڏس ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کوٽائين مان حاصل ٿيل ٺڪرين تي لکيل اکرن عرب سياحن جي دعوا کي دليل طور پيش ڪيو. ڀنڀور مان لڌل ٺڪرين کي پڙهڻ کانپوءِ نه فقط رسم الخط جي باري ۾ ڪجهه چيو ويو آهي، پر ان وقت ڪم ايندڙ سنڌي ٻوليءَ جي ساخت، سٽاءُ، مواد ۽ ٻوليءَ جي مزاج جي باري ۾ به راءِ ڏني وئي آهي. برهمڻ آباد (المنصوره) مان لڌل ٺڪرين تي لکيل اکرن (رسم الخط) جي باري ۾ اڃا ڪا راءِ يا رايو ڪونه ڏنو ويو آهي، جنهن آڌار ڪجهه چئي سگهجي، پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڀنڀور ۽ برهمڻ آباد جي کنڊرن جي کوٽائيءَ مان حاصل ٿيندڙ ٺڪرين تي لکيل اکر ثابت ٿا ڪن ته هنن شهرن جا ماڻهو نه فقط پراڻي تهذيب ۽ ثقافت جا ڌڻي هئا، پر هو پنهنجي روزاني زندگي، وهنوار ۽ اٿڻي ويهڻي ۾ پنهنجي ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جيڪا هو نه فقط ڳالهائي سگهندا هئا، پر هو اها ٻولي باقاعدگيءَ سان لکي به سگهندا هئا. سنڌي ٻولي قديم سنڌ ۾، اسلام جي اچڻ کان به گهڻو اڳ، عوام جي روزمره جي زندگيءَ ۽ وهنوار ۾ ڪم ايندڙ ۽ روزاني استعمال ۾ ايندڙ ٻولي هئي، جنهن ۾ ڳالهائڻ ٻولهائڻ کانسواءِ واپار ۾ واپاري پنهنجو ليکو چوکو لکت ۾ رکندا هئا ۽ دڪانن تي وکرن ۽ وڙن جا نالا به پنهنجي ماحول ۾ مروج رسم الخط ۾ لکندا هئا. اُن زماني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکت لاءِ مختلف رسم الخط ڪم ايندا هئا، جن جو ذڪر ۽ نالا ڌار ڌار مقالن، مضمونن ۽ ڪتابن ۾ ملن ٿا. ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خيال موجب “عربي- سنڌي خط جو قديم نمونو، شاهه ڪريم بلڙي (1537ع کان 1663ع) جي ڪلام ۾ ملي ٿو. شاهه ڪريم بلڙي کانپوءِ ٻين بزرگن جو ڪلام به عربي-سنڌي رسم الخط ۾ لکيل آهي.
سنڌي ٻولي اٺين صدي عيسويءَ کان اڳ ۾ به پنهنجي عروج تي هئي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ اُهو چوڻ قطعي غلط ٿيندو ته ان موجوده صورت يارهين صدي عيسويءَ کانپوءِ ورتي. ٻين صدي عيسويءَ جي نامور ليکڪ ڀرت منيءَ به پنهنجي ڪتاب “ناٽيه شاستر” ۾ سنڌو سؤوير ديش جي ماڻهن جي سماج ۾ رائج ٻوليءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن مان به پتو پوي ٿو ته قديم سنڌو ديش (سنڌ ملڪ) ۾ رائج ٻولي سنڌي هئي، جنهن ۾ پنهنجون خوبيون ۽ خصلتون شروع کان هيون.
