ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌي قومي ٻوليءَ مڃرائڻ لاءِ جدوجهد

اها خوشخبري آهي ته ملڪ جي پنجن هزار ورهين کان به وڌيڪ پراڻي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاءِ تازو 21 فيبروريءَ واري عالمي ڏينهن تي نيڪ نيتيءَ سان ڪوششون ڪيون ويون آهن جنهن جي عاليشان آڌرڀاءُ ڪجي ته بهتر هوندو ڇاڪاڻ ته اصل نيت ملڪ اندر اهم سنڌي ٻوليءَ کي جائز حصو ڏيارڻ ئي آهي. اها وڏي بدقسمتي آهي ته جڏهن ملڪ جي سربراهه شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سال 1972 ۾ سنڌي ٻوليءَ سنڌ جي اڪيلي ٻولي تسليم ڪئي وئي هئي ته ڪيترن غيرسنڌين وڏا هنگاما ڪيا هئا. اهڙا کوڙ پر خطرناڪ واقعا منهنجن اکين اڳيان ٿيا هئا. روزاني جنگ اخبار جي مالڪ ۽ ايڊيٽر مير خليل الرحمان جو ڪردار خاص ڪري سنڌ لاءِ هاڃيڪار هوندو هو جنهن هڪ ليکڪ جو 33 سال پراڻو آرٽيڪل سندس اجازت کانسواءِ ڇاپيو هو ته اردو کا جنازه ذرا دهوم سي نکلي. مان جنرل يحيا خان دور کان ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ جي سنڌي نيوز جو باقاعدي ملازم چونڊجي ويو هوس. ڪيترا ڏکيا واقعا اسان جي اکين اڳيان ٿيا هئا. مان ريڊيو جي نيوز جو ملازم هوس ته پروگرام سائيڊ الڳ هئي. اسان جو دوست مشهور سنڌي ليکڪ امر جليل، الڳ پروگرام ۾ مئنيجر هو. منهنجون ساڻس ذاتي طور ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. اها سو سيڪڙو سچائي آهي ته انهيءَ وقت جي ماحول بابت امر جليل ڪهاڻي لکي هئي ته ٻه سنڌي ماڻهو، ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي پاڻ ۾ سنڌي ڪونه ڳالهائيندا هئا.
ٻئي طرف، اها به خوشخبري آهي ته تازو سنڌ اسيمبليءَ، سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو آهي. اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونهي. ان کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ کي جائز حصو يعني قوم ٻولي مڃرائڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ يعني پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) سرڪار جي دور ۾ اٽڪل پنج ٺهراءُ منظور ڪيا ويا هئا جن کي ٿورو به شڪ هجي سي ڀلي رڪارڊ چيڪ ڪن.
اها سچائي آهي ته سنڌي ٻولي سڄي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالهائي ويندي آهي. مون کي ياد آهي ته جنرل ضيا الحق سنڌين بابت چيو هو ته اهي ميرپورخاص کان حيدرآباد وڃن ٿا ته چون ٿا ته پرديس ۾ اچي ويا آهيون. منهنجي ايمانداريءَ سان راءِ آهي ته هن کليو کلايو ڪوڙ ڳالهايو هو. سندس غلط بيان کانپوءِ مون دنيا جي گولي جي چوڌاري لاڳيتو چڪر ڏنو هو ته مون کي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ کوڙ سنڌي ڳالهائيندڙ مليا هئا.
انهيءَ کانپوءِ چئن کنڊن جن ۾ آمريڪا (ڪيناڊا سميت)، يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا شامل آهن سي ذاتي طور ڪيترا ڀيرا گھميا اٿم. مون کي هر ملڪ ۾ کوڙ ڪاروباري سنڌي مليا. مثال مون سنگاپور، مليشيا، سري لنڪا وغيره به ڪيترا ڀيرا گھمي ڏٺا اٿم ته اتي سنڌين جو وڏو انگ موجود هو. ٻيو ته ٺهيو پر مان ذاتي طور آفريڪا جي اهم ملڪ ڪينيا گھمڻ ويو هوس. اتان جو هڪ مثال ڏيان ٿو ته مان اتان جي ٻن اهم شهرن يعني گاديءَ واري شهر نيروبي ۽ گھڻو پري ممباسا شهر ويس، ٻنهي هنڌين تي مون کي کوڙ سنڌي مليا هئا.
هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ سنڌي ٻولي، قومي ٻولي طور تسليم ٿيل آهي. مون هڪ بيان به ڪجھه سال اڳ ڇاپيو هو ته هڪ سنڌي ڀارتي اسيمبلي ميمبر سنڌيءَ ۾ قسم کنيو هو. مان دهلي ۽ ممبئيءَ ۾ ذاتي طور گھمڻ ويو هوس ته مون کي اتان جي اهم سنڌي سياستدانن، سنڌي کي قومي ٻوليءَ مڃرائڻ جو تفصيلي قصو ٻڌايو هو.
ميڊيا جي خبر موجب سنڌ اسيمبليءَ تازو پنهنجي گڏجاڻيءَ ۾ پرائيويٽ ميمبرز جو عام ايجنڊا رد ڪري مادري زبانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور تي بحال ڪري ورتو. صورتحال کي سمجھڻ لاءِ ڪجھه بيان پيش ڪريون ٿا ته ٺهراءُ پاڪستان پيپلز پارٽي جي هير سوهو ۽ ماروي فصيح پيش ڪيو، ٺهراءُ پيش ڪندي هير اسماعيل سوهو گهر ڪئي ته مادري ٻولين کي نصاب جو لازمي حصو بڻايو وڃي ۽ پاڪستان ۾ ڳالهائي ويندڙ سمورين ٻولين کي قومي زبانون مڃيو. سندس چواڻي قومي اسيمبليءَ ۾ بل به موجود آهي جنهن کي منظور ڪرايو وڃي. هن عالمي زبانن جي ڏينهن جي موقعي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران گڏجاڻي ڪرڻ تي ان جي واکاڻ ڪئي. سندس چوڻ هو ته دنيا ڪيتري به ماڊرن ٿي وڃي، اسان کي فخر آهي ته اسان هڪ اهڙي زبان سان لاڳاپيل آهيون، جيڪا 5 هزار ورهيه پراڻي تهذيب جي نمائندگي ڪندڙ آهي، اسان کي سنڌي ڳالهائڻ تي هميشه فخر ٿيندو آهي، هن اها به شڪايت ڪئي هئي ته شهر جي اسڪولن ۾ سنڌي زبان نٿي ڳالهائي وڃي، سنڌي زبان به لاڳو ڪريو. جي ڊي اي جي نندڪمار به مادري ٻولي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٺهراءُ پيش ڪيو، سندس چوڻ هو ته جيڪو به مادري ٻولي ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو ان جي ذهانت وڌي وڃي ٿي، ملڪ ۾ جيتريون به ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، انهن ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. سنڌ ٻولي ۾ گهڻي مٺي آهي، پيپلز پارٽي جي ماروي فصيح جو چوڻ هو ته اسان جي سنڌي ٻولي 5 هزار سال پراڻي آهي، اسان کي پنهنجي مادري ٻولي تي فخر آهي. پي ٽي آئي جي سنجي گنگواڻي گهر ڪئي ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪو بل حاضر آهي، ان کي منظور ڪيو وڃي. پيپلز پارٽي جي ڪلثوم چانڊيو چيو ته اسان جا ٻار جڏهن اسڪول وڃن ٿا ته انهن کي استاد، سنڌي ٻولي نٿا پڙهائين، اسان کي فخر آهي ته اسان سنڌي آهيون. سنڌ جو وزير اسماعيل راهو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ٻوليون سب پياريون ٿينديون آهن جيڪڏهن اسان کي سنڌ سان محبت آهي ته اسان کي ٻيو ٻوليون به سکڻ گهرجن، هر ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو هجڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هن وقت 60 ٻوليون آهن، ڪيترين ٻولين جو اڄ وجود نه آهي، اڄ دنيا بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم ڪيو، اسان ان کي تسليم نه ڪيو هو، جيڪڏهن اسان 1952 ۾ ان جي قومي ٻولي تسليم ڪريون ها ته اڄ اسان جو حصو هجي ها. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ جيڪو بل موجود آهي، ان ۾ ٻين پارٽين دلچسپي نه ورتي. هن بل جي منظور ٿيڻ سان ٻين ٻولين جو درجو گهٽ نه ٿيندو، سموريون ٻوليون اسان جون آهن. تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بنگلاديش جي ٻولي کي تسليم نه ڪيو ويو، شاگردن ان تي احتجاج ڪيو. 1857 ۾ ڪمشنر ليٽر ڪڍيو ته سڀ ڪلرڪ سنڌي جو امتحان پاس ڪن، جيڪو سنڌي جو امتحان پاس نه ڪندو هو ان کي پوسٽنگ نه ملندي هئي. هن چيو ته چئن صوبن جون چار ٻوليون آهن، انهن کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي.
