ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جيل ڀريو تحريڪ ۽ ججن خلاف ريفرنس

پي ٽي آءِ هن وقت پنهنجي پر ۾ جدوجهد جي هڪ اهم ترين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، هاڻ اها پارٽي جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري چڪي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته پارٽي چيئرمين عمران خان نيازي پاڻ جيل وڃڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ هو ضمانتون وٺي رهيو آهي. جيل ۾ وڃڻ جي ڊپ کان هو عدالتن ۾ پيش ٿيڻ کان به لنوائيندو رهيو آهي پر جڏهن ٻه ڏينهن اڳ عدالت سڳوري کيس آخري مهلت ڏني ته هو عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ هن کي هڪ ڀيرو وري 3 مارچ تائين ضمانت ملي وئي آهي.
ڪالهه کان اهي خبرون اچي رهيون آهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري چڪا آهن ۽ ان تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ پي ٽي آءِ جي اهم قيادت جنهن ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، اعظم سواتي ۽ ٻين پاڻ کي پوليس وين ۾ سوار ڪري ڇڏيو ته جيئن کين جيل موڪليو وڃي. عمران خان نيازي ان عمل کي جهاد چئي رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيل ڀريو تحريڪ هڪ جهاد آهي، جيڪو ملڪ برباد ڪندڙن خلاف آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾عمران خان چيو ته اڄ اسين ٻن اهم سببن تي حقيقي آزاديءَ لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪري رهيا آهن، پهريون، اها تحريڪ پرامن آهي، ۽ اسان جي آئين تي حملي ۽ بنيادي حق نه ملڻ خلاف بنا ڪنهن ڏڦيڙ جي احتجاج آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻيو، اسين شرمناڪ طور ايف آءِ اي، نيب ڪيسن ۽ حراستي تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان جي صحافين ۽ سوشل ميڊيا جي ماڻهن تي حملا جاري آهن.
سياست هونئن ته هڪ سائنسي علم آهي پر عمران خان نيازي جهڙن ماڻهن ان کي مذهبي ويس ڍڪائي مذهبي ڪارڊ طور استعمال ڪيو آهي. جنهن ڪري هو ان کي جهاد سڏي رهيو آهي. جڏهن ته اهو ئي ساڳيو عمران خان نيازي هو جنهن جي حڪومتي دور ۾ نيب کي پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ خلاف استعمال ڪيو. ان کان سواءِ ايف آءِ اي کي به هن سياستدانن خلاف استعمال ڪيو. ان وقت به هو جهاد ڪري رهيو هو. هاڻ جڏهن سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن خلاف ڪرپشن جا ڪيس کلي رهيا آهن ته کيس نيب خراب ادارو ٿو لڳي.
نيب کي جڏهن هو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ خلاف استعمال ڪري رهيو هو ۽ هن کان سوال ڪيو ويندو هو ته نيب سياستدانن سان ظلم ڪري رهيو آهي. اهو ادارو ڪوبه ڪيس ثابت نٿو ڪري سگهي ته سندس جواب هوندو هو نيب هڪ آزاد ادارو آهي، جيڪو سندس ڪنٽرول ۾ ڪونهي. اڄ ان ئي نيب کي عمران خان نيازي نندي رهيو آهي.
عمران خان نيازيءَ تي هن وقت ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن پر هو لاڳيتو عدالتن مان ضمانتون وٺي رهيو آهي. جڏهن به هن خلاف ڪو ڪيس ڪيو وڃي ٿو ته ان جو فيصلو گهڻُو ڪري هن جي حق ۾ اچي ٿو. تنهنڪري جيترو رليف عمران خان نيازيءَ کي ملي رهيو آهي، ايترو رليف ڪنهن به سياستدان کي هن وقت تائين ڪونه ملي سگهيو آهي. عدالت جي ان ٻٽي رويي تي حڪومتي ڌر نواز ليگ به پنهنجن خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ خاص طور ٻن ججن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان حوالي سان ڪالهه جيڪي خبرون رپورٽ ٿيون آهن، انهن موجب حڪومت ڪارروائي ڪرڻ جو سوچي رهي آهي.
