ملڪ سخت سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران مان گذري رھيو آھي. ٻن صوبن جون اسيمبليون ٽٽل آھن. قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن جو وجود ناھي. مخالف ڌر جو مقبول اڳواڻ عمران خان نين چونڊن کان سواءِ حڪومت سان ڪنھن بھ نقطي تي ڳالھائڻ لاءِ تيار ناھي. حڪومت ڪڏھن ھڪ تھ ڪڏھن ٻيو مخالف ڌر جو اڳواڻ گرفتار ڪري رھي آھي. تحريڪ انصاف حڪومت مٿان مسلسل دٻاءُ وڌائي رھي آھي. مخالف ڌر کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھيءَ حڪومت اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان چونڊن جي تاريخ کي اڳتي وڌائي سگھي ٿي. ان ڪري ھن جلسن ۽ جلوسن کان اڳتي وڌي جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي. جڏھن تھ حڪومت صرف پنھنجو وقت ٽپائڻ جي چڪر ۾ آھي. اڳ ۾ جڏھن عمران خان پنھنجي حڪومت وارن صوبن جون اسيمبليون ختم ڪرڻ جي حوالي سان چوندو ھو تھ حڪومت ان جي مذاق اڏاريندي ھئي. حڪومت جي ھر سطح جا نمائندا اھو چوندا ھئا تھ عمران خان ڪڏھن بھ پنھنجين حڪومتن کي ختم نھ ڪندو. ڇو تھ ھتي ماڻھو ننڍي کان ننڍي مفاد کي قربان ڪرڻ لاءِ بھ تيار نھ ھوندا آھن ۽ اتي جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٻن صوبائي حڪومتن کي ختم ڪرڻ جو چوي تھ اقتدار پرستن لاءِ اھا ڳالھھ ويساھھ کان وڏي آھي. پر جڏھن عمران خان پنھنجيون حڪومتون ختم ڪري ڇڏيون تھ اھو ھڪ وڏو ڌماڪو ٿيو ۽ ان مان سبق سکڻ بدران حڪومت پنھنجي مرضيءَ جا گورنر ۽ اھي وزير مقرر ڪري ڇڏيا، جيڪي عمران خان جي بقول تھ ھن جا سخت مخالف آھن. ھاڻي عمران خان لاءِ اھو لازمي ٿي ويو تھ ھو جيترو جلد ٿي سگھي، ايترو پاڻ مٿان مخالف حڪومتن جو بار ھٽائي ۽ ان سلسلي ۾ ھن جي پوري ڪوشش آھي تھ ڪنھن بھ طرح سان چونڊن جي طرف وڃي. پر ھن حڪومت کي معلوم آھي تھ عمران خان ھن وقت شھرت جي بلندين تي آھي ۽ عمران خان جو ھو ڪنھن بھ طرح سان مقابلو نھ ڪري سگھندا ۽ خاص طور تي جڏھن ملڪ ۾ مھانگائيءَ جو طوفان ھلي رھيو آھي تھ ان مھل چونڊون ڪرائڻ جو مطلب اھو ٿيندو تھ ھيءَ حڪومتي ڌر پنھنجيون ضمانتون ضبط ڪرائي. ان ڪري ھيءَ حڪومت اليڪشن کان تمام گھڻو گھٻرائي رھي آھي. مريم نواز کي اھو خوف آھي تھ جيڪڏھن حڪومت وڌيڪ وقت رھي تھ ھن جي پارٽيءَ جي رھي سھي ساک بھ تين وال ٿي ويندي. ان ڪري ھوءَ آخري داءُ کيڏڻ جي حوالي سان ڪوشش ڪري رھي آھي ۽ نواز شريف بھ ان راءِ جو آھي تھ ملڪ جي مفادن کي ڇڏي عوام کي عارضي رليف ڏجي ۽ پنھنجي ويل ساک واپس ڪرائجي ۽ ان کان پوءِ چونڊون کٽي پنجن سالن جي حڪومت ھٿ ڪجي. ان سلسلي ۾ ھو ڪوشش تھ ڪري رھيو آھي پر ھو جھڙي طرح پنھنجي وطن واپسي ۽ پاڻ مٿان پيل ڪيس ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ سوڀ حاصل نھ ڪري سگھيو آھي، ھن سان ھن حوالي ۾ بھ ڪجھھ اھڙو مسئلو درپيش آھي. شھباز شريف ڀلي ميان نواز شريف جو ڀاءُ ھجي پر ھن جھڙي طرح ضد ڪري عمران خان جي حڪومت کي آصف زرداريءَ سان ملي ڪيرايو ۽ موٽ ۾ ھن جي پارٽيءَ کي ايترو تھ سياسي ڌڪ لڳو جو اھا ھاڻي منتشر ٿي رھي آھي. ان صورتحال ۾ نواز شريف ۽ ھن جي ڌيءَ جي مرضي نھ ٿي ھلي ۽ ھو ھڪ وڏي مصيبت ۾ مبتلا نظر اچي رھيا آھن.
