اسلام آبادپاڪستانپنجابخيبرپختونخوا

چيف جسٽس پنجاب ۽ پختونخوا جي چونڊن ۾ دير جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

اسلام آباد : چيف جسٽس پاڪستان ٻن صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي. لارجر بينچ اڄ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ڪيس جي شنوائي ڪندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سيد منصور علي شاهه بينچ ۾ شامل آهن. جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منيب اختر بينچ جو حصو آهن. جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس جمال خان مندوخيل به لارجر بينچ ۾ شامل آهن. جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي به بينچ جو حصو آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button