انهيءَ کان علاوه، سردار شاهه ٻڌايو ته ڀارت ۾ 26 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويو آهي، سنڌي اردو، اسڪولن ۾ لازمي طور تي پڙهائي ويندي. تعليم واري وزير چيو ته 15 هزار خانگي اسڪول رجسٽرڊ آهن. سنڌي اردو لينگويج سينٽر قائم ڪري رهيا آهيون، اڄ جيڪا به زبان موجود آهي ان جي عزت ڪئي وڃي، رياست بنگلاديش مان سبق سکي.
بهرحال، اها به خبر ڇپي آهي ته سنڌ جي ڪيترن شهرن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جائز حصو ڏيارڻ لاءِ گڏجاڻيون ۽ مظاهرا به ڪيا ويا. مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن 21 فيبروري تي سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاءِ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا، انھيءَ سلسلي ۾ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين سنڌ-سنگت جي سيڪريٽري جنرل تاج جويي ۽ ٻين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ۽ زوردار نعرا ھنيا ته “سنڌي ٻولي قومي ٻولي، سنڌي، بلوچي، سرائيڪي، پشتو ۽ پنجابيءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيو.
ٻئي طرف، سانگهڙ ۾ مادري ٻولين ۽ استاد جي اهميت بابت ڪوٺايل مذاڪري ۾ تعليمي ماهرن ۽ اديبن چيو آهي ته ٻولين جي بچاءُ، مارڪيٽ ۽ پيداواري ذريعن ۾ آھي، سنڌي ٻولي کي ڪو خطرو نه آھي، پر اسان کي سنڌي ٻولي کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻو پوندو. سانگھڙ ۾ سنڌي ادبي سنگت، سانگھڙ سجاڳي فورم ۽ شاھپور چاڪر فورم جي سھڪار سان تعليم ۾ مادري ٻولين ۽ استاد جي اھميت جي عنوان سان مذاڪرو سانگهڙ ڊگري ڪاليج ۾ ڪوٺايو ويو.
ٻئي طرف، جسقم چيئرمين صنعان قريشي جو چوڻ هو ته سنڌي، سنڌي ماٿريءَ جي اصولي ۽ پراڻي ٻولي آهي تنهن کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. بهرحال، مونکي ياد آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صدر طور قومي اسيمبليءَ ۾ چيو هو ته سنڌي ٻولي سنڌ ۾ ڪونه ڳالهائبي ته ڇا ٽمبڪٽو (مالي ملڪ، آفريڪا) ۾ ڳالهائي ويندي. مون کي ياد آهي ته ميجر جنرل (ر) حميد گل راولپنڊيءَ جي آرٽس ڪائونسل ۾ تقرير ڪندي مطالبو ڪيو هو ته شهيد ڀٽي، سنڌي کي سنڌ جي اڪيلي ٻولي ڊڪليئر ڪئي آهي سو ختم ڪيو وڃي. اسان نيڪ نيتيءَ سان پنهنجو عرض ٻيهر دهرايون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو جائز حصو ڏيارڻ لاءِ رڳو 21 فيبروريءَ تي نه پر سڄي سال دوران جدوجهد ڪرڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button