اسلام آبادپاڪستان

سائفر جي جاچ لا انڪوائري ڪميشن جوڙڻ بابت درخواستون رد

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ سائفر جي جاچ لاءِ داخل اپيلن تي رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف داخل درخواستون خارج ڪري ڇڏيون آهن. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سائفر جي جاچ لاءِ داخل اپيلن جي چيمبر ۾ شنوائي ڪئي، جنهن ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکندي اعتراضن خلاف اپيلون خارج ڪري ڇڏيون. ان دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سائفر جي جاچ ڪرائڻ حڪومت جو ڪم آهي، عدليا ڇو مداخلت ڪري؟ مبينا عالمي سازش ذريعي عمران جي حڪومت ختم ڪرڻ جي جاچ اُن وقت جو وزيراعظم چاهي ها ته پاڻ ڪرائي سگهيو پئي. عدالت ٻڌي سڌي ته جاچ جو حڪم ڪيئن ڏئي سگهي ٿي، اسان افواهن تي يقين نٿا رکون. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل جي ايم چوڌري سان مڪالمو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ڀر ۾ پارليامنٽ جي عمارت قائم آهي، وڃو وڃي پارليامينٽ کي چئو، هو اسان کي اختيار ڏين پوءِ اسان مداخلت ڪري سگهون ٿا، سڀ ٻڌل ڳالهيون آهن. شنوائي دوران وڪيل جي ايم چوڌري پاڪستان ڪميشن آف انڪوائري جو حوالو ڏنو، جنهن تي جسٽس قاضي فائز چيو ته ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ ۾ انڪوائري ڪميشن جوڙڻ جو اختيار به حڪومت وٽ آهي، جنهن جو ڪم آهي ته اُن کي ڪرڻ کپي، ان سان مُلڪ اڳتي وڌندو. بعد ۾ عدالت رجسٽرار آفيس جي اعتراض برقرار رکي ۽ درخواستون رد ڪري ڇڏين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button