ميان نواز شريف ۽ ھن جي پارٽيءَ جي سينئر قيادت تھ سياسي مصيبت جو شڪار آھي پر اصل مصيبت معاشي ھوندي آھي. جڏھن ماڻھن کي ماني نھ ملي سگھي. جڏھن ماڻھن جي لاءِ زندگي گذارڻ تمام گھڻو مشڪل ٿي وڃي. جڏھن ماڻھو ھيڏي ھوڏي واجھائڻ لڳن ۽ سوچين تھ انھن جو آخر ڇا ٿيندو تھ اھا صورتحال تمام گھڻي مصيبت واري ھوندي آھي ۽ ان مصيبت مان پاڪستان جو عوام گذري رھيو آھي. حڪومت پاڻ کي ھلائڻ جي لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ۽ قرض وٺڻ جي صورت ۾ آءِ ايم ايف جون شرطون مڃڻ جي سلسلي ۾ مجبور آھن. آءِ ايم ايف جون شرطون ڪجھھ اھڙيون آھن، جن جي ڪري نھ صرف حڪومت پر رياست جي ڪرتن ڌرتن کي بھ اھو خوف آھي تھ ڪٿي ماڻھو بي قابو ٿي ٻاھر نھ ڪري اچن!! حڪومت اڳ ۾ ماڻھن کي خواب ڏيکاريا ھئا پر ھاڻي اسحاق ڊار بھ اھا سچائي مڃڻ جي سلسلي ۾ مجبور آھي تھ ملڪ ۾ شديد مھانگائي آھي. ھڪ طرف مھانگائيءَ ماڻھن جي چيلھھ چٻي ڪري ڇڏي آھي ۽ ٻي طرف پاڪستان کي اھو خطرو آھي تھ ھو ڏيوالي طرف وڌي رھيو آھي ۽ جيڪڏھن ھو ان طرف وڌي ويو تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟ اھو سوال سياستدانن کان وڌيڪ ان اسٽيبلشمينٽ کي ستائي رھيو آھي، جنھن جا ملڪ جي حوالي سان مستقل مفاد آھن ۽ انھن کي اھو خوف آھي تھ اھي ڪھڙي طرح پنھنجا خرچ پورا ڪري سگھندا؟ ان کان سواءِ عوام جو جيڪو ردعمل جنم وٺندو، ان کي ڪير منھن ڏيندو؟ انھن سوالن جي گھيري ۾ آيل عوام ۽ اسٽيبلشمينٽ جا احساس سخت آھن پر انھن جي نوعيت الڳ الڳ آھي. اسٽيبلشمينٽ کي مستقبل جي صورتحال تمام پريشانيءَ واري محسوس ٿي رھي آھي. جڏھن تھ عوام جا احساس تمام گھڻا تلخ آھن. انھن جي جياپي جو سوال نھايت سنگين صورت اختيار ڪري ويو آھي. ڇو تھ ھو ھاڻي مارڪيٽ ۾ خريداري ڪندي پنھنجين ضرورتن تي مستقل ڪمپرومائيز ڪري رھيو آھي ۽ اھا صورتحال عوام جي دل ۾ ڪروڌ وڌائي رھي آھي. ڇو تھ عوام جي ڪمائي ساڳي آھي ۽ شين جون قيمتون ٻيڻيون ۽ ٽيڻيون ٿي ويون آھن. عوام کي سادگيءَ جو درس ٿيندڙ حڪمران پنھنجين عياشين تي ڪو بھ ڌيان ڌرڻ جي موڊ ۾ ھرگز ناھن. انھن کي وڌ کان وڌ عيش گھرجي ۽ قرضن جي ڪيش گھرجي. جڏھن ملڪ جو ڇا ٿيندو؟ ان باري ۾ ھو سوچڻ لاءِ تيار ناھن. انھن حالتن ۾ ماڻھو سخت قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ سوچي رھيا آھن ۽ جيڪڏھن عوام ٻاھر نھ آيو آھي تھ ان مان اھو بھ سمجھڻ گھرجي تھ عوام ۾ ڪڪر پريشر وانگر ھڪ دٻاءُ جمع ٿي رھيو آھي ۽ اھو ڪنھن بھ وقت غلط ۽ نقصانڪار طريقي سان ڦاٽ کائي سگھي ٿو. ان خوف ۾ وقت گذري پنھنجي نارمل رفتار سان ھلندي بھ ماڻھن جي لاءِ ھڪ سست رفتار اختيار ڪري ويو آھي. ڇو تھ ان ۾ تڪليف جو عنصر بھ شامل ٿي ويو آھي.
