اسلام آبادپاڪستان

جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش جي تحريڪ آهي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش جي تحريڪ آهي. جيل ڀريو تحريڪ جي شروعات گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت سان ٿي آهي. آفتاب سلطان ذاتي سبب جي ڪري استعيفيٰ ڏني. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ جون حالتون ڪجهه بهتر ٿينديون آهن ته عمران خان نئين تماشي جو اعلان ڪري ڇڏيندو آهي. هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ ملڪ خلاف سازش آهي، نون مهينن کان ملڪ ۾ تماشو لڳل آهي. پي ٽي آءِ ملڪ کي معاشي طور تباهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان وزارت عظميٰ جي منصب تي ويهي رياستي طاقت جو استعمال ڪري پنهنجا کيسا ڀريا. ان ٽولي سياسي مخالفن کي جيل ۾ وڌو، سرڪاري خزاني کي استعمال ڪري مخالفن لاءِ استعمال ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button