عمران خان پھريان جي مقابلي ۾ گھڻو “ميچوئر” ٿي ويو آھي. ھتي “ميچوئر” لفظ کي مثبت نھ پر منفي معنيٰ ۾ ورتو وڃي. ڇو تھ پاڪستان جي اقتداري سياست ۾ “بلوغت” ان باهھ وانگر ھوندي آھي، جيڪا انسان جي معصوميت کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي آھي. عمران خان جي سلسلي ۾ بھ ڪجھھ اھڙو ئي آھي. ھي عمران خان اھو ناھي، جيڪو اڳ ۾ ھو. ھي عمران خان جنھن کي پاڪستان جي سياست جا سوين نھ پر ھزارين نالا ياد آھن. ھي عمران خان جيڪو ڪڏھن معصوم ھو. جنھن ڪڏھن واقعي بھ ملڪ جي لاءِ ڪجھھ ڪرڻ جو سوچيو ھو. پر سياسي زندگيءَ جي ٽين ڏھاڪي ۾ ھن کي اھو شدت سان احساس ٿيو تھ “سياست پيار نھ پر واپار آھي” ۽ ھاڻي ھو اھوئي ڪجھھ ڪري رھيو آھي.
عمران خان جي موجوده سياسي عمل ۽ عدليا جي ردعمل تي اچڻ کان اڳ ۾ ھن جي طالبان بابت پاليسيءَ جو جائزو وٺڻ ضروري آھي. طالبان تھ موت جون مشينون آھن. ھو پنھنجن ماڻھن کي بم بڻائي استعمال ڪن ٿا. ھو جيڪي اسڪول جي معصوم ٻارن جي خون سان ھولي کيڏي سگھن ٿا، انھن لاءِ پشاور ۽ ڪراچيءَ جي پوليس ڪھڙي حيثيت رکي ٿي. ھو جيڪي پنھنجي وات مان نھ ھٿيارن جي وات مان وحشي اظھار ڪندا آھن ۽ جنھن کي ڪنھن جي بھ پرواھه ھوندي محسوس نھ ٿيندي آھي، اھي اھو بيان ڏئي پيا سگھن تھ ھو عمران خان جا مخالف ناھن. ھو آھن يا ناھن؟ اھا الڳ ڳالھھ آھي پر انھن بيان ڏنو ھو تھ ھو عمران خان جا مخالف ناھن. پر سوال ٿو پيدا ٿئي تھ ڇو؟
ڇو تھ عمران خان انھن جو مخالف ناھي. نھ ذاتي. نھ سياسي. نھ نظرياتي. عمران خان منڍ کان وٺي انھن جو حامي ۽ حمايتي رھيو آھي. ان ڪري انھن عمران خان جي مٿان ھلڪو ھٿ رکيو آھي. عمران خان جي طالبان طرف جھڪاءُ جي پاليسيءَ جو اندازو ان مان بھ لڳائي سگھجي ٿو تھ ھن ڀيري جڏھن طالبان وري مٿو مٿي ڪري پنھنجيون ڪارروايون ٻيھر شروع ڪري ڇڏيون آھن تھ عمران خان انھن جي خلاف رسمي بيان بھ جاري نھ ڪيو. پشاور واقعي تي ڏک جو اظھار تھ ھن کي ھونءَ ئي ڪرڻو ھو پر غم جو اظھار الڳ آھي ۽ غصي جو اظھار الڳ آھي. عمران خان پشاور ڌماڪي تي افسوس جو اظھار ڪري جان ڇڏائي. جڏھن تھ ڪراچيءَ واري طالباني حملي کي تھ اڇاتري اک سان بھ نھ ڏٺو. اھو ئي سبب آھي تھ ھن کي جيڪو بھ خطرو آھي، اھو ٻين ڌرين مان آھي. ھن کي ھڪ طالبان مان خطرو ناھي ۽ ھن کي ٻيو ان عدليا مان خطرو ناھي، جيڪا ھڪ اڌ موقعي کان سواءِ ھن جي آغوش مادر جيان رھي آھي. ھن کي جڏھن بھ ڪنھن رليف جي ضرورت درپيش آئي آھي، تڏھن عدليا عمران خان کي معصوم ٻار سمجھي، ھن کي پنھنجي ڪاري جبي ۾ پناھه ڏيڻ ۾ وسئون نھ گھٽايو آھي. اھو ڀلي اسلام آباد مارچ ھجي يا ھن جي مٿان داخل ٿيل ڪيسن جون ضمانتون ھجن. ھن کي وک وک تي ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان ڪو نھ ڪو پار پتو ملندو رھيو آھي.
