اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

آءِ ايم ايف سان معاهدي سبب مهانگائي اڃا وڌندي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملا آخري مرحلن ۾ آهن، معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي. سمورا شرط پورا ڪيا ويندا. جڏهن ته وفاقي ڪابينا مُلڪي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪفايت شعاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ٻين وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاملن جا هڪ ٻه آئٽم رهجي ويا آهن، اميد آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ معاهدو طئي ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بهتري لاءِ مخير حضرات پنهنجو ڪردار ادا ڪن، قوم ڏکئي وقت مان گذري رهي آهي. وزيرن، صلاحڪارن ۽ بيوروڪريٽس سميت هر ڪنهن کي سادگيءَ واري مهم کي اپنائڻ گهرجي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته معاهدي جي نتيجي ۾ مهانگائي وڌيڪ وڌندي، عام ماڻهو ملڪ ۽ قوم لاءِ هميشه قرباني ڏني آهي. زلزلو هجي يا ٻوڏ قدرتي آفتن ۾ سدائين غريب ماڻهو تي ٻوجهه پيو آهي. پوري ڪوشش ڪنداسين ته پاڪستان کي ڏکيائن مان ڪڍون. مُلڪ کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي ته اجتمائي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان کي ماضيءَ مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو. سرنديءَ وارا ملڪ جي بهتريءَ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته آءِ ايم ايف معاهدي جي نتيجي ۾ عام ماڻهو تي بار پيو ته اُهو سوال اُٿاريندو ته حڪومت ڇا ڪيو؟ اشرافيا جو ٻار بيمار ٿيندو ته اُهو فرانس ۾ علاج ڪرائي سگهي ٿو. غريب جي گهر بيماري ايندي ته سڄي خاندان جون ننڊون حرام ٿي وينديون ته علاج ڪيئن ٿيندو. هن چيو ته بينظر انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته ڪابينا گڏيل طور تي فيصلو ڪيو آهي ته توشا خاني جي هن وقت تائين مليل تحفن جي ڊيٽا ويب سائيٽ تي پڌري ڪئي ويندي، جڏهن ته مستقبل ۾ ڪابينا ميمبرن کي توشا خانا طرفان 3 سئو ڊالرن جا تحفا ڏنا ويندا. خانو (اڄ جي دور ۾ 80 هزار رپيا)، تحفو ڏيکاري سگهي ٿو ۽ رکي سگهي ٿو، وزيراعظم سميت ڪو به ان کان وڌيڪ قيمتي تحفو رکي نه سگهندو. وزيراعظم وڌيڪ اعلان ڪيو ته سمورن وفاقي وزيرن، صلاحڪارن ۽ مملڪتي وزيرن رضاڪاراڻي طور پگهارون ۽ مراعاتون نه وٺندا. خاص مددگارن به رضاڪاراڻي طور پگهارون ۽ مراعاتون نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان ڏس ۾ وفاقي ڪابينا مُلڪي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪفايت شعاري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب وفاقي وزيرَ سرڪاري گاڏيون واپس ڪندا، پيٽرول جو استعمال گهٽائيندا ۽ پنهنجو پگهارون به نه وٺندا. گئس، بجلي ۽ ٽيليفون سميت يوٽيلٽي بل پاڻ ادا ڪندا. لگزري گاڏيون واپس وٺي انهن کي نيلام ڪيو ويندو. وزيرن کي ضرورت موجب سيڪيورٽي لا رڳو هڪ گاڏي ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير سرڪاري آفيس ۾ خزاني ۾ ڪجهه به خرچ نه ڪندا، سرڪاري آفيسن ۾ بجلي جو گهٽ کان گهٽ استعمال جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته غيرضروري پرڏيهي دورن تي پابندي هوندي. ذريعن موجب وزير اعظم ۽ وزارتن جا خرچ پڻ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزارت کي به فارين مشن واري اسٽاف کي گهٽائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري آفيسرن ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن لاءِ بزنس ڪلاس سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي. ڪابينا ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسر فائيو اسٽار هوٽل ۾ نه ترسندا، جڏهن ته سرڪاري تقريبن ۾ ڊنر ۽ لنچ ۾ ون ڊش جي پابندي هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button