پاڪستان گھڻ طرفن بحرانن جو شڪار آھي. ماڻھو تمام دکي دل سان سوچي رھيا آھن تھ ڇا پاڪستان جي حوالي سان اھي ٻھ بحران ڪافي نھ آھن؟ ھڪ طرف سياسي بحران آھي ۽ ٻي طرف معاشي بحران آھن. پر چوندا آھن ڏٻري ڍور جي مٿان مڇر گھڻا ھوندا آھن. ان ڪري پاڪستان سياسي ۽ معاشي بحران کان پوءِ آئيني بحران جي ور بھ چڙھي ويو آھي. ڇو تھ عمران خان جي پاران مسلسل چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرائڻ جو مطالبو نھ مڃڻ جي صورت ۾ صدر عارف علوي تحرڪ ورتو. ھن پھرين اليڪشن ڪميشن کي چيو تھ اھا چونڊن جو اعلان ڪري پر اليڪشن ڪميشن سڌن لفظن ۾ پنھنجي لاچاري بيان ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ صدر عارف علويءَ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ 9 اپريل تي چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. ان سلسلي ۾ ھاڻي ملڪ جي اندر ھڪ وڏو آئيني بحران پيدا ٿي ويو آھي تھ ڇا صدر جو اھو استحقاق آھي تھ ھو چونڊن جو اعلان ڪري؟
حڪومت ھاڻي عمران خان سان گڏ صدر عارف علويءَ جي مٿان بھ تنقيد جا تير وسائي رھي آھي ۽ اھا چئي رھي آھي تھ صدر عارف علوي عمران خان جي حق ۾ سياست ڪري رھيو آھي. حڪومت جو اھو موقف آھي تھ اھو ڪم صدر جو ناھي تھ اھو اليڪشن جو اعلان ڪري. پر ايوان صدر پنھنجي موقف تي اٽل بيٺو آھي تھ ھن کي ملڪي آئين اھو حق ڏئي ٿو تھ ھو اليڪشن جو اعلان ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ ھو اھو دليل پيش ڪري رھيو آھي تھ جيڪڏھن اسيمبليون ٽٽڻ کان بعد ٽن مھينن ۾ چونڊون نھ ٿيون تھ اھا آئين شڪني ھوندي ۽ ھو ان عمل سان ملڪي آئين جو تحفظ ڪري رھيو آھي. پاڪستان جي تاريخ ۾ ايوان صدر گھڻو ڪري سياسي ڪشمڪش جو گھر رھيو آھي. جنرل ضياءَ کان وٺي اڳوڻي صدر اسحاق خان تائين ۽ پرويز مشرف کان وٺي موجوده صدر عارف علويءَ تائين سمورا چونڊيل ۽ مڙھيل صدر ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان اخبارن جي شهھ سرخين ۾ رھيا آھن. صدر عارف علوي جو گھڻو دور خاموشيءَ ۾ گذريو ۽ ھاڻي جڏھن ھن جو مدو پورو ٿيڻ وارو آھي تھ ھو پنھنجي پارٽي ۽ پنھنجي اڳواڻ جي حوالي سان وفا جو ثبوت پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو نظر اچي ٿو پر جيئن تھ ھو ھڪ انتھائي احتياط ڪندڙ شخص آھي، ان ڪري ھن جي ھر عمل ۾ آئين جو خيال رکيل نظر اچي ٿو. ھن ڀيري بھ ھن جيڪو موقف اختيار ڪيو آھي، اھو بظاھر آئيني محسوس ٿي رھيو آھي.
حڪومت تھ ڪنھن بھ طرح سان صدر عارف علويءَ جي ان اعلان کي تسليم نھ ڪندي ۽ صدر عارف علويءَ کي بھ ان جو احساس ھو. پر ھن کي اھا پروڙ بھ ھئي تھ آخر ۾ معاملو عدالت ۾ ويندو. اھڙي طرح صدر عارف علويءَ چونڊن جي سلسلي ۾ معاملي کي عدالت ڀيڙو ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي ۽ ھن اھو ڪجھھ ڪيو آھي، جيڪو ڪجھھ عمران خان چئي رھيو ھو. عمران خان بھ چونڊون آئيني مدي ۾ ڪرائڻ جي سلسلي ۾ عدالت کي نوٽيس وٺڻ جو چئي رھيو ھو. ھاڻي تھ معاملو ھر صورت ۾ عدالت جي طرف ويندو ۽ عدالت کي ھن ڀيري وڏا فيصلا ڪرڻا آھن. ڇو تھ ملڪ ھڪ نھ پر ٽن ٽن بحرانن کي منھن ڏئي رھيو آھي. سياسي بحران، معاشي بحران ۽ ھاڻي آئيني بحران!
سياسي ۽ معاشي بحران ختم ڪرڻ ۾ تھ عدالت جو ڪو ڪردار ممڪن ناھي پر آئيني بحران ختم ڪرڻ عدالت جو فرض آھي. عدالت پنھنجو اھو فرض ڪھڙي طرح ادا ڪندي؟ پاڪستان جي تاريخ ھن نازڪ موڙ تي انصاف جي اعليٰ ترين اداري جي اھم ترين فيصلي کي عوام غور سان ٻڌندو.