حڪمران پارٽي مسلم ليگ (ن) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي بابت سڌيءَ ريت قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. بار ڪائونسلز به جسٽس مظاهر خلاف ايندڙ هفتي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قانوني صلاح مشورو مڪمل ڪيو ويو. قانوني ٽيم موجب جسٽس اعجاز الاحسن نواز شريف جي خلاف ڪيس ۾ نگران جج رهيو. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف آڊيو ليڪ جي ترديد نه ٿي سگهندڙ ثبوت سامهون آيو آهي. جسٽس مظاهر نقوي نواز شريف، شهباز شريف بابت درجنين ڪيسن ۾ مخالفاڻا فيصلا ڪيا. پاناما، پارٽي ليڊرشپ، پاڪ پتن الاٽمينٽ ڪيس ۽ رمضان شگر ملز جا ڪيس ان فهرست ۾ شامل آهن. ٻئي جج مسلم ليگ (ن) بابت تعصب وارو رويو رکن ٿا. قانوني ٽيم جو چوڻ هو ته تڪراري جج رضاڪاراڻي طور لاڳاپيل ڪيس جي شنوائين کان الڳ ٿي ويندا آهن، تڪراري ججن کي بينچ مان هٽائڻ جي روايت آهي ته مخالف ڌر جي درخواست تي به بينچ مان هٽايو وڃي.
ٻئي طرف سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز گذريل ڏينهن ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي آڊيو ليڪ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ايندڙ هفتي ۾ سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين حسن رضا پاشا صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته اجلاس ۾ سڀني صوبائي بار ڪائونسلز، اسلام آباد بار ڪائونسل جي چيئرمين ۽ ميمبرن جڊيشل ڪائونسل کي سڏ ڏنو آهي ته هاڻوڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪري. هنن ٻڌايو ته اجلاس ۾ آڊيو ليڪ جو معاملو اٿاريو ويو، آڊيو ليڪس جي فارنزڪ جو مطالبو چيف جسٽس کان ڪيو هو پر سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل جي مطالبي تي ڪو به رد عمل ناهي ڏنو. هنن چيو ته اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف سڀ جو سڀ بار ڪائونسلز الڳ الڳ ريفرنس فائل ڪنديون. آرٽيڪل ٻه سئو نوَ جي تحت سپريم ڪورٽ جي جج جي خلاف ريفرنس ايندڙ هفتي داخل ڪيا ويندا.
سنڌ، بلوچستان، پشاور، لاهور، اسلام آباد ۽ پاڪستان بار ڪائونسل ريفرنس داخل ڪنديون. حسن رضا پاشا جو چوڻ هو ته چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو هو ته آڊيو ڪوڙي آهي يا سچي، ذميوارن کي سزا ڏيو جن ججن کي نظرانداز ڪري جونيئر جج مقرر ڪيا ويندا آهن، اهي جذبي سان ڪم ناهن ڪندا، جيڪي جج سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ جي قابل ناهن اهي هاءِ ڪورٽ ۾ رهڻ جي به قابل ناهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل عابد زبيري کي نوٽيس جاري ڪندي ۽ کانئس جواب وٺندي، اميد آهي ته آڊيو ليڪ کانپوءِ جج عهدي تان استعيفيٰ ڏيندا. سندس چوڻ هو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل هو، ان ڪري حڪومت جسٽس فائز عيسيٰ جي ريفرنس واري فيصلي تي نظرثاني اپيل واپس وٺي.
عام طور تي دنيا ۾ جڏهن به ڪو جج ڪنهن ڪيس تي فيصلو ڏيندو آهي ته اهو ضمير مطابق نه پر آئين ۽ قانون موجب ڏيندو آهي. ڇا جن ججن ذوالفقار علي ڀٽي خلاف فيصلو ڏنو هو، اهو آئين ۽ قانون موجب هو. اهو ڀلي ضمير موجب هجي ۽ هر جج جو ضمير پنهنجو پنهنجو آهي. ضروري ناهي ته هر ضمير آئين ۽ قانون جي پوئواري ڪري. تنهنڪري اهو عوام کي منجهائي مارڻ واري ڳالهه آهي ته فيصلا ضمير موجب ڪيا وڃن، اهي ئي صحيح هوندا آهن.
ملڪ ۾ ججن جي تڪراري فيصلن جي پوري تاريخ رهي آهي. پر جيڪي فيصلا 2017ع کان وٺي ٿي رهيا آهن، اهي ايترا ته تڪراري رهيا آهن جو جج پنهنجن عدالتن ۾ آئين جي تشريح ڪرڻ بدران نئين آئين لکرائي رهيا آهن. جڏهن ججن جو ڪم قانون سازي ڪرڻ ڪونهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مٿين ٻنهي ججن خلاف داخل ٿيندڙ ريفرنس سان ڪهڙي تبديلي اچي ٿي، جڏهن انهن ٻنهي ججن تي هڪ سياسي پارٽيءَ جي ڌر هجڻ جا الزام لڳي چڪا آهن. تنهنڪري قانون جي حڪمراني ضمير موجب ڪيل فيصلن سان نه، پر آئين موجب ڪيل فيصلن سان عمل ۾ اچي سگهي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button