پلومودي ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍپڻ جو دوست آهي. اها دوستي گھڻي عرصي تائين هلي. زڪو آئون هيٺ پيو وڃان. اهي اهي پهريان لفظ هئا جنهن سان هن زلفي کي مخاطب ڪيو هو. ان دوستي جي شروعات ان وقت ٿي جڏهين شاهنواز ڀٽو پنهنجي خاندان سان بمبئي ۾ رهندو هو. اهي ٻيئي بمبئي جي ڪيٿڊرل بوائز اسڪول ۾ پڙهندا هئا. ان وقت پلو جي عمر ڏهه سال ۽ زلفي نو سالن جو هو. زلفي دراصل پلو جي ماسات جهانگير موگا سيٺ جو دوست هو ۽ ان جي گھر ۾ اچ وڃ جي ڪري انهن جي دوستي ٿي هئي. هن پنهنجي ڪتاب Zulfi My Friend ۾ ان دوستي جا گھڻا تفصيل ڏنا آهن.
زلفي شروع ۾ گھر ۾ ئي ڪجھه تعليم حاصل ڪئي هئي ۽ هو نو سالن جي عمر تائين اسڪول ۾ داخل نه ٿيو هو. جڏهين پرنسپل داخلا لا سندس انٽرويو ورتو ته کيس چيو ته توکي گرلز سيڪشن ۾ داخلا ڏيون ٿا جنهن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ پرنسپل کلي کيس چيو ته ڇوڪرن کي ائين ئي هئڻ گھرجي ۽ کيس فرسٽ اسٽينڊرڊ ۾ داخل ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت ڪنڊرگارٽن ۽ پرائمري مرحلا نه ڪرڻ جي ڪري کيس گھڻي ڏکيائي ٿي پر هو انتهائي ذهين هو ۽ پڙهائي ۾ اڳتي وڌندو ويو. 1945 ۾ پنهنجي ننڍي ڀيڻ جي وفات جي ڪري هو گھڻي ڏک ۾ هو ۽ سينيئر ڪيمبرج جي امتحان ۾ فيل ٿي ويو پر پو ڇهه مهينا هن پاڻ کي بلڪل پڙهائي جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ 1946 ۾ هن سينيئر ڪيمبرج ڪري ورتو. ان دوران کيس هڪ افلاطوني قسم جو عشق ٿيو. هو ان ڇوڪري سان ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ چاهيندو هو پر ڇوڪري جا ما پي کيس ساڻس ملڻ نه ڏيندا هئا جنهن جي ڪري هو ڪافي مايوس ۽ پريشان هو. ليکڪ جي چوڻ موجب زندگي جي گھڻي تجربي حاصل ڪرڻ کانپو به هو ان ڇوڪري کي وساري نه سگھيو. اهي ٻيئي دوست پو آمريڪا ۾ پڙهائي دوران ۽ آڪسفورڊ ۾ به هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو رهيا.
ليکڪ جو خيال آهي ته ڀٽو جي خاندان جي بمبئي ۾ رهڻ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪري سندس لا هڪ جديد نڪته نظر اختيار ڪرڻ آسان ٿي پيو. جيڪڏهين هو سنڌ جي قبائلي ۽ پٺتي پيل ماحول ۾ هجي ها ته سندس لا ايترو اڳتي وڌڻ ممڪن نه هجي ها. هو وڌيڪ لکي ٿو ته اسان ٻيئي ساڳيا ڪتاب پڙهندا هئاسين پر آئون پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي وڌيڪ مضبوط بنياد ڏيڻ چاهيندو هوس جڏهين ته زلفي پنهنجن سوشلسٽ خيالن لا پڙهندو هو.
ڪرڪيٽ سان کيس گھڻو شوق هو. وجي مرچنٽ، هزاري، مشتاق علي، امر ناٿ، مانڪنڊ ۽ نواب پٽودي سندس پسند جا رانديگر هوندا هئا. مشتاق علي سان زلفي جا ويجھا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ هو ڄڻ سندن گھر جو هڪ فرد بڻجي ويو هو. هو جڏهين به بمبئي ايندو هو ته زلفي جي گھر ئي اچي رهندو هو. ان وقت هڪ ٻئي ڪرڪٽر گل محمد سان به زلفي جا ويجھا لاڳاپا قائم ٿي ويا هئا ۽ اهي ٽيئي گڏ هوندا هئا. مشتاق جو خيال هو ته زلفي ۾ هڪ سٺي ڪرڪيٽر ٿيڻ جي صلاحيت هئي ۽ هو جيڪڏهين ٿوري پريڪٽس ڪري ها ته هڪ سٺو رانديگر ٿي سگھيو ٿي. زلفي سٺو پائيندو ۽ سٺو کائيندو هو ۽ پنهنجن انهن دوستن کي کارائڻ پيارڻ تي به خرچ ڪندو هو. باقي طبيعت جي لحاظ کان هو ڪنهن به ننڍي ڳالهه تي ناراض ٿي ويندو هو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳندو هو. مشتاق علي سان زلفي جو اهو رابطو ان وقت ختم ٿي ويو جڏهين شاهنواز ڀٽو ديوان ٿي جوناڳڙهه هليو ويو. مشتاق علي 1954 ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ميچ لا ڪراچي ويو ته اتي سندس زلفي سان وري ملاقات ٿي ۽ کيس سندس گھر ۾ گھڻي عزت ملي پر هن ڏٺو ته زلفي جو شوق هاڻي ڪرڪيٽ ڏانهن گھڻو نه رهيو هو.