ھن ڀيري بھ عدليا جي پاران پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين جي چونڊن تي سپريم ڪورٽ جو سوئو موٽو وٺڻ جو عمل ثابت ڪري رھيو آھي تھ تحريڪ انصاف جو سرواڻ عدليا لاءِ اھم آھي. عمران خان جي حفاظتي ضمانت مارچ مھيني تائين اڳتي وڌائڻ جو فيصلو ڏيڻ کان پوءِ جھڙي طرح پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي اسيمبلين جي چونڊن جي سلسلي ۾ جيڪو سوئو موٽو ورتو ويو آھي، ان جي نوعيت ان راند جھڙي آھي، جنھن ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪيو ويندو آھي جو ھڪ ٽيم لاءِ “پينلٽي اسٽروڪ” اڻٽر بڻجي ويندو آھي. ھن ڀيري بھ اھوئي ڪجھھ ٿيو.
صدر عارف علويءَ پھرين تھ اليڪشن ڪميشن کي ڇڪيو. توڙي جو ھن کي معلوم ھو تھ اتان ڪھڙو جواب ايندو؟ ھن کي ان جو بھ پتو ھو اليڪشن ڪميشن جي عدم تعاون بعد ھن کي ڪھڙو قدم کڻڻو آھي؟ ھن اھو قدم بھ کنيو. ھن پاران ٻن صوبن ۾ اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو مطلب ئي اھو هو تھ عدليا پاڻمرادو نوٽيس وٺي. ڇو تھ قانون ۽ انصاف جو سڀ کان وڏ ادارو اھو ڪنھن بھ طور تي برداشت ڪري نھ ٿو سگھي تھ ملڪ جا اھم ادارا ھڪ ٻئي جي منھن مقابل ٿين ۽ ھڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ پئجي وڃن. اھڙي طرح دنيا جي ڪا بھ قوت اھو نھ چوندي تھ سپريم ڪورٽ ڪجھھ ٺيڪ نھ ڪيو. ھر ڪنھن جو موقف اھو ھوندو تھ سپريم ڪورٽ کي اھو ئي ڪجھھ ڪرڻ کپندو ھو ۽ چيف جسٽس ان سلسلي ۾ 9 رڪني بينچ جو قيام عمل ۾ آندو آھي تھ جيئن ڪائي آڱر الزام بڻجي نھ اٿي.
پي ڊي ايم جي سرڪار ھن وقت سخت دٻاءَ ۾ آھي. ڇو تھ ھڪ طرف ھن کي مھانگائيءَ سوڙھو ڪيو آھي ۽ ٻي طرف ھن کي عمران خان جي چالن پريشان ڪيو آھي. عمران خان ھڪ کان پوءِ ھڪ وڌيڪ آزمائش حڪومت جي واٽ ۾ وڇائي رھيو آھي. حڪومت جو خيال ھو تھ عمران خان ٻن صوبن جي حڪومتن جي قرباني نھ ڏيندو. پر ھن ڏئي ڇڏي ۽ ان جي ڪري حڪومت کي کڻي ڪجھھ فائدو بھ پھتو پر فائدي جي ڀيٽ ۾ نقصان وڌيڪ ٿيو. ڇو تھ ھڪ سياسي ۽ آئيني بحران پيدا ٿيو ۽ صوبائي حڪومتون وڃائڻ جي صورت ۾ تحريڪ انصاف ۾ وڌيڪ جارحيت پيدا ٿي وئي ۽ اھا ٿيڻي بھ ھئي. اھڙي طرح اھو جيڪو ھڪ بلڪل معمولي ۽ انتھائي نحيف قسم جو آسرو ھو تھ ڪنھن موقعي تي حڪومت ۽ مخالف ويھي ڪي معاملا طعھ ڪنديون. ھاڻي اھو موقعو بھ نڪري ويو آھي. ڇو تھ عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ شروع ٿي چڪي آھي ۽ عمران خان ان سلسلي ۾ پنھنجا اوپننگ بيٽس مين شاھه محمود قريشي ۽ اسد عمر جي صورت ۾ اماڻيا آھن. ھو ٻيئي تحريڪ انصاف جو نرم چھرو آھن. انھن ٻنھي کي معلوم آھي تھ انھن اھڙي ڪا وائي وات نھ آندي آھي، جنھن سبب انھن کي بھ انھن امتحانن مان گذرڻو پوي، جن امتحانن مان بقول پي ٽي آءِ شھباز گل ۽ اعظم سواتي گذري چڪا آھن.
شاھه محمود قريشي تھ رياست جو نھايت فرمانبردار ٻار آھي. ھن جي مٿان ڪڏھن بھ ڪنھن طرف کان ڪاوڙ جو اظھار نھ ڪيو ويو آھي. ھن بھ ڪڏھن پنھنجي حد اورانگھڻ جي ڪوشش نھ ڪئي آھي ۽ ھن جي گرفتاريءَ جو مطلب اھو آھي تھ ھاڻي ھن جي معرفت ڳالھين جا ڳچ نبيري جي واٽ جي نشاندھي ڪري سگھن ٿا.