سنڌي ٻوليءَ پنهنجي ديس جي حالتن وانگر لاها چاڙها ضرور ڏٺا آهن، پوءِ به هيءَ ٻولي هتان جي اصلوڪي ٻولي رهي آهي، جيڪا شروع کان وٺي سنڌي سڏبي اچي. سنڌي ٻولي صورتي لحاظ کان ڀرپور ۽ رچيل ٻولي آهي، جنهن ۾ دنيا جي گهڻين ٻولين جا اچار اُچاري سگهجن ٿا. هيءَ ٻولي هند-يورپي خاندان جي ٻين ٻولين وانگر هڪ قديم ترين ٻولي آهي. هِن ٻوليءَ مان ئي ويدڪ ڌرم جنم ورتو ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري ويد لکيا ويا. اڳتي هلي سنسڪرت واري زماني ۾ به هن ٻوليءَ سنسڪرت جي گوناگونيت مان لاڀ ورتو ۽ پنهنجو پاڻ زندهه رکيو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جديد تحقيق جي تناظر ۾ پختيون ثابتيون ملن ٿيون ته هيءَ ٻولي موهن جي دڙي جي تهذيب کان به گھڻو آڳاٽي ڪاروهنوار جي ٻولي رهي، جنهن جي ڳالهائيندڙن جي تهذيب جي اوج جو زمانو موهن جي دڙي جي تهذيب هئي. اُن کانپوءِ به هيءَ ٻولي سنڌ جي ماڻهن ۽ اصلوڪن جي عام واهپي جي ٻولي رهي. هڪ رايو هي آهي ته عربن جي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي علم ادب کي ويدڪ ۽ هندو ڌرم جو ادب قرار ڏئي تاراج ڪيو ويو. سر هينري ڪزنس اُن بابت لکي ٿو ته “عربن سڀ ڪجھه ڊاهي ڇڏيو، ٺاهيو ڪجھه به نه…!” ان سموري ماجرا باوجود سنڌي ٻولي سنڌ جي عام لوڪن جي واهپي هيٺ رهندي آئي، جنهن متعلق عرب سفر ناما نويسن ۽ سياحن گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اُن زماني ۾ سنڌيءَ جي آڳاٽي عالم “ڀونگر” جو علم نجوم تي لکيل ڪتاب “الفضاري” نالي سان عرب ترجمي نويسن عربيءَ ۾ آندو ۽ اُن جو نالو “سنڌ- هند” رکيائون.
سنڌي ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون:
سنڌي ٻولي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۾ گوناگونيت رکندڙ ٻولي آهي ۽ ننڍي کنڊ هند جي مکيه ۽ اصلوڪين ٻولين مان هڪ آهي، جيڪا صدين کان ادبي ذخيري ۾ مالا مال، عام ماڻهن جي سماجي، معاشي، سياسي، مذهبي، تاريخي، علمي وابستگي ۽ اظهار جو ذريعو رهي آهي. سنڌ جي ناليوارن عالمن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر غلام علي الانا، سراج الحق ميمڻ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ، پرسي گدواڻي ۽ ٻين سنڌي ٻوليءَ جي “لسانياتي حدن” جي احاطي سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جو به تفصيلي مطالعو ڪيو آهي. لسانياتي جاگرافيءَ مان مقصد موجوده سنڌ کان ٻاهر جون اهي حدون ۽ هنڌ آهن، جتي سنڌي ٻوليءَ پنهنجا اثر ڇڏيا ۽ پنهنجي سرحدن ۾ به واڌارو آندو. پنهنجي وجود کي سلامت رکيو پئي اچي.
موهن جي دڙي مان مليل مهرن تي لکيل سنڌو لکت جو سمير مان ملڻ ۽ ڀارت جي گجرات رياست جي ڍولاويرا ۽ ٻين علائقن مان لڀجڻ، بلوچستان ۽ پنجاب کان به اڳتي دور دراز خطن مان ملڻ ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو واهپو پري پري تائين ڦهليل هو. تاريخ واري دور ۾ سومرا راڄ گھراڻي جي دور کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافي ڪافي وسيع هئي، جنهن جي لهجي ۽ لکت جون اڪيچار صورتون هيون. اهڙيءَ ريت سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ جون حدون موجوده سنڌ سميت ڪڇ، ڪاٺياواڙ، راجسٿان، بهاولپور، بلوچستان جي علائقن کيتران، ساراوان، جھالاوان، قلات، لسٻيلي، مڪران کان ٿيندي، ايران جي سرحد تائين ڦهليل رهيون، جتي هن ٻوليءَ جي لهجن جو واهپو رهندو آيو.
جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين مان هِن وقت ڪن لهجن ۽ سنڌيءَ جو اثر ورتل شاخن الڳ الڳ ٻوليءَ جي حيثيت حاصل ڪري ورتي آهي، پر تڏهن به اصل نسل ۾ اُنهن جو ڳانڍاپو سنڌيءَ سان آهي. لسانياتي جاگرافيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اڳوڻن لهجن، هاڻوڪن رائج لهجن، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، مذهبي ۽ جاگرافيائي طور سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهائجڻ وارين حدن جو تعين شامل آهي. ٻوليءَ جو سماجي عمل ئي ڪنهن ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ سان لاڳاپيل آهي. لهجاتي فرق ۽ لسانياتي جاگرافيءَ وسيلي ٻوليءَ جي صورت، اهميت جي خبر پوي ٿي ۽ ايندڙ وقت ۾ ٻوليءَ جي سڌاري ۽ ترقيءَ جون راهون هموار ٿي سگهن ٿيون.