زلفي انگلينڊ ۾ قانون جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپو اتي هڪ فرم سان ڪم شروع ڪيو هو پر پويان سندس ڀا زمينن وغيره جي معاملن کي صحيح نموني سنڀالي نه سگھيو هو جنهن جي ڪري کيس اها پريڪٽس ڇڏي واپس موٽڻو پيو. هن لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي پراڻي گھر کي ڊهرائي نئون گھر ٺهرايو ۽ اتي رهڻ لڳو. ليکڪ جو چوڻ آهي ته هتي ڪراچي ۾ هن جنهن سينيئر وڪيل رام چنداني سان ڪم شروع ڪيو هو ان کي سندس ڪم ۽ قابليت کي ڏسي اهو ڊپ لڳو ته ڪٿي هو کانئس اڳتي نه نڪري وڃي. هن نه رڳو اهو ته کيس ڪا تربيت نه ڏني پر کيس اها صلاح ڏني ته هو وڪالت ڇڏي سياست ڏانهن وڃي. زلفي سندس مطلب سمجھي ويو ۽ ان ڪري کيس پنهنجي ليکي پنهنجي پريڪٽس شروع ڪرڻي پيئي. ان وقت جي سنڌ چيف ڪورٽ جي فل بينچ آڏو هڪ ڪيس ۾ سندس دليل ٻڌي چيف جسٽس ڪانسٽنٽائين جو چوڻ هو ته هي وڪالت جي پيشي ۾ گھڻو اڳتي ويندو. هو پنهنجي تعريف ٻڌي خوش ٿيندو هو ۽ چيف جسٽس جي ان ڳالهه کيس واقعي خوش ڪري ڇڏيو.
سياسي لحاظ کان انهن ٻنهي جا خاندان ٻن مختلف خيالن جا هئا. سر شاهنواز ڀٽو مسلم ليگ ۽ جناح جي ويجھو هو جڏهين ته ليکڪ جو پي گانڌي ۽ نهرو جي ويجھو هو. انهن ٻنهي لنڊن جي پهرين گول ميز ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئي جتي سر شاهنواز سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي گھر پيش ڪئي هئي. ليکڪ جو خيال آهي ته جونا ڳڙهه جي ديوان هئڻ وقت هو جيڪڏهين رياست جي پاڪستان سان الحاق جي حوالي سان اهو موقف نه رکي ها ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي نوعيت مختلف هجي ها.
پلو مودي عدن ۾ هڪ هوٽل جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو جڏهين اوڏانهن ويندو هو ته ڪراچي ۾ ڪجھه وقت لا زلفي سان ملاقات لا ضرور ترسندو هو. اتي هڪ ڀيري ڀٽي سندس ملاقات پنهنجي زال نصرت سان ڪرائي. هو نصرت جي سڀا ۽ ان جي روئي کي گھڻو ساراهي ٿو. هن سندن سٺو خيال رکيو ۽ هڪ سٺي ميزبان جا فرض انجام ڏنا. ليکڪ جو خيال آهي ته 1971 جي جنگ کانپو اندرا گانڌي سان ڳالهه ٻولهه لا ڀٽو سان گڏ بينظير جي بجائي نصرت ڀٽو کي اچڻ گھرجي ها جيڪا بيماري جي ڪري نه اچي سگھي هئي. سندس چوڻ آهي ته بينظير اتي ڳالهه ٻولهه ڪندڙ ٻنهي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ نهايت آرام ۽ ڪنهن به پريشاني کان آزاد پنهنجو وقت گذاريو.
پاڪستاني وفد جي ڀارت اچڻ کان اڳ ليکڪ اندرا گانڌي کي لکيو هو ته هو ان ڳالهه ٻولهه جي عمل ۾ ڀٽو جي دوست جي حيثيت ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو پر اندرا پاران کيس ان جو ڪو جواب نه مليو. بهرحال ڳالهه ٻولهه جي شروع ٿيڻ کان اڳ هو شملا پهتو هو ۽ ڀٽو سان سندس فون تي رابطو هو. شملا واري ڳالهه ٻولهه گھڻن مرحلن مان گذري ۽ هڪ مرحلو اهڙو آيو جڏهين ائين لڳو ته ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي ويئي هئي. ڀارت پاران مجيب کي ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ ۽ جنگي ڏوهارين تي مقدمي هلائڻ تي اصرار هو جنهن کي پاڪستان پاران قبول نه ٿي ڪيو ويو. هن ان دوران ڀٽو سان ذاتي نوعيت جي هڪ ڊگھي ملاقات ڪئي هئي. صحافين اهو سمجھيو ته انهن ٻنهي دوستن ۾ ڪا اهم ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ اهي کانئس ان متعلق سوال ڪرڻ لڳا. پر جيئن ته اهڙي ڪا ڳالهه نه هئي ان ڪري هن پنهنجي پارٽي پاران هڪ بيان جاري ڪري اهو واضح ڪيو ته اسان چاهيون ٿا ته ٻنهي ملڪن ۾ سٺا ۽ خوشگوار ناتا هجن ۽ اهي امن سان رهن. الوداعي دعوت وقت جڏهين سرڪاري مهرن سميت سڀ سامان واپس موڪليو ويو هو ان وقت ٻيئي اڳواڻ ماني جي ميز تان اٿي بيٺا ۽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري ٺاهه تي صحيح ڪيائون.
ٻنهي ۾ اهي ناتا ۽ بي تڪلفي آخر وقت تائين قائم رهيا جن ليکڪ چواڻي ته بينظير کي به حيران ڪري ڇڏيو هو ته سندس پي ڪنهن ماڻهو سان ان حد تائين بي تڪلف ٿي سگھي ٿو.