پاڪستان ۾ عمران خان جي سياست کي عوامي سپورٽ ھجڻ سبب حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿيون آھن. اھي مشڪلاتون ان صورت ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويون آھن جو عمران خان ڪنھن ڪمپرومائيز جي طرف اچڻ جي لاءِ تيار نظر نھ ٿو اچي. ھن کي ھر صورت ۾ اقتدار گھرجي ۽ ھو اقتدار شريف فيملي ۽ زرداري خاندان سان ورھائي ماڻڻ لاءِ قطعي طور تي تيار ناھي. ھن جو اھو موقف ھن جي ۽ اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا وچ ۾ انھن اختلافن جو سبب بڻيو، جيڪي اڄ بھ ھڪ ٻئي جي مٿان تنقيد جا تير وسائڻ کان نھ ٿا مڙن. عمران خان جو اقتداري ضد ۽ حڪومتي پارٽين جو منٿ ميڙ قافلو ھڪ اھڙي موڙ تي پھتو آھي، جتي ھڪ گھڻ طرفو بحران ملڪ کي واريءَ واري طوفان جيان ويڙھي ويو آھي ۽ ان طوفان ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ان عوام جو ٿي رھيو آھي، جنھن جي لاءِ زندگيءَ گذارڻ تمام مشڪل بڻجي ويو آھي. انھن جي لاءِ ھر ڏينھن ائين آھي، جيئن اڳواٽ ڪمزور ڪلھن جي مٿان وڌيڪ بار وڌايو وڃي.
ملڪي مارڪيٽ ۾ صرف پيٽرول ۽ ڪڻڪ نھ پر ھر شيءَ جي قيمت وڌي وئي آھي. ھن وقت ڪو بھ اھڙو اسم باقي نھ بچيو آھي، جنھن جي اگھھ ۾ اضافو نھ ٿيو ھجي ۽ اھا صورتحال ھڪ طرف عوام جي لاءِ عذاب جو سبب بڻجي وئي آھي ۽ ٻي طرف حڪمران بھ خوف جو شڪار آھن تھ مھانگائيءَ جو سٽيل عوام بھ جيڪڏھن مخالف ڌر سان ملي ويو تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان خطرناڪ امڪان جي حوالي سان حڪومتي ڌر کي نھ صرف پنھنجي حال پر پنھنجي آئيندي جي آڏو بھ سنجيده سوال اڀرندا نظر اچن ٿا.
عمران خان پنھنجي پوري تحرڪ ۾ آھي ۽ سرڪار کي ساھه پٽڻ جيتري وٿي بھ نھ ٿو ڏئي. عمران خان پاران حڪومت جو احتجاجي گھيرو ڪرڻ جي صورت ۾ ھاڻي اھڙو ماحول جڙي رھيو آھي، جنھن ۾ ملڪ جي اھم ادارن جي پوزيشن ۾ بھ چرپر پيدا ٿي رھي آھي. رياست جي ڌڻين کي اھو بھ خوف آھي تھ جيڪڏھن معاملو ورڇ جي طرف وڌي ويو تھ پوءِ ڇا ٿيندو؟ عمران خان منڍ کان وٺي اليڪشن ڪميشن جي سربراهھ خلاف نھ صرف ڳالھيون پر تقريرون ڪندو رھيو آھي. ھو اسٽيبلشمينٽ کي بھ تنقيد جو نشانو بڻائيندو رھيو آھي. ھن وقت ھن جي اک ان پکيءَ کي چٽڻ لاءِ نشانو ٻڌي رھي آھي، جنھن پکيءَ جو نالو تڪڙيون چونڊون آھن. اھو ئي سبب آھي تھ ھن حيران ۽ پريشان حڪومت جي مٿان جيل ڀريو تحريڪ جو وار ڪيو آھي ۽ اھو ڪڏھن لاھور تھ ڪڏھن پشاور ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪري رھيو آھي، جنھن ۾ صوبن جي عارضي انتظاميا تمام گھڻي عدم تحفظ جي احساس ۾ ھلي وڃي ٿي. ساڳي طرح سان ھو مھانگائيءَ جي مسئلي کي کڻي انھن ماڻھن کي بھ پنھنجي سپورٽ ۾ سڏي رھيو آھي، جيڪي ماڻھو غيرسياسي آھن پر اڪثريت ۾ آھن. عمران خان جي سلسلي ۾ جيڪي سياسي عالم سمجھو آھن، انھن کي معلوم آھي تھ عمران خان جا ھي گھڻ طرفا گھيرا اصل ۾ ان چونڊ جي مھم آھي، جنھن چونڊ جي مٿان ڪيترن ئي امڪانن جا ڪارا ڪڪر ڪٺا ٿي رھيا آھن. عمران خان چاھي ٿو ھڪ طرف اھي امڪان ختم ٿين ۽ ٻي طرف ھن جي نااھليءَ جو خطرو ٽري وڃي ۽ ٽين طرف ھن ۽ ملڪ جي مڪمل اقتدار جي وچ ۾ ڪا بھ قوت پنھنجي ماضيءَ واري مداخلت جو بنھھ نھ سوچي.