اسلام آبادپاڪستان

چين پاڪستان لاءِ 70 ڪروڙ ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : چين جي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ ستر ڪروڙ ڊالر فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چين طرفان پاڪستان لاءِ ستر ڪروڙ ڊالر جي فنانسنگ جي منظوري جو اطلاع ڏنو. ناڻي واري وزير چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اِها رقم هفتي اندر ملڻ جي اميد آهي ۽ رقم ملڻ سان پاڪستان جي مٽاسٽا ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. پاڪستان ۽ چائنا ڊولپمينٽ بئنڪ وچ ۾ معاهدو گذريل هفتي طئي ٿيو هو. اها اڳڀرائي 300 ملين ڊالر جي چيني تجارتي قرض جي واپسي جي تاريخ